Skip to main content

”پير پير جو پنهنجو پنڌ“ شاعريءَ جي سڳنڌ ڀريو گلدستو محمد سليمان وساڻ Rakhial Morai

پير پير جو پنهنجو پنڌ“ شاعريءَ جي سڳنڌ ڀريو گلدستو

محمد سليمان وساڻ

سنڌ ي ٻوليءَ جي 12 شاعرن ۽ شاعرائن جي شاعريءَ جو گڏيل مجموعو ”پير پير جو پنهنجو پنڌ“ منهنجي هٿن ۾ آهي. هن 12 تخليقڪارن مان ڪجهه سينئر آهن ته ڪجهه کي شاعريءَ جي ميدان ۾ ايندي ٿورو عرصو ٿيو آ. وفا گل محمد جمالي اڄڪلهه شاعري ڪرڻ سان گڏ شاعريءَ کي ڇپائڻ لاءِ چڱيون ڪوششون پيو ڪري.
شاعري پنهنجي اندر جي آواز ۽ احساس کي ٻين تائين پهچائڻ جو سگهارو ذريعو آهي. شاعري ذريعي ٿورين سٽن ۾ وڏا پيغام پر سگهاري انداز ۾ منتقل ڪيا وڃن ٿا. ڪتاب ۾ موجود ڪجهه شاعر دوستن سان تمام گهڻي ويجهڙائي رهي آهي. جيئن ذوالفقار بهڻ منهنجي انهن دوستن مان آهي جن مونکي ادبي دنيا ۾ آڻي رهنمائي ڪئي. ذوالفقار سان ڪراچيءَ ۾ رهندي سنڌي ادبي ايسوسيئيشن فيسبوڪ جي پليٽفارم تان ڪم شروع ڪيوسين. اڄڪلهه ذوالفقار سوشل ميڊيا کان پاسيرو آهي پر ساڻس دوستي پڪي ۽ پختي آهي. سندس شاعريءَ ۾ اميد جو پيغام سمايل هوندو آهي، سندس شاعري ۾ حالتن ۽ مشڪلاتن جو ذڪر هوندو آهي.
سائنڻ اندرا پوناوالا هند ۽ سنڌ جي مشهور شاعره آهي. سندس کوڙ ڪتاب ڇپيا آهن. هو شاعره هجڻ سان گڏ بهترين ڪهاڻيڪاره به آهي. 2013ع ۾ اندرا صاحبه جڏهن سنڌ آئي هئي ته ساڻس مختلف پروگرامن، سمنڊ ڪناري، ڪراچي جي مندرن يا اخباري آفيسن ۾ ساڻس گڏ هيس. هو ڏاڍي حساس شخصيت جي مالڪه آهي. ظلم ۽ اڻ برابري واري حالتن کي ڏسندي روئي پوندي آهي ۽ درد سندس لفظ بڻجي ويندا آهن. هوءَ سنڌ ڌرتي ۽ ڪائنات جي فطرتي حسناڪين سان اڻ ميو پيار ڪندي آهي. سندس غزل جون هي سٽون ته پڙهو:
دنيا سان پيار منهنجو، اکرين بيان ڪونهي
ڌرتيءَ مثال سندر، ٻيو ڪو جهان ڪونهي.
عبد الواحد سومرو عرف مجروح ڀٽشاهي منهنجي ويجهن دوستن مان هڪ آهي. هن سان هجتون به هلنديون آهن ته مذاق ۽ مستي به هلندي آهي. هو سنڌ سلامت سٿ جو سرگرم رڪن آهي. سندس شاعري روح جي پاتال ۾ ديرو ٺاهي ٿي وٺي.
عشق جي هن کيل کان هئي مونکي هر ڪنهن ڪئي منع،
پوءِ به اي مجروح، آخرڪار مون هي ڇا ڪيو.

امداد سهتي جي شاعري سدائين سوشل ميڊيا تي پڙهندو رهندو آهيان. امداد اسان جو رهنما آهي. هو سدائين حوصلو بڻجي اسان جي سگهه وڌائيندو رهيو آهي. سندس شاعري ڊزائن جي انداز ۾ ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن جي صورت ۾ به سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ٿيندي رهي آهي. هو بهترين شاعر آهي جيڪو زماني جي ڏکن سورن کي لفظن جا ويس پارائي شاعري بڻائي ٿو ڇڏي.
ماهين هيسباڻي جي شاعري ٿوري ئي سهي پر پاڻ ڏانهن توجهه ڪرائي وجهي ٿي. هوءَ حساس شاعره آهي جنهن جي لفظن ۾ اثر آهي. هوءَ شاعري کي سهڻي انداز ۾ ادا ڪرڻ به ڄاڻي، ڇو ته پاڻ بهترين ڪمپيئر آهي. سندس شاعري ۾ مجاز جا رنگ موجود آهن.
مان ته ڏسنديس پئي تون ڏس نه ڀلي،
منهنجي اکڙين کي تون نه روڪ سڄڻ.

فرزانه شاهين سينيئر شاعره ۽ ڪهاڻيڪاره آهي. هو بهادر ليکڪه آهي جيڪا زماني جي حالتن ۽ عورتن سان ٿيندڙ منفي رويي کي بنا ججهڪ پنهنجي قلم ذريعي لکي ٿي.
صنم نجيب سٺي شاعره آهي جنهن اردو ۽ سنڌي ۾ شاعري ڪئي آهي. شبانه عالماڻي شاعري جي دنيا ۾ جلد پنهنجو نالو روشن ڪيو آهي. 
ارشاد سومرو، وفا گل محمد جمالي، فرهاد جروار سميت هن ڪتاب ۾ موجود سڀني شاعرن جي شاعريءَ خوبصورت رنگن ذريعي شاعريءَ جو گلدستو ٺاهي ورتو آهي.
جي ايم لاڙڪ مونتي مهربان رهندو آهي. سندس ڪتابن جا تحفا سندس ياد ڏياريندا رهن ٿا. هو حساس شاعر آهي. هر ڪيفيت ۽ هر ڏکاري احساس کي شاعري جا رنگ ڏئي اسان سان شيئر ڪندو آهي.
مجموعي طور ايئن چئجي ته هي ڪتاب ”پير پير جو پنهنجو پنڌ“ شاعريء جو گلدستو آهي ته ان ۾ ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو.

___



Comments

Popular posts from this blog

Reading session عنوان ٻولي سکڻ جون مھارتون Class ADE subject Sindhi پڙھڻ جا جزا پنجن جزن ۾ ورهايو ويو آهي . )1صوتي ڄاڻ )2آواز جو علم )3رواني )4لفظن جو ذخيرو )5سمجهي پڙهڻ

Reading session عنوان ٻولي سکڻ جون مھارتون Class ADE subject Sindhi پڙھڻ ڪنھن به ٻولي ۾ شاگرد جو چار بنيادي لساني مھارتن ٻڌڻ، ڳالھائڻ، پڙھڻ ۽ لکڻ جو سکڻ تمام اھم آھي. لساني تحقيق ٻڌائي پئي ته ننڍا   ٻار اسڪول اچڻ کان اڳ پنھنجي معاشري ۽ گھر جي ماحول مان ٻڌڻ ۽ ڳالھائڻ سکي چڪا ھوندا آھن. پڙھڻ ۽ لکڻ ۾ شاگرد جي مھارت استاد جي معاونت سان ٿيندي آھي جيڪي ھو پھرين درجي کان وٺي پنجين درجي تائين مھيا ڪندا / ڪنديون آھن. پڙھڻ جا جزا پنجن جزن ۾ ورهايو ويو آهي  . )1 صوتي ڄاڻ )2 آواز جو علم )3 رواني )4 لفظن جو ذخيرو )5 سمجهي پڙهڻ روانيء سان پڙھڻ جون خاصيتون: صحيح اچار  رواني مناسب الھا چاڙھا تاڪيد مفھوم جي وضاحت مناسب وٿي مھارتون ذهانت ڇا آهي؟ سکڻ جي صلاحيت ۽ پوءِ ان صلاحيت سان روز مره جي پڙهائڻ دوران ايندڙ مشڪلاتن کي سٺي طريقي سان سلجھائڻ کي ذهانت چئبو آهي . روايتي نظرين ۽ پڙهائڻ جي طريقن ۾ ذهانت جي ترقيءَ لاءِ فقط ٻولي ()Language ۽ عدد شماري ( )Mathematic جي مهارت ڪافي هئي. ان ۾ فقط استاد کي علم جو ذريعو سمجهيو ويندو هو. استاد جو ڪم ٻارن تائين معلومات پهچائڻ هوندو هو. سڀ نظريه

A success story By newly appointed IBA pass HM Saima Khalil, HM at GGPS University campus

A success story By newly appointed IBA pass HM  Saima Khalil, HM at GGPS University campus ================================================================== A success story I am saima khalil newly appointed HM at GGPS University campus when I went to my school there were many serious issues such as low enrollment , drop out, taking money for every things from students( for admission, report cards even for books) short of attandance, no punctuality,less involvment of cummunity, lack of motivation in teacher lack of leadership firstly I observe what are actual issue then with in two days i realiz actuall issue of school is grouping between teachers and worest leadership no one want to sit with other group. Then I start working as mentor I call meetings formal and informal both, motivat them toward their duities after that I take step to utiliz my resources to make school better place for student, I went to karachi university and asked diffrent departments for volintear work and I s

SESLOAF booklet review workshop 22-24 feburay 2017 @ PSTD Karachi

SINDH EDUCATION STUDENTS LEARNING OUTCOME FRAMEWORK (SESLOF) I have been nominated as subject expert for Review and finalization of SESLOF booklet. venue :PSTD Date 22-24 February 2017. Resource persons are Madam rana hussain Rana Hussain | Senior Advisor (Quality Education) | European Union TA | SESSP | British Council | British Deputy High Commission, Shahra-e-Iran, Clifton Karachi Badar Munir Razia Fakir As a subject expert I zulfiqar behan,Idress Jatio and salma Rajpar working on SESLOF framework. Introduction and purpose of workshop discribed by Rana Hussain. Razia Fakir divided to participants in two group. Sindhi group reviewed the draft of SESLOAF booklet and refined, it was very detailed review. We addressed some issues that there is map of sindh, we think it is not updated so we suggest that it should be updated and editing, clarification needed. Other issue we highlighted that there are so many translation and textual errors in technical pages of draft