Friday, September 1, 2023

شاه_عبداللطيف_ڀٽائي

 #شاه_عبداللطيف_ڀٽائي

        (1165 - 1102 ھ)

والد    : شاھ حبيب الله

ڏاڏو    : عبدالقدوس شاھ

پڙڏاڏو : جمال شاھ

تڙڏاڏو : شاھ عبدالڪريم

جنم ھنڌ : ھالا حويلي

وڏن جو تعلق : ھرات سان

1- شاھ لطيف ننڍڙو هيو تہ سندس والد ھالا مان لڏي ڪٿي وڃي رهيو ؟

جواب : ڪوٽڙي

2- ڳوٺ وائي ۾ شاھ لطيف کي ڪنهن جي درسگاه ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو ؟

جواب : آخوند نورمحمَّد ڀٽي جي درسگاه ۾

3- شاھ لطيف سنڌي ٻوليءَ کان علاوه ڪھڙين ٻولين جو عالم ۽ فاضل هيو ؟

جواب : عربي ، فارسي ، ھندي ۽ سرائيڪي

4- شاھ لطيف ھميشہ پاڻ سان گڏ ڪھڙا ڪتاب رکندو ھيو ؟

جواب : قرآن شريف ، مثنوي مولانا روم ، شاھ ڪريم بلڙيءَ واري جو ڪلام

5- سيد علي شير قانع ٺٽوي ، شاھ لطيف کي ڪھڙي ڪتاب ۾ ”اُمي“ سڏيو آھي ؟

جواب : تحفة الڪرام

6- تحفة الڪرام لطيف سرڪار جي وفات کان پوءِ ڪڏهن لکيو ويو ؟

جواب : سورنهن سالن کان پوءِ 1768ع ۾

6- شاھ لطيف کي ڪوٽڙيءَ ۾ ڪنهن سان عشق لڳو ۽ بعد ۾ ان سان شادي بہ ٿيس ؟

جواب : سعيده بي بي ڌيءَ مرزا بيگ ارغون (مغل نواب)

7- شاھ لطيف کي جڏهن مجازي عشق لڳو تہ ان وقت سندس ڪيتري عمر ھئي ؟

جاب : 20 سال

8- شاھ لطيف ، مرزا بيگ جي نياڻيءَ جي جسم جي ڪھڙي حصي کي جھلي دعا گهري ؟

جواب : آڱر

(جنهن جي آڱر سيد هٿ ۾ ، تنهنکي لهر نڪي لوڏو)

9- شاھ لطيف سڀ کان اول ڪٿان جو سفر ڪيو ؟

جواب : گنجي ٽڪر جو

10- شاھ لطيف  سامين ، جوڳين ۽ ڪاپڙين سان گڏ 1740ع ۾ ڪٿان جو سفر ڪيو ؟

جواب :  هنگلاج جو

11- شاھ لطيف  سامين ، جوڳين ۽ ڪاپڙين سان گڏ ڪيترا سال سفر ۾ رھيو ؟

جواب :  03 سال

12-  شاھ لطيف جا مريد ، بيبي سعيده بيگم کي ڇا سڏيندا ھيا ؟

جواب : تاج المخدرات (ستين جو ڇٽ)

13- مرزا بيگ پنهنجي ماڻھن سميت دَلَ ذات جي ڌاڙيلن هٿان ڪڏهن مارجي ويو ؟

جواب : 1124 ھ مطابق 1711ع

14- بيبي سعيده بيگم شادي وقت پاڻ سان گڏ ڪنهن کي وٺي آئي ھئي ؟

جواب : گولو (پنهنجي ننڍي ڀاءُ کي ، جيڪو جلد گذاري ويو)

15- ڪھڙي ڪلھوڙي حاڪم ، شاھ لطيف کي مارائڻ جي ڪوشش ڪئي ؟

جواب : ميان نور محمَّد ڪلھوڙو

16- دھليءَ جا ڪھڙا ٻہ مشھور گويا ، شاھ لطيف جي خدمت ۾ حاضر ٿيندا ھيا ؟

جواب : اٽل ۽ چنچل

17- شاھ لطيف وفات کان ٿورو اڳ ڪھڙي ڪافي چوندو رهندو ھيو ؟

جواب : ڪھڙي منجھ حساب ؟ ھئڻ منهنجو ھوت ري

18- شاھ لطيف ڪيتري عمر ۾ وفات ڪئي ؟

جواب : 63 سال (نبي سائين ۽ علي سائين جيتري عمر)

19- شاھ لطيف کي سندس وصيت موجب ڪنهنجي پيرانديءَ ۾ دفن ڪيو ويو ؟

جواب : محمود شاھ جي پيرانديءَ ۾

20- ڪلھوڙي حڪمران غلام شاھ ڪلھوڙي پنهنجي خرچ سان لطيف سرڪار جو روضو ڪڏنهن جوڙايو ؟

جواب : 1754ع

21- - شاھ لطيف جو روضو ڪھڙي نامياري رازي جوڙي راس ڪيو ؟

جواب : سکر جي مشھور رازي عيدن

22- ميرن جي صاحبيءَ ۾ ڪھڙي حڪمران شاھ لطيف جي روضي ۽ مسجد جي مرمت ڪرائي ؟

جواب : مير نصير خان ٽالپر

23- شاھ لطيف جي روضي جي قبي کي چانديءَ جو دروازو ڪنهن وجهرايو ؟

جواب : مير محمَّد خان ٽالپر

24- شاھ لطيف جي زماني ۾ ڪھڙي ٻاھرين حڪمران سنڌ تي ڪاھ ڪئي ھئي ؟

جواب : نادر شاھ

25- ان ھستيءَ جو نالو ٻڌايو جنهنجي شھادت شاھ لطيف جي حياتيءَ ۾ ٿي ؟

جواب : شاھ عنايت شھيد

26- ھڪ روايت موجب شاھ سائين سمورو ڪلام ڪراڙ ڍنڍ ۾ اڇليو ھو بعد ۾ سندس مريدن سمورو ڪلام ڪھڙي سگهڙ زال وٽان ھٿ ڪيو ؟

جواب : مائي نيامت (ملياڻي نعمت)

27- ”شاھ عبداللطيف ڀٽائي دنيا جو وڏي ۾ وڏو شاعر آھي“ اھا ڳالھ سڀ کان پهرين ڪهڙي عالم ثابت ڪئي ؟

جواب : ايڇ ٽي سورلي

28- ”شاھ جو رسالو“ سڀ کان پهريون ڪنهن ڇپرائي پڌرو ڪيو ؟

جواب : ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ

29-  شاھ لطيف جي مزار تي خاص طور تي ڪھڙي رات جو راڳ ٿيندو آھي ؟

جواب : جمعي جي رات

30- شاھ لطيف ننڍپڻ ۾ ڪھڙي راند جو شوقين هيو ؟

جواب : گز ڪمان

31- شاھ لطيف موسيقيءَ جو ڪھڙو ساز پاڻ ايجاد ڪيو ؟

جواب : تنبورو

32- ان ھندو شاعر جو نالو ٻڌايو جنهن سان شاھ لطيف جي گھري دوستي ھئي ؟

جواب : مدن ڀڳت

33- ڪھڙي شاعر کي نج سنڌي راڳ جو باني چيو وڃي ٿو ؟

جواب : شاھ عبداللطيف ڀٽائي ؒ

34- شاھ لطيف ڪھڙي بزرگ جو مريد ٿيڻ لاءِ سوچيو ھيو ؟

جواب : مخدوم محمَّد زمان لنواري واري جو

35- شاھ لطيف ، محمَّد زمان لنواري واري جو مريد ڇو ٿي نہ سگھيو ؟

جواب : نقشبندي طريقي ۾ راڳ حرام آھي ۽ لطيف سائين راڳ نہ ڇڏيو ۔

36- شاھ لطيف جو ڪھڙي ڍنڍ سان انس ھيو ؟

جواب : ڪراڙ ڍنڍ

37- لطيف سائين جي ان ھمعصر جو نالو ٻڌايو جيڪو مولودن جو وڏو شاعر ۽ ڳائيندڙ ھيو ؟

جواب : مخدوم عبدالرئوف ڀٽي

38- شاھ لطيف جي ان ھمعصر جو نالو ٻڌايو جيڪو ڪافيءَ جو بهترين شاعر ھيو ؟

جواب : ميان صاحب ڏنو فاروقي

39- شاھ لطيف ڪھڙن حاڪمن جي دور کي سونهري دور سڏيو آھي ؟

جواب : سومرا ۽ سما

40- شاھ لطيف پنهنجي شاعريءَ ۾ گُجَرِ ڪنهن کي سڏيو آھي ؟

جواب : مومل کي

41- شاھ سائين جي شاعريءَ ۾ گھڻين سورمين جو ذڪر آھي ؟

جواب : ست

42- شاھ سائين جي شاعريءَ ۾ گھڻن سورمن جو ذڪر آھي ؟

جواب :

43- شاھ سائين جي شاعريءَ ۾ گھڻن سخي ڏاتارن جو ذڪر آھي ؟

جواب : ڏھ

44- شاھ سائين جي انهيءَ سورميءَ جو نالو ٻڌايو جنهنجو تعلق عمر ڪوٽ سان ھيو ؟

جواب : مارئي

45- شاھ جي رسالي ”گنج“ جو پراڻو نسخو ڪھڙي سن ۾ لکيو ويو ؟

جواب : 1800ع ۾

46- شاھ لطيف ، صوفي شاھ عنايت شھيد جو ذڪر ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي ؟

جواب : سر رامڪلي

47- شاھ لطيف سير و سفر جو ذڪر ڪھڙن سرن ۾ ڪيو آھي ؟

جواب : سر کاھوڙي ۽ سر رامڪلي ۾

48- نانگ بلائن جو گهڻو ذڪر شاھ سائين ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي ؟

جواب : سر ڪارايل ۾

49- سنڌي ادب جي انهن عالمن ۽ شاعرن جا نالا ٻڌايو جيڪي شاھ لطيف جي ارد گرد دفن ٿيل آھن ؟

جواب : مير عبدالحسين سانگي ، علامہ عمر بن دائود پوٽو ۽ شيخ اياز

50- ڪئمبرج يونيورسٽي مان شاھ لطيف تي PHD ڪندڙ خاتون جو نالو ٻڌايو ؟

جواب : ڊاڪٽر درشھوار ڌيءَ جي ايم سيد

51- ”لطائف لطيفي“ فارسي زبان ۾ لکيل ڪنهنجو ڪتاب آھي ؟

جواب : مير عبدالحسين سانگي

52- ”لطف اللطيف“ ڪنهنجو لکيل ڪتاب آھي ؟

جواب : دين محمَّد وفائي

53- شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ ڪاڪ جو ذڪر ڪھڙي ڪھاڻيءَ سان منسوب آھي ؟

جواب : مومل راڻو

54- شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ ڪيچ جو ذڪر ڪھڙي قصي سان منسوب آھي ؟

جواب : سسئي پنهون

55- شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ ملير جو ذڪر ڪھڙي داستان سان منسوب آھي ؟

جواب : عمر مارئي

56- شاھ سائين جي ڪھڙي فقير جو اولاد سندس درگاه جي مجاوري ڪندو اچي ٿو ؟

جواب : تمر فقير

57- ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ جرمني مان شاھ جو رسالو 1866ع ۾ شايع ڪرايو ، ان ۾ ڪل ڪيترا سر ڏنل آھن ؟

جواب : 22

58- ڪتاب مقالات الشعراءَ ، جنهن ۾ شاھ سائين جو اوائلي احوال ملي ٿو ، ڪنهنجو لکيل آھي ؟

جواب : مير علي شير قانع ٺٽوي

59- شاھ لطيف جي نالي پٺيان ڪھڙي شھر ۾ يونيورسٽي ٺھيل آھي ؟

جواب : خيرپور

60- شاھ عبداللطيف ڀٽائي چيئر ڪٿي واقع آھي ؟

جواب : ڪراچي يونيورسٽي

61- شاھ لطيف ٻہ ڪتا پاليا ھيا ، انهن کي ڪھڙن نالن سان سڏيندا ھئا ؟

جواب : موتي ۽ کينهو

62- شاھ لطيف جو وصال ڪھڙي حالت ۾ ٿيو ؟

جواب : راڳ ٻڌندي

63- شاھ لطيف راڳ جو سچو قدر ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي ؟

جواب : سر سورٺ

64- ”شاھ عبدالطيف سنڌي سماج جو محافظ آھي ۽ سندس رسالو سنڌي سماج جو عڪس آھي“ ، اھي ڪنهنجا لفظ آھن ؟

جواب : عثمان علي انصاري

65- شاھ جو رسالو ڪھڙي سُرَ کان شروع ٿئي ٿو ؟

جواب : ڪلياڻ

66- سر ڪاموڏ ۾ ڇا جو بيان آھي ؟

جواب : نوري ڄام تماچي

67- سر ليلا چنيسر ۾ ٽيون ڪردار ڪنهنجو آھي ؟

جواب : ڪئنرو

68- ”پيغام لطيف“ ڪنهنجو لکيل ڪتاب آھي ؟

جواب : جي ايم سيد

69- ”سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار“ ڪھڙي سر مان کنيل شعر آھي ؟

جواب : سر سارنگ

70- ڪھڙي سر ۾ مورڙي ميربحر جو ذڪر آھي ؟

جواب : سر گهاتو

71- شاھ جي رسالي ۾ طنز و مزاح وارو ڪلام وڳنڌ فقير بابت بيان ڪھڙي سر ۾ اچي ٿو ؟

جواب : سر بلاول

72- ”شاھ جون سورميون“ ڪنهنجو لکيل ڪتاب آھي ؟

جواب : نارائڻ داس ڀمڀاڻي

73- موکي ۽ متارن جو قصو ڪھڙي سر ۾ آھي ؟

جواب : سر يمن ڪلياڻ

74- ڪونج ۽ ماروي جو ذڪر ڪھڙي سر ۾ آھي ؟

جواب : سر ڏھر

75- شاھ جي رسالي ۾ گهڻن بيتن وارو ڪھڙو سر آھي ؟

جواب : سر حسيني

76- شاھ سائين سج ، چنڊ ، تارن ، ڪتين ۽ چانڊوڪيءَ جو ذڪر ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي ؟

جواب : سر کنڀات

77- شاھ لطيف جي مجازي عشق ۾ ڪھڙو سر ڀائنجي ٿو ؟

جواب : سر کنڀات

78- سر ڪلياڻ جو مکيہ موضوع ڇا آھي ؟

جواب : وحدانيت ، ثنا ۽ وحدت الوجود

79- ارنيسٽ ھيمنگوي جي مشھور ناول ”پوڙھو ۽ سمنڊ“ جي ھيرو سانتياگو جو ڪردار کي شاھ جي ڪھڙي سورمي سان ڀيٽيو ويندو آھي ؟

جواب : پنهون

80- ڪلاچيءَ جي ڪن جو ذڪر شاھ صاحب ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي ؟

جواب : سر گهاتو

81- سر رپ کي ٻي ڪھڙي نالي سان سڏيو ويندو آھي ؟

جواب : سر کيپ

82- شاھ لطيف جي ڪھڙي سر کي سر ماتمي سڏيو ويندو آھي ؟

جواب : سر ڪيڏارو

83- ڪلياڻ لفظ جي معنيٰ ڇا آھي ؟

جواب : سک ، خير

84- ڪلياڻ ڪھڙي ٻوليءَ جو لفظ آھي ؟

جواب سنسڪرت

85- شاھ لطيف سر ڪلياڻ ۾ ڪامل مرشد کي ڇا سڏيو آھي ؟

جواب: ”مھيسر“

86- شاھ سائين جي رسالي جو ڊگھي ۾ ڊگھو بيت ڪھڙي سر ۾ آھي ؟

جواب : سر سارنگ

87- ڀٽ تي رکيل قديم نسخي ”گنج“ جو پهريون سر ڪھڙو آھي ؟

جواب : سر سسئي

88- عالمن جي خيال موجب سر کنڀات شاھ سائين ڪھڙي عمر ۾ چيو هوندو ؟

جواب : جوانيءَ ۾

89- سھڻي ڪهڙي شيءِ تي چڙھي ميهار سان ملڻ ويندي ھئي ؟

جواب : گهڙي تي

90- سر معذوريءَ ۾ ڪنهنجو ذڪر ٿيل آھي ؟

جواب : سسئي پنهون

91- سر ديسي ۾ ڪھڙو لوڪ قصو ڳايو ويو آھي ؟

جواب : سسئي پنهون

92- شاھ لطيف لوڪ قصي سسئي پنهون کي گهڻن سرن ۾ ڳايو آھي ؟

جواب : 5

🔻 سر سسئي آبري

🔻 سر معذوري

🔻 سر ديسي

🔻 سر ڪوهياري

🔻 سر حسيني

93- سر کاھوڙيءَ ۾ ڪنهنجو ذڪر ٿيل آھي ؟

جواب : سيلاني فقيرن ۽ جوڳين جو

94- لطيف سائين ڄام جکري جي سخاوت ۽ بهادريءَ جو ذڪر ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي ؟

جواب : سر بلاول

95- شاھ سائين پنهنجي ڪھڙي سر ۾ نبي اڪرم صہ جي حسن و اخلاق جو ذڪر ڪيو آھي ؟

جواب : سر کنڀات

96- ”سنڌ جو حافظ“ ڪنهن کي سڏيو وڃي ٿو ؟

جواب : شاھ عبداللطيف ڀٽائي ؒ

97- شاھ لطيف سر يمن ڪلياڻ ۾ ڪھڙي پرڏيهي شاعر جو نالو پنهنجي شعر ۾ آندو اٿس ؟

جواب : رومي

98- شاھ لطيف سر سھڻيءَ ۾ هڪ پارسي مصرع ، سنڌ جي ڪھڙي درويش شاعر جي کنئي آھي ؟

جواب : صوفي شاھ عنايت شھيد 

99- شاھ لطيف پنهنجي سموري شاعريءَ ۾ نهايت مختصر پارسي پنهنجي ڪھڙي سر ۾ چئي آھي ؟

جواب : سر يمن ڪلياڻ

100- شاھ لطيف چرخي چورڻ جو پرچار ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي ؟

جواب : سر ڪاپائتي

101- شاھ لطيف ساري عالم جي آباديءَ ۽ آسودگيءَ لاءِ ڪھڙي سر ۾ دعا گهري آھي ؟

جواب : سر سارنگ

102- شاھ لطيف چين ، ترڪي ، روم ، قنڌار ۽ ٻين شھرن ۽ ملڪن جو ذڪر ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي ؟

جواب : سر سارنگ

103- ”سو نہ ڪنهن شيءِ ۾ جيڪي منجھ تراب“ جيڪي خاڪ (مٽيءَ) ۾ آھي اهو ٻي ڪنهن شيءِ ۾ ناهي ۔ ڪھڙي سر جو بيت آھي ؟

جواب : سر سھڻي

104- شاھ لطيف خاڪ جو ذڪر ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي ؟

جواب : سر سھڻي

105- سمنڊ جي خوف ۽ خطرن جو ذڪر ڪھڙي سر ۾ آھي ؟

جواب : سر سريراڳ

106- ڪلاچيءَ جي ڪن جو ذڪر ڪھڙي سر ۾ آھي ؟

جواب : سر گهاتو

107- شاھ لطيف سر سريراڳ ۾ سمنڊ جو ذڪر ٻيو ڪھڙي نالي سان ڪيو آھي ؟

جواب : ديوانو درياءُ

108- شاھ لطيف لوهيڙي جي وڻ جو ذڪر ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي ؟

جواب : سر سريراڳ

109- شاھ لطيف ڪينجهر ڍنڍ جو ذڪر ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي ؟

جواب : سر ڪاموڏ

110- شاھ لطيف سنڌ جي مخملي آسمان جي سونهن ڏانهن اشارا ڪھڙن سرن ۾ ڪيا آھن ؟

جواب : سر کنڀات ۽ سر مومل راڻو

111- شاھ لطيف گلن ڦلن ، ميون ، اَنَ ۽ گاھن جو ذڪر ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي ؟

جواب : سر مارئي

112- شاھ لطيف ، ”ٻاٻيهو“ پکيءَ جو ذڪر ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي ؟

جواب : سر مارئي

113- شاھ جون سورميون ؟

🔻 سسئي 🔻 سھڻي 🔻 مومل  🔻 ليلان   🔻 نوري   🔻 مارئي  🔻 سورٺ

114- شاھ جا سورما ؟

🔻 پنهون  🔻 ميھار  🔻 راڻو     🔻 چنيسر

🔻 ڄام تماچي 🔻 مورڙو ميربحر🔻 ٻيجل

۽ ٻيا

115- شاھ لطيف لسٻيلي جي سخي حاڪم جي واکاڻ ڪھڙي سر ۾ ڪئي آھي ؟

جواب : سر پرڀاتي

116- ڪيڏارو سنسڪرت جي ڪھڙي لفظ جي بگڙيل صورت آھي ؟

جواب : ”ڪيدار“

117- ”ڪيدار“ جي معنيٰ ڇا آھي ؟

جواب : جنگ جو ميدان

118- ميھار کي ٻين ڪھڙن نالن سان سڏيو ويو آھي ؟

جواب عزت بيگ ۽ ساھڙ

119- شاھ عنايت جي شھادت وقت شاھ لطيف جي عمر ڪيتري ھئي ؟

جواب : 28 سال (ڪٿي 31 سال بہ اچي ٿي)

120- شاھ عبداللطيف ڀٽائي ؒ جو 276 هون عرس مبارڪ ڪھڙي سال ۾ ملهايو ويو ؟

جواب : 2019

121- ارنيسٽ ٽرمپ واري شاھ جي رسالي ۾ گھڻا سر آھن ؟

جواب : 26

122- تارا چند واري شاھ جي رسالي ۾ گھڻا سر آھن ؟

جواب : 37

123- ڊاڪٽر گربخشاڻي واري شاھ جي رسالي ۾ گھڻا سر آھن ؟

جواب : 22

124- ڊاڪٽر غلام المصطفيٰ قاسمي واري شاھ جي رسالي ۾ گھڻا سر آھن ؟

جواب : 36

125- علامہ آءِ آءِ قاضي واري شاھ جي رسالي ۾ گھڻا سر آھن ؟

جواب : 29

126- علامہ آءِ آءِ قاضي ، شاھ جي رسالي مان ڪھڙو سر ڪڍي ڇڏيو ؟

جواب : سر ڪيڏارو

127-  ٻانهي خان شيخ واري شاھ جي رسالي ۾ گھڻا سر آھن ؟

جواب : 31

128- الهداد جهجهي جي گنج ۾ ڪيترا سر آھن ؟

جواب : 36

129- سڀ کان پهريون شاھ لطيف ايوارڊ ڪھڙي فنڪار کي مليو ؟

جواب : استاد محمَّد يوسف

130- استاد محمَّد يوسف کي پهريون شاھ لطيف ايوارڊ ڪڏهن مليو ؟

جواب : ايڪٽيھ مارچ 1980ع

131- ٻہ مارچ 1941ع ۾ مرڪزي صلاحڪار بورڊ طرفان شاھ لطيف جي ورسي ڪٿي ملھائي وئي ؟

جواب : خالق ڏني ھال ڪراچيءَ ۾

132- شاھ لطيف جو عرس ھر سال ملھائڻ جي روايت ڪنهن قائم ڪئي ؟

جواب سيد ميران محمَّد شاھ

133- شاھ لطيف جي ڪھڙي عرس جي موقعي تي پهريون ڀيرو عبدالستار پيرزادو عام موڪل جو اعلان ڪيو ؟

جواب : 201 عرس جي موقعي تي

134- شاھ جو رسالو چئن ٻولين ( اردو ، سنڌي ، انگريزي ۽ فارسي) ۾ ڪنهن سهيڙي ڇپرايو ؟

جواب : ڊاڪٽر در شھوار سيد

135- سڀ کان پهريان الف -- ب وار شاھ جو رسالو ڪنهن ترتيب ڏنو ؟

جواب : ڊاڪٽر محمَّد عالم سومرو

136- قاضي فقير محمَّد قانع واري شاھ جي رسالي ۾ ڪيترا سر ڏنل آھن ؟

جواب : 36

137- ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سال 2000ع ۾ تحقيق مڪمل ڪري شاھ جو رسالو گهڻن جلدن ۾ ترتيب ڏنو ؟

جواب : 10 جلد

138- ڊاڪٽر فضل رحيم سومرو جو عربي ۾ ترجمو ڪيل شاھ جو رسالو 251 عرس جي موقعي تي ڪھڙي سال ۾ شايع ٿيو ؟

جواب : 1400 ھ ، 1980ع

139- شاھلطيف جو رسالو ڪڇ وارو گنج شريف ٻارنهن سالن عرصي ۾ سال 1336 ھ ڪنهن لکي پورو ڪيو ؟

جواب : عبدالمطلب جت

140- سر ڪيڏاري ۾ لطيف سرڪار قرآن پاڪ جون ڪيتريون آيتون آنديون آھن ؟

جواب : پنج

141- شاھ لطيف نار جي وهڪري جو ذڪر ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي ؟

جواب سر ڏھر

142- شاھ لطيف گنگا جي وهڪري جو ذڪر ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي ؟

جواب : سر بلاول

143- شاھ لطيف جنت عدن جو ذڪر ڪھڙن ٻن سرن ۾ ڪيو آھي ؟

جواب : سر سورٺ ۽ رامڪلي

شاھ عبداللطيف ڀٽائي ؒ جا سر (ڪلام)

1- سر ڪلياڻ (وحدانيت ، ثنا ۽ وحدت الوجود)

2- سر يمن ڪلياڻ (موکي ۽ متارا جو ذڪر)

3- سر کنڀات (نبي سائين جي حسن و اخلاق ، مجازي عشق ، سج ، چنڊ ، ڪتين ۽ چانڊوڪيءَ جو ذڪر)

4- سر سريراڳ (ٻيڙن ۽ سمنڊ جو ذڪر)

5- سر سامونڊي (وڻجارن جو ذڪر)

6- سر سھڻي

7- سر سسئي آبري

8- سر معذوري

9- سر ديسي

10- سر ڪوهياري

11- سر حسيني

12- سر ليلان چنيسر

13- سر مومل راڻو

14- سر مارئي

15- سر گهاتو (مورڙي ميربحر ۽ مانگر مڇ جو ذڪر)

16- سر ڪاموڏ (نوري ڄام تماچي جو ذڪر)

17- سر ڪيڏارو

18- سر سورٺ

19- سر آسا (اکين جو ذڪر)

20- سر سارنگ

21- سر کاھوڙي

22- سر رپ (سر کيپ)

23- سر رامڪلي (جوڳين جو ذڪر)

24- سر بروو سنڌي

25- سر ڪاپائتي

26- سر پورب

27- سر ڪارايل ( پکين جو ذڪر)

28- سر پرڀاتي

29- سر ڏهر (ڪونج جو ذڪر)

30- سر بلاول (وڳنڌ بابت مذاق ، ڄام جکري جي سخاوت)

🔸شاھ لطيف جا شايع ٿيل رسالا

1- شاھ جو رسالو - ارنيسٽ ٽرمپ - 1866

2- شاھ جو رسالو - تاراچند شوقيرام - 1900

3- رسالہ شاھ عبداللطيف ڀٽائي عليه الرحمة - مرزا قليچ بيگ - 1913

4-  شاھ جو رسالو - ڊاڪٽر ھوتچند مولچند گربخشاڻي - ٽي جلد - (1931-1924-1923)

5- شاھ جو رسالو - غلام محمَّد شاھواڻي - 1950

6- دفتر لطيفي وارو رسالو - محمَّد عثمان ڏيپلائي - 1951

7- رسالو (پيغام) شاھ عبداللطيف ڀٽائي گهوٽ - غلام مصطفيٰ قاسمي - 1951

8- رسالو (پيغام) شاھ عبداللطيف - علامہ آءِ آءِ قاضي - 1961

 9- شاھ جو رسالو - ڪلياڻ آڏواڻي - 1966

10- شاھ جو رسالو - شاھ جو ڪلام - ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ - 1989 - ڏھ جلد

11- شاھ جو رسالو - الف - ب وار - ڊاڪٽر محمَّد عالم سومرو - 1994

12- الف - ب وارو شاھ جو رسالو ۽ رسالي جي ڏسڻي - عبدالغفار گوھر دائود پوٽو - 1994

13- شاھ جو رسالو - عثمان علي انصاري - 1997

14- شاھ جو رسالو - ٻانهون خان شيخ - 2002

🔸شاھ لطيف جو ذڪر مختلف ڪتابن ۾

1- مقالات الشعراءَ - مير علي شير قانع ٺٽوي - 1761ع - 1174 ھ (شاھ لطيف جي وصال کان ڇھ سال پوءِ)

2- تحفة الڪرام - مير علي شير قانع ٺٽوي - 1768ع - 1181 ھ (فارسي) - سنڌي ترجمو - مخدوم امير علي

3- معيار سالڪان طريقت - مير علي شير قانع ٺٽوي - فارسي - 1787 - ترجمو - شيخ محمَّد حسن ٿريچاڻوي - 2010

4- سنڌ ۽ سنڌو ماٿري ۾ رهندڙ قومون - رچرڊ برٽن - 1871

5- احوال شاھ عبداللطيف ڀٽائي - مرزا قليچ بيگ (انگريزي 1877) (سنڌي 1897)

6- لطائف لطيفي - مير عبدالحسين سانگي (فارسي 1887)

7- شاھ تي تحقيق - ليلا رام وطڻ مل - 1889

8- مرغوب الاحباب - نظر علي بلوچ - 1945

9- شاھ سچل سامي - ڪلياڻ آڏواڻي - 1951

۔10- Shah Latif Of Bhit مرتب - ڪريم بخش خالد - 1962 - (210 عرس تي ڇپيو)

11- پنج گنج - قادر بخش بيدل - (فارسي) - (سنڌي ترجمو - صوفي سبحان بخش -1977)

12- شاھ سچل سامي - مرتب : اي جي اتم - 1982 - ٻيو ڇاپو 1984

13- شاھ سچل ۽ خليفو قاسم - محمَّد حسين ڪاشف - 2012

14- لطيفي لهرون - (مضمون) - پروفيسر علي نواز جتوئي

🔸شاھ جي رسالي تي تحقيق

1- شاھاڻو شاھ - لعل چند امر ڏنو - 1914

2- مقدمہ لطيفي - ڊاڪٽر گربخشاڻي - 1923

3- لطيفي سير - ڀيرو مل آڏواڻي - 1928

4- شاھ جي رسالي جو رهبر عرف ککر ۾ کڙو - محمَّد عثمان ڏيپلائي

5- پيغام لطيف - جي ايم سيد - 1952

6- ڀٽ ڌڻي عرف فڪر لطيف - مولوي عبدالحيءُ - 1962

7- احوال شاھ عبداللطيف ڀٽائي - مرزا قليچ بيگ - 1972ع - 1392 ھ

8- شاھ لطيف جي شاعري - تنوير عباسي - 1976

9- شاھ ، سچل ، سامي - محمَّد ابراهيم جويو - 1978

10- لطيف جو پيغام - ميمڻ عبدالمجيد سنڌي - 1979

11- سنڌي ثقافت ۽ شاھ لطيف - ڊاڪٽر شاھنواز سوڍر - 1988

12- شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ علامت نگاري - ڊاڪٽر غلام النبي سڌايو - 1990

13- شاھ جي ٻولي - آفتاب ابڙو - 1990

14- شاھ جي شاعري ۾ عورت جو روپ - ڊاڪٽر فهميده حسين - 1993

15- ڀٽ جو گهوٽ - ڊاڪٽر بشير احمد شاد - 1993

16- عرفان لطيف - ڊاڪٽر بشير احمد شاد

17- پيھي منجھ پاتال - ڊاڪٽر بشير احمد شاد

18- شاھ لطيف ھر دور جو شاعر - ڊاڪٽر بشير احمد شاد

19- شاھ جون آکاڻيون - ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي - 1994

20- شاھ جي شاعري ۾ استعارا ۽ تشبيھ نگاري - ڊاڪٽر ام ڪلثوم - 2004

21- ڀٽائي جو مطالعو - ڊاڪٽر اسد جمال پلي - 2006

22- شاھ لطيف جي ٻولي جو تحقيقي جائزو - ج ع منگهاڻي - 2006

23- سوز وساز لطيف - حيدر علي - 2009

24- مون مطالع سپرين - اياز قادري

25- سنڌ جو شاھ - بدر ابڙو

26- ڀٽ جو شاھ - ايڇ ٽي سورلي - سنڌيڪار عطا محمَّد ڀنڀرو

27- لطيف جو پيغام - ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي

28- فڪر لطيف - ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي

29- لات جا لطيف جي - آغا سليم

30- اديون آءُ اڄاڻ - ڊاڪٽر فهميده حسين

31- لطيفي لات - ممتاز مرزا

32- موکي متارا - استاد لغاري

33- جھڙي سونهن سندياس - ڊاڪٽر محمَّد علي مانجهي

34- مون ۾ تون موجود - ڊاڪٽر محمَّد علي مانجهي

35- شاھ جي رسالي جي نباتات - پريتم پياسي

🔸شاھ لطيف جي رسالي جا ڪي ترجما

1- رسالہ شاہ عبداللطیف بھٹائی (اردو) - شيخ اياز - 1963

2- رسالہ شاہ عبداللطیف بھٹائی (اردو) - آغا سليم - 2000

3- کلام شاه عبداللطيف - (اردو - نثري ترجمو) - اياز قادري ۽ وقار احمد - 1993

۔4- Shah Jo Risalo alias Ganj Latif - محمود يعقوب آغا شاھ - 1985

۔5- Risalo of Shah Abdul Latif Bhitai Translated in Verses - پروفيسر آمنہ خميساڻي - 1994

۔6- Risalo of Shah Abdul Latif Bhitai

 ايلسا قاضي (Selction) - 1965

۔7- Selection From Risalo - جي الانا

8- السيد عبداللطيفرحمة اللہ عليه اشاعرالڪبير في ال باڪس ٽانڪڻ - (عربي) - ڊاڪٽر فضل رحيم سومرو - 1989

9- شاھ ڀٽائی دا رسالہ - (پنجابي) - ڪرتار سنگھ عرش وارو - 1996

Courtesy.Social Media 

No comments:

Post a Comment

آؤ سندھی زبان بولیں! #30daysSindhiSpeakingCourse Let's Speak Sindhi language A Worldwide Sindhi Speaking course Book

  Let's Speak Sindhi language A Worldwide Sindhi Speaking course Book *************************************** This 30-day easy course #B...