اسکول کھلنے کے آغاز پر اساتذہ کے لیے جامع سفارشات تحریر: ڈاکٹر ذوالفقار بیہن اسڪول کُلڻ جي شروعات تي استادن لاءِ جامع سفارشون تحرير: ڊاڪٽر ذوالفقار بهڻ
اسکول کھلنے کے آغاز پر اساتذہ کے لیے جامع سفارشات تحریر: ڈاکٹر ذوالفقار بیہن اسڪول کُلڻ جي شروعات تي استادن لاءِ جامع سفارشون تحرير: ڊاڪٽر ذوالفقار بهڻ نئين تعليمي سال جي شروعات رڳو پڙهائڻ جو آغاز نه، پر شاگردن جي شخصيت جي تعمير، اعتماد جي بحالي ۽ هڪ مثبت، محفوظ ۽ سکيا دوست ماحول قائم ڪرڻ جو بهترين موقعو هوندو آهي. جيڪڏهن استاد شروعاتي ڪجهه ڏينهن محبت، حڪمت عملي ۽ سٺي رٿابندي سان گذارين، ته سڄو تعليمي سال خوشگوار، اثرائتو ۽ نتيجه خيز بڻجي سگهي ٿو. 1. محبت ڀريي آجيان سان شروعات ڪريو - هر شاگرد جو مرڪ، شفقت ۽ احترام سان استقبال ڪريو. - شاگردن کي اهو احساس ڏياريو ته اسڪول سندن محفوظ، خوشگوار ۽ ٻيو گهر آهي. - نون داخل ٿيندڙ شاگردن جي خاص رهنمائي ڪريو، جيئن هو جلد نئين ماحول سان هم آهنگ ٿي سگهن. 2. جذباتي ۽ نفسياتي سهائتا فراهم ڪريو - شاگردن کي موڪلن جا تجربا، احساس ۽ يادون ونڊڻ جو موقعو ڏيو. - هر شاگرد جي ذهني، جذباتي ۽ سماجي حالت کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريو. - اهڙو ماحول پيدا ڪريو، جتي هر ٻار بنا هٻڪ پنهنجي راءِ جو اظهار ڪري سگهي. 3. پهرئين هفتي کي تعارف ۽ بحاليءَ جو هفتو بڻايو - پهرئين ه...