Skip to main content

سنڌي ٻارنھن مھينا

اڄ سنڌي مهيني سانوڻ جي پهرين تاريخ آهي. سنڌي ڪئلينڊر موجب سال جي شروعات "چيٽ" جي مهيني سان ٿيندي آه سنڌي ديسي سال چنڊ جي حساب سان ليکيو ويندو آهي، جڏنهن تہ برصغير ۾ سال چنڊ توڙي سج ٻنهي جي حساب ۾ مروج آهي ۽ هي بڪرمي ڪئلينڊر سڏبو آهي. برصغير جي ڪن علائقن ۾ سال جي شروعات "ويساڳ" يا "بيساک" جي مهيني کان ڪئي ويندي آهي ۽ اتي چيٽ جو مهينو سال جو آخري مهينو ليکيو ويندو آهي، مگر سنڌ سميت هندوستان جي ڪن علائقن ۾ وري سال جو پهريون مهينو "چيٽ" شمار ٿيندو آهي.
 سج جي حساب سان  مارچ جي 15 تاريخ  تي سنڌي مهيني چيٽ جي پهرين تاريخ بيهندي آهي ۽ چنڊ جي حساب سان وري هر مهيني جي پهرين تاريخ جو آغاز "پورن ماسي" يعني 14 جي چنڊ جي ٻي رات واري ڏينهن يعني پندرھين کان ٿيندو آهي.  چنڊ جي حساب سان تاريخ ڪڍڻ واري عمل کي سنڌ ۾" تٿ" ٻڌڻ چئبو آهي.
 سنڌي سال جا ٻارنهن مهينا هن ترتيب سان آهن.
1. چيٽ
2. ويساڳ
3. ڄيٺ
4. هاڙه
5. سانوڻ
6. بڍو
7. اَسُو
8. ڪَتِي
9. ناهري
10. پوھُ
11. مانگھ
12. ڦُڳَڻُ

ان ترتيب ۾ سانوڻ مهينو سنڌي سال جو پنجون مهينو آهي. سج جي حساب سان سانوڻ جو آغاز 16 جولاء کان ۽ چنڊ جي حساب سان هن سال سانوڻ مهيني جو آغاز اڄ 16 جولاء 2019، يا 15 ذي القعد کان ٿيو آهي.
مند جي حساب سان سانوڻ مهينو سنڌ ۾ مندائتن برساتن جو مهينو ليکبو آهي. سانوڻي جا مينهن سنڌ ۾ سُڪر ۽ ساوڪ آڻيندا آهن. پلر جي پالوٽ ٿيندي آهي، مارو ماڻهن جون اکيون اڀ ۾ اوڀر ۽ اتر کان ايندڙ بادلن ڏانهن واجهائينديون ته سندن ڪن تاڙي جي تنوار ٻڌڻ جا مشتاق هوندا آهن. جڏنهن پورب جي هوا پاڻ سان گڏ چيڪي مٽيء جي خوشبوء ۽ گجگوڙ ڪندڙ ڪارا بادل کڻي ايندي آهي ته ان کان اڳ تاڙي جون بيتاب ڪوڪون ۽ تنوارون ماروئڙن  کي سانوڻيء جي برساتن جو ڄڻ اڳواٽ اطلاع پهچائي ڇڏينديون آهن.

آگَمَ ڪَيا اَللهَ، لَڳَہَ پَسُ! لَطِيفُ چئي؛
پَلَرَ جي پالُوٽَ سين، پَٽَنِ جَھلِيا پاهَ؛
واحِد وَڏائِي ڪَيا، مَٿي گَسَن گاهَ؛
سانگِيُن وَرِيا ساهَ، اُٺُنِ آبُ آگُوندِرو.

اَڄُ پڻ اُتَرَ پارَ ڏي، تاڙي ڪِي تَنوارَ؛
ھارِيُنِ ھَرَ سَنباھِيا، سَرَھا ٿِيا سَنگھارَ؛
اَڄُ پڻ مُنھنجي يارَ، وَسَڻَ جا ويسَ ڪَيا.

Comments

Popular posts from this blog

Reading session عنوان ٻولي سکڻ جون مھارتون Class ADE subject Sindhi پڙھڻ جا جزا پنجن جزن ۾ ورهايو ويو آهي . )1صوتي ڄاڻ )2آواز جو علم )3رواني )4لفظن جو ذخيرو )5سمجهي پڙهڻ

Reading session عنوان ٻولي سکڻ جون مھارتون Class ADE subject Sindhi پڙھڻ ڪنھن به ٻولي ۾ شاگرد جو چار بنيادي لساني مھارتن ٻڌڻ، ڳالھائڻ، پڙھڻ ۽ لکڻ جو سکڻ تمام اھم آھي. لساني تحقيق ٻڌائي پئي ته ننڍا   ٻار اسڪول اچڻ کان اڳ پنھنجي معاشري ۽ گھر جي ماحول مان ٻڌڻ ۽ ڳالھائڻ سکي چڪا ھوندا آھن. پڙھڻ ۽ لکڻ ۾ شاگرد جي مھارت استاد جي معاونت سان ٿيندي آھي جيڪي ھو پھرين درجي کان وٺي پنجين درجي تائين مھيا ڪندا / ڪنديون آھن. پڙھڻ جا جزا پنجن جزن ۾ ورهايو ويو آهي  . )1 صوتي ڄاڻ )2 آواز جو علم )3 رواني )4 لفظن جو ذخيرو )5 سمجهي پڙهڻ روانيء سان پڙھڻ جون خاصيتون: صحيح اچار  رواني مناسب الھا چاڙھا تاڪيد مفھوم جي وضاحت مناسب وٿي مھارتون ذهانت ڇا آهي؟ سکڻ جي صلاحيت ۽ پوءِ ان صلاحيت سان روز مره جي پڙهائڻ دوران ايندڙ مشڪلاتن کي سٺي طريقي سان سلجھائڻ کي ذهانت چئبو آهي . روايتي نظرين ۽ پڙهائڻ جي طريقن ۾ ذهانت جي ترقيءَ لاءِ فقط ٻولي ()Language ۽ عدد شماري ( )Mathematic جي مهارت ڪافي هئي. ان ۾ فقط استاد کي علم جو ذريعو سمجهيو ويندو هو. استاد جو ڪم ٻارن تائين معلومات پهچائڻ هوندو هو. سڀ نظريه

A success story By newly appointed IBA pass HM Saima Khalil, HM at GGPS University campus

A success story By newly appointed IBA pass HM  Saima Khalil, HM at GGPS University campus ================================================================== A success story I am saima khalil newly appointed HM at GGPS University campus when I went to my school there were many serious issues such as low enrollment , drop out, taking money for every things from students( for admission, report cards even for books) short of attandance, no punctuality,less involvment of cummunity, lack of motivation in teacher lack of leadership firstly I observe what are actual issue then with in two days i realiz actuall issue of school is grouping between teachers and worest leadership no one want to sit with other group. Then I start working as mentor I call meetings formal and informal both, motivat them toward their duities after that I take step to utiliz my resources to make school better place for student, I went to karachi university and asked diffrent departments for volintear work and I s

پڙھڻ جا جزا components of reading parhan ja Juza

پڙهڻ (Reading.  بنيادي ٻار کي ٻولي سيکارڻ جون چار مهارتون مقرر ٿيل آهن: ٻڌڻ، ڳالهائڻ، پڙهڻ (Reading) ۽ لکڻ. انهن مهارتن ۾ پڙهڻ (Reading) کي وڌيڪ اهميت ڏني وئي آهي. يعني جيڪو ٻار گھڻو پڙهي ٿو ان جي ذهانت ۾ ڪشادگي پيدا ٿيندي آهي.  انهن معاملن کي سمجهڻ لاءِ سڀ کان اڳ اهو جاچڻ ضروري هوندو آهي ته ٻار ڪهڙي سطح تي آهي. ان لاءِ ٻار جي ذهانت ۽ پڙهڻ واري عمل کي جاچڻ لاءِ جائزي (Assessment) جو عمل تمام ضروري آهي. توهان سڀ ڄاڻو ٿا ته تعليم کي سڌارڻ ۾ امتحان/ جائزو/ ٽيسٽ جو عمل تمام ضروري آهي. ٻار کي پڙهائڻ لاءِ هن جي سطح کي جاچڻ اهم ليکيو ويو آهي. ٻوليءَ جي چئن مهارتن مان پڙهڻ (Reading)، ٻوليءَ کي سمجهڻ جو هڪ اهم پهلو آهي. خيالن جي اظهار واري لکت کي زباني اچارڻ جو عمل ’پڙهڻ‘(Reading) چيو وڃي ٿو. هن عمل ۾ آواز جي علامتن/ اکرن ۽ درست زيرن زبرن کي ڄاڻي وڏي آواز يا خاموشيءَ سان ’پڙهي سمجهڻ‘ کي پڙهڻ (Reading) مڃيو ويو آهي. جيڪڏهن ڪنهن عبارت کي بغير سمجهڻ جي پڙهيو وڃي ٿو ته ان کي پڙهڻ (Reading) نه چئبو؛ يعني ڪنهن عبارت کي سمجهڻ ئي پڙهڻ (Reading) واري عمل سان سلهاڙيل آهي. ان عمل بابت ڀٽ ڌڻي سرڪار چوي ٿ