”پير پير جو پنهنجو پنڌ“ شاعريءَ جي سڳنڌ ڀريو گلدستو محمد سليمان وساڻ Rakhial Morai
” پير پير جو پنهنجو پنڌ“ شاعريءَ جي سڳنڌ ڀريو گلدستو محمد سليمان وساڻ سنڌ ي ٻوليءَ جي 12 شاعرن ۽ شاعرائن جي شاعريءَ جو گڏيل مجموعو ”پير پير جو پنهنجو پنڌ“ منهنجي هٿن ۾ آهي. هن 12 تخليقڪارن مان ڪجهه سينئر آهن ته ڪجهه کي شاعريءَ جي ميدان ۾ ايندي ٿورو عرصو ٿيو آ. وفا گل محمد جمالي اڄڪلهه شاعري ڪرڻ سان گڏ شاعريءَ کي ڇپائڻ لاءِ چڱيون ڪوششون پيو ڪري . شاعري پنهنجي اندر جي آواز ۽ احساس کي ٻين تائين پهچائڻ جو سگهارو ذريعو آهي. شاعري ذريعي ٿورين سٽن ۾ وڏا پيغام پر سگهاري انداز ۾ منتقل ڪيا وڃن ٿا. ڪتاب ۾ موجود ڪجهه شاعر دوستن سان تمام گهڻي ويجهڙائي رهي آهي. جيئن ذوالفقار بهڻ منهنجي انهن دوستن مان آهي جن مونکي ادبي دنيا ۾ آڻي رهنمائي ڪئي. ذوالفقار سان ڪراچيءَ ۾ رهندي سنڌي ادبي ايسوسيئيشن فيسبوڪ جي پليٽفارم تان ڪم شروع ڪيوسين. اڄڪلهه ذوالفقار سوشل ميڊيا کان پاسيرو آهي پر ساڻس دوستي پڪي ۽ پختي آهي. سندس شاعريءَ ۾ اميد جو پيغام سمايل هوندو آهي، سندس شاعري ۾ حالتن ۽ مشڪلاتن جو ذڪر هوندو آهي . سائنڻ اندرا پوناوالا هند ۽ سنڌ جي مشهور شاعره آهي. سندس کوڙ ڪتاب ڇپيا آهن. هو شاعره هجڻ سان گڏ بهترين ...