Posts

Showing posts from January, 2026

سنڌي ادبي سنگت، شاخ گلشن اقبال، ڪراچي پاران عظيم سنڌي جي وڇوڙي تي تعزيتي گڏجاڻي ڏات ڌڻين

Image
  2 آڪٽوبر 2025ع  پريس ريليز  سنڌي ادبي سنگت، شاخ گلشن اقبال، ڪراچي پاران عظيم سنڌي جي وڇوڙي تي تعزيتي گڏجاڻي ڏات ڌڻين پاران عظيم سنڌيءَ جو وڇوڙو ادب، سماج ۽ ثقافتي روايتن جو نقصان قرار،  عظيم سنڌي سياسي، سماجي، ادبي ۽ ثقافتي کيتر ۾تعميري ڪردارادا ڪيو، سندس خال هڪ وڏي عرصي تائين ڀرجڻ ممڪن ڪونهي.  عظيم سنڌي ادب سان گڏ سنڌ جي قديم روايتن ۽ تمندن کي پڻ جياريو، هو نوجوانن لاءِ اتساهه هو. ۽ ٻين پاران ڀيٽا. ذوالفقار بيهڻ  سنڌ جي ڏات ڌڻين اديب ۽ دانشورعظيم سنڌيءَ جي وڇوڙي کي ادب، سماج ۽ ثقافتي روايتن جونقصان قرارڏنوآهي. عظيم سنڌي جهڙا جينئن اديب ورثي ۾ پيدا ٿيندا آهن. اهڙن خيالن جواظهارسنڌي ادبي سنگت، شاخ گلشن اقبال، ڪراچي پاران سنڌي ٻولي جي نامياري شاعر، اديب، دانشور، سماج سڌارڪ ۽ پبلشرعظيم سنڌي جي وڇوڙي تي شهيد بينظير ڀٽو لائبريري، سچل ڳوٺ،ڪراچيءَ ۾ منعقد ڪيل تعزيتي گڏجاڻي ۾اديبن، شاعرن، محققن ۽ سياسي ڪارڪنن خراج تحسين ۾ڪيو. ان موقعي تي گڏجاڻي جي صدارت ڪندي نالي واري اديب ۽ محقق ڊاڪٽرذوالفقار بهڻ چيوته عظيم سنڌي سنڌ جي ادب ۽ مزاحمتي تحريڪ ۾جاکوڙي ڪردارادا ڪيو. ...

استعارو. Metaphor

Image
  استعارو(انگريزي: Metaphor ) ھڪ ادبي اصطلاح آهي.مختيار احمد ملاح لکي ٿو تہ”استعاري“ جي لفظي معنيٰ آھي اڌارو وٺڻ، اصطلاحي معنيٰ اھي. ”ڪنھن لفظ جي حقيقي معنيٰ بدران اڌاري معنيٰ آڻڻ“. تشبيه ۽ استعاري ۾ ھي فرق آھي ته تشبيھه ۾ ھڪڙي شيءِجي ٻيءَ شيءِ سان ڀيٽ ڪبي آهي. جيئن ’احمد شينھن جھڙو مڙس اھي‘، پر استعاري ۾ ’احمد شينھن اھي‘ جو فقرو ڪم ايندو آهي. هن ۾ احمد لاءِ شينهن واريون خوبيون اڌاريون ورتيون ويون آهن. استعاري ۾ حرف تشبيهه جهڙو، وانگر، جيان وغيره ڪم نه آڻبو آهي[1] انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا مطابق جي لغوي معنيٰ ’اشارو‘. حسن بيانيءَ جي هڪ شاعراڻي صنف، جنهن ۾ حقيقي ۽ مجازي معنيٰ جي وچ ۾ -تشبيهه- جو تعلق قائم ڪيو وڃي. مثال طور ”گُل“ چئي، ”سُهڻي شڪل“ جو مفهوم ادا ڪرڻ.[2]