Skip to main content

Posts

Showing posts with the label سنڌي ٻارنھن مھينا

سنڌي ٻارنھن مھينا

اڄ سنڌي مهيني سانوڻ جي پهرين تاريخ آهي. سنڌي ڪئلينڊر موجب سال جي شروعات "چيٽ" جي مهيني سان ٿيندي آه سنڌي ديسي سال چنڊ جي حساب سان ليکيو ويندو آهي، جڏنهن تہ برصغير ۾ سال چنڊ توڙي سج ٻنهي جي حساب ۾ مروج آهي ۽ هي بڪرمي ڪئلينڊر سڏبو آهي. برصغير جي ڪن علائقن ۾ سال جي شروعات "ويساڳ" يا "بيساک" جي مهيني کان ڪئي ويندي آهي ۽ اتي چيٽ جو مهينو سال جو آخري مهينو ليکيو ويندو آهي، مگر سنڌ سميت هندوستان جي ڪن علائقن ۾ وري سال جو پهريون مهينو "چيٽ" شمار ٿيندو آهي.  سج جي حساب سان  مارچ جي 15 تاريخ  تي سنڌي مهيني چيٽ جي پهرين تاريخ بيهندي آهي ۽ چنڊ جي حساب سان وري هر مهيني جي پهرين تاريخ جو آغاز "پورن ماسي" يعني 14 جي چنڊ جي ٻي رات واري ڏينهن يعني پندرھين کان ٿيندو آهي.  چنڊ جي حساب سان تاريخ ڪڍڻ واري عمل کي سنڌ ۾" تٿ" ٻڌڻ چئبو آهي.  سنڌي سال جا ٻارنهن مهينا هن ترتيب سان آهن. 1. چيٽ 2. ويساڳ 3. ڄيٺ 4. هاڙه 5. سانوڻ 6. بڍو 7. اَسُو 8. ڪَتِي 9. ناهري 10. پوھُ 11. مانگھ 12. ڦُڳَڻُ ان ترتيب ۾ سانوڻ مهينو سنڌي سال جو پنجون مهينو آهي. سج جي حساب سان