100 سبق استادن لاءِ_ 100 Lessons for Teachers By Dr Zulifiqar Behan in Sindhi language
ھي ڪتاب ناءُ ڪيان ٿو انھن سڀني استادن جي، جيڪي ، 100 Lessons for Teachers By Dr Zulifiqar Behan in Sindhi language Zulfiqar Behan https://www.facebook.com/share/v/14LwnG55T4s/ #100_سبق_استادن_لاءِ_ #100LessonsForTeachers #DrZulfiqarBehan #ZulfiqarBehanBooks #TeachersBook #SindhiBook #TeachingWisdom هي ڪتاب انهن جي نانءُ جيڪي علم جي واٽن تي روشنيءَ جا ڏيئا ٻاري، محبت، صبر ۽ جدوجھد سان قوم جي مستقبل کي سنوارين ٿا. جيڪي شاگردن جي ذهنن ۾ اميد جا گل پوکين ٿا ۽ تبديليءَ جو بنياد بڻجن ٿا . اوھان جي محنت، علم ۽ خلوص کي هي ڪتاب خراجِ تحسين پيش ڪري ٿو . سبق 1: بهترين استاد اهو آهي، جيڪو هر دل ۾ اميد جا ڏيئا ٻاري ٿو . سبق 2: جيڪو ڪلاس کي صرف ڪمرو نه، پر خوابن جو جهان بڻائي ٿو . سبق 3:جيڪو هر ٻار ۾ مستقبل جو ستارو ڏسي ٿو . سبق 4: جيڪو مايوسيءَ کي حوصلي ۾ بدلائي ٿو . سبق 5: جيڪو علم سان گڏ محبت سيکاري ٿو . سبق 6:جيڪو شاگرد جي اکين ۾ پنهنجو مقصد لهي ٿو . سبق 7:جيڪو وقت کان اڳ اچي ٿو ۽ سڀني کان پوء وڃي ٿو . سبق 8:جيڪو هر شاگرد کي چوندو آهي: “تون ڪري سگهين ٿو !” ...