چندن مل کلناڻي جي سالگرهه ملهائي پئي وڃي ٿي، جيڪو هڪ نامور تعليم دان، ليکڪ ۽ منتظم هو. هو ۵ آڪٽوبر ۱۸۴۴ع تي ڀيريا شھر، ضلعي نوشهرو فيروز ۾ پيدا ٿيو.



اڄ ديوان ڪوڙو مل چندن مل کلناڻي جي سالگرهه ملهائي

 پئي وڃي ٿي، جيڪو هڪ نامور تعليم دان، ليکڪ ۽ منتظم هو. هو ۵ آڪٽوبر ۱۸۴۴ع تي ڀيريا شھر، ضلعي نوشهرو فيروز ۾ پيدا ٿيو. هن پنهنجي پيشاورانه زندگيءَ جي شروعات مترجم طور ڪئي ۽ پوءِ تدريسي شعبي ۾ قدم رکيو. ان کان پوءِ هن ڪيترن ئي اهم عهدن تي ڪم ڪيو، جن ۾ حيدرآباد جو سٽي مئجسٽريٽ، ڊپٽي ڪليڪٽر، ميو نسپل ڪمشنر ۽ هيلٿ آفيسر شامل آهن. خاص ڳالهه اها آهي ته هو حيدرآباد جي ٽريننگ ڪاليج فار مين جو پهريون پرنسپل پڻ رهيو.

انتظامي قابليتن کان علاوه ديوان ڪوڙو مل چندن مل کلناڻي پاڻ کي هڪ نامور رياضي دان طور به مڃرايو. هن جي ادبي خدمتن ۾ هندسي (جيوميٽري) جون ڪتابون فارسي ۽ ٻين ٻولين مان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ شامل آهيون. ان کان سواءِ، هن پنجاهه کان وڌيڪ نصابي ڪتاب لکيا، جيڪي مختلف مضمونن تي مشتمل هئا.

هن ۱۶ ڊسمبر ۱۹۱۶ع تي هن فاني دنيا کي الوداع چيو.
هو حيدرآباد جي گورنمينٽ اليمنٽري ڪاليج (جي اي سي اي) جو پهريون پرنسپل پڻ هو.


Comments

Popular posts from this blog

Reading session عنوان ٻولي سکڻ جون مھارتون Class ADE subject Sindhi پڙھڻ جا جزا پنجن جزن ۾ ورهايو ويو آهي . )1صوتي ڄاڻ )2آواز جو علم )3رواني )4لفظن جو ذخيرو )5سمجهي پڙهڻ

پڙھڻ جا جزا components of reading parhan ja Juza

Types of Education