”پير پير جو پنهنجو پنڌ“ شاعريءَ جي سڳنڌ ڀريو گلدستو
محمد سليمان وساڻ
سنڌ ي ٻوليءَ جي 12 شاعرن ۽ شاعرائن جي شاعريءَ جو گڏيل مجموعو ”پير پير جو پنهنجو پنڌ“ منهنجي هٿن ۾ آهي. هن 12 تخليقڪارن مان ڪجهه سينئر آهن ته ڪجهه کي شاعريءَ جي ميدان ۾ ايندي ٿورو عرصو ٿيو آ. وفا گل محمد جمالي اڄڪلهه شاعري ڪرڻ سان گڏ شاعريءَ کي ڇپائڻ لاءِ چڱيون ڪوششون پيو ڪري.
شاعري پنهنجي اندر جي آواز ۽ احساس کي ٻين تائين پهچائڻ جو سگهارو ذريعو آهي. شاعري ذريعي ٿورين سٽن ۾ وڏا پيغام پر سگهاري انداز ۾ منتقل ڪيا وڃن ٿا. ڪتاب ۾ موجود ڪجهه شاعر دوستن سان تمام گهڻي ويجهڙائي رهي آهي. جيئن ذوالفقار بهڻ منهنجي انهن دوستن مان آهي جن مونکي ادبي دنيا ۾ آڻي رهنمائي ڪئي. ذوالفقار سان ڪراچيءَ ۾ رهندي سنڌي ادبي ايسوسيئيشن فيسبوڪ جي پليٽفارم تان ڪم شروع ڪيوسين. اڄڪلهه ذوالفقار سوشل ميڊيا کان پاسيرو آهي پر ساڻس دوستي پڪي ۽ پختي آهي. سندس شاعريءَ ۾ اميد جو پيغام سمايل هوندو آهي، سندس شاعري ۾ حالتن ۽ مشڪلاتن جو ذڪر هوندو آهي.
سائنڻ اندرا پوناوالا هند ۽ سنڌ جي مشهور شاعره آهي. سندس کوڙ ڪتاب ڇپيا آهن. هو شاعره هجڻ سان گڏ بهترين ڪهاڻيڪاره به آهي. 2013ع ۾ اندرا صاحبه جڏهن سنڌ آئي هئي ته ساڻس مختلف پروگرامن، سمنڊ ڪناري، ڪراچي جي مندرن يا اخباري آفيسن ۾ ساڻس گڏ هيس. هو ڏاڍي حساس شخصيت جي مالڪه آهي. ظلم ۽ اڻ برابري واري حالتن کي ڏسندي روئي پوندي آهي ۽ درد سندس لفظ بڻجي ويندا آهن. هوءَ سنڌ ڌرتي ۽ ڪائنات جي فطرتي حسناڪين سان اڻ ميو پيار ڪندي آهي. سندس غزل جون هي سٽون ته پڙهو:
دنيا سان پيار منهنجو، اکرين بيان ڪونهي
ڌرتيءَ مثال سندر، ٻيو ڪو جهان ڪونهي.
عبد الواحد سومرو عرف مجروح ڀٽشاهي منهنجي ويجهن دوستن مان هڪ آهي. هن سان هجتون به هلنديون آهن ته مذاق ۽ مستي به هلندي آهي. هو سنڌ سلامت سٿ جو سرگرم رڪن آهي. سندس شاعري روح جي پاتال ۾ ديرو ٺاهي ٿي وٺي.
عشق جي هن کيل کان هئي مونکي هر ڪنهن ڪئي منع،
پوءِ به اي مجروح، آخرڪار مون هي ڇا ڪيو.
امداد سهتي جي شاعري سدائين سوشل ميڊيا تي پڙهندو رهندو آهيان. امداد اسان جو رهنما آهي. هو سدائين حوصلو بڻجي اسان جي سگهه وڌائيندو رهيو آهي. سندس شاعري ڊزائن جي انداز ۾ ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن جي صورت ۾ به سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ٿيندي رهي آهي. هو بهترين شاعر آهي جيڪو زماني جي ڏکن سورن کي لفظن جا ويس پارائي شاعري بڻائي ٿو ڇڏي.
ماهين هيسباڻي جي شاعري ٿوري ئي سهي پر پاڻ ڏانهن توجهه ڪرائي وجهي ٿي. هوءَ حساس شاعره آهي جنهن جي لفظن ۾ اثر آهي. هوءَ شاعري کي سهڻي انداز ۾ ادا ڪرڻ به ڄاڻي، ڇو ته پاڻ بهترين ڪمپيئر آهي. سندس شاعري ۾ مجاز جا رنگ موجود آهن.
مان ته ڏسنديس پئي تون ڏس نه ڀلي،
منهنجي اکڙين کي تون نه روڪ سڄڻ.
فرزانه شاهين سينيئر شاعره ۽ ڪهاڻيڪاره آهي. هو بهادر ليکڪه آهي جيڪا زماني جي حالتن ۽ عورتن سان ٿيندڙ منفي رويي کي بنا ججهڪ پنهنجي قلم ذريعي لکي ٿي.
صنم نجيب سٺي شاعره آهي جنهن اردو ۽ سنڌي ۾ شاعري ڪئي آهي. شبانه عالماڻي شاعري جي دنيا ۾ جلد پنهنجو نالو روشن ڪيو آهي.
ارشاد سومرو، وفا گل محمد جمالي، فرهاد جروار سميت هن ڪتاب ۾ موجود سڀني شاعرن جي شاعريءَ خوبصورت رنگن ذريعي شاعريءَ جو گلدستو ٺاهي ورتو آهي.
جي ايم لاڙڪ مونتي مهربان رهندو آهي. سندس ڪتابن جا تحفا سندس ياد ڏياريندا رهن ٿا. هو حساس شاعر آهي. هر ڪيفيت ۽ هر ڏکاري احساس کي شاعري جا رنگ ڏئي اسان سان شيئر ڪندو آهي.
مجموعي طور ايئن چئجي ته هي ڪتاب ”پير پير جو پنهنجو پنڌ“ شاعريء جو گلدستو آهي ته ان ۾ ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو.
___

Comments
Post a Comment