تبديلي _ آن لائين تعليم ۽ آخر ڇا ڪجي؟
ذوالفقاربھڻ
ڪووڊ 19 کان پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي انقلابي تبديليون رونما ٿيڻ لڳيون. اڄ سموري دنيا ۾ اھڙيون تبديليون اچي ويون آھن جن جوڪڏھن ڪنھن سوچيو به نه ھو. اھڙين تديلين مذھبي عبادتن کان،ثقافتي رسمن،راندين کان تعليمي سرگرمين ، صحت کان معاشي،معاشرتي،سياحتي ،مطلب ت ھر شعبي تي پنھنجا اثر ڇڏيا آھن.ڪو اھڙو شعبو ناھي جيڪوانھن تبديلين جي اثرن کان آجو ھجي.بقولHerakleitos
The only thing that does not change is change itself.
حقيقت اھا آھي ته فرد، گھر ،پاڙو، ڳوٺ ،شھر،ملڪ ۽ سموري دنيا اھرين تبديلين جي اثرن مان گذري رھي آھي. ڪووڊ 19 کان پاڻ کي بچائڻ جو واحد حل عالمي ادارن ۽ ڊاڪٽرن اھو ٻڌايو آھي ته جيترو ٿي سگھي غير ضروري ميل جول کان پاسو ڪيو،گھرن ۾ رھو نتيجي ۾ ٻارن جا ۽ وڏن جا اسڪول بند ٿي ويا.
اھڙي طرح سموري دنيا ۾ آن لائين تعليم لاءِ ماحول سازگار ٿيڻ لڳو.پاڪستان ۾ پرائيويٽ تعليمي ادارا ھڪ انڊسٽري آھي. ان انڊسٽري جا سيڙپڪار سرمائيڪار حڪومتي فيصلن ۾ ھر دور ۾ اثر رکندڙ رھيا آھن.اھي ڪيئن چاھيندا ته اھا انڊسٽري بند ٿي وڃي ۽ سندن ڪاروبار ٺپ ٿي وڃي.
اھڙي طرح ان انڊسٽري جا سرمائيدار پنھنجو ڪاروبار جاري رکيو پيا اچن. بظاھر ۽ حقيقت ۾ به شاگرد جيڪي بلڪل نه سکي رھيا ھئا، تن کي سکڻ جو ڪجھ موقعو مليو آھي ۽ اھڙي طرح پاڪستان ۾ والدين جي انڪار ۽ احتجاج باوجود وڏن کان ننڊڙن ادارن تائين آن لائين تعليم کي جاري رکڻ جوھڪ سلسلو شروع ٿي چڪو آھي.
( Kurt Lewin 1950)
Change Management Model by پيش ڪيو ھو جنھن ۾ ھن ٽي ڏاڪا بيان ڪيا ھئا.
جن ۾
Unfreeze:
Change:
Refreeze:
جھن تحت پھريئن مرحلي ۾ ماڻھن کي تبديلي لاءِ تيار ڪرڻ آھي ۽ کين اھو ٻڌائڻ ، سمجھائن ته تبديلي نھايت ضروري آھي ان کان سواءِ ڪو چارو ناھي. ۽ سموري دنيا ۾ تبديلي کي قبول مشڪل سان ڪيو ويندوآھي ان جي مخالف ۽ حمايت ۾ عملي طور ماڻھو ميدان ۾ اچي ويندا آھن. ڪڏھن ڪڏھن ته ان جي ڀرپور نموني مزاحمت يا حمايت پڻ ٿيڻ لڳندي آھي. پاڪستاني سماج انھي پھرين ڏاڪي مان گذري رھيو آھي. جتي ھر مرحلي تي تبديلي کي ته قبول ڪرڻ لا اواز اٿاريو پيو وڃي. يعني احتجاج ۽ سماجي رابطن وارين يعني فيسبڪ ٽويٽر وغيرھ تي ٽريندز ھلائڻ به شامل آھي. جڏھن ته ڪجھ ڌريون ان جي حمايت ۾ پڻ سرگردان آھن.
پوءِ به تبديلي پنھنجي جڳھ ٺاھي چڪي آھي.
Lewin’s three step model تحت
ٻئي مرحلي تي حقيقي منتقلي يا تديلي واقع عمل ۾ اچي ويندي آھي. اھڙي طرح ٽئين مرحلي تي جڏحن ماڻھو تبديلي کي قبول ڪري عمل ڪندا آھن ته اھڙي تبديلي کي وڌيڪ جامع ۽ پائدار ڪيو ويندو آھي،
ھن وقت Virtual and Distance education آن لائين تعليم جي لاءِ مختلف apps and software جو استعمال ٿي رھيو آھي. جن ۾خاص طور
Microsoft Teams
Skype
Google Meet
Google Classroom
Zoom Cloud Chat
۽ ٻيا ڪيترائي سافٽويئر ۽ ايپ استعمال ٿي رھيا آھن پاڪستان ۾ ٽيلي ايجوڪيشن کان وٺي ريڊيو ۽ ٻين زريعن جي ذريعي تعليم جو عمل جاري آھي. ھن ڏس ۾ جيڪي ڏکيائون پيش اچي رھيون آھن . اھي ؛
1. غربت
2. بجلي جو تعطل
3. انٽرنيٽ جي سھولت
4. نيٽورڪنگ جو مسئلو
5. والدين جو سھڪار نھ ھجڻ
6. ٻارن جي عملي ۽ يقيني دلچسپي
7. امتحان
وغيرھ وغيرھ
ان سموري صورتحال ۾ استاد پڻ تمام گھڻو متاثر ٿيو آھي. جيڪو بادشاھ طور ٻارن تي حڪمراني ڪندو ھو سو گھر تائين محدود ۽ محصور ٿي ويو آھي جيڪو پاڻ بچائڻ ۾ ڪوشان آھي.
آخر ڇا ڪجي؟
1.حڪومت ماڻھن جي مالي مدد ڪري.
2. ٻارن کي مفت ليپ ٽاپ، ٽيب يا موبائيل مھيا ڪري.
3. تعليم جي نطام کي قومي تحويل ۾ وٺي سرڪاري استادن کان ٻارن کي تعليم ڏياري،
4.بجلي جي بندش ۽ انٽرنيٽ جي نيٽورڪنگ کي بھٽر بنائڻ تي ڌيان ڏئي.
5. سماجي آگاھي لاءِ مھم ھلائي.

Comments
Post a Comment