Tuesday, June 23, 2020

نثار صديقي ھڪ رول ماڊل تعليمي انقلابي اڳوڻ



مُون سي ڏِٺا ماءَ، جَنهِين ڏِٺو پِرِينِ کي،.
اُنهين سَندي ڪاءَ، ڪَري نَه سَگهان ڳالهڙي.
ڌرتي تان نثار ٿيڻ جا دعويدار ته گھڻا ٻڌا ۽ ڏٺا آھن پر ڌرتي واسين جي سينڌ سنوارڻ ، ماڻھن جا ڳوڙھا اگھڻ ۽ نوجوانن کي بين الاقوامي ڇيلينجن جي قابل بنائڻ لاءِ اپاءَ وٺڻ ۽ پاڻ کي قوم جي خدمت لاءِ وقف ڪرڻ وارا اڻ لڀ آھن.
اھڙو وقت به اچي ويو آھي جو روزانو صبح جوجيئن ئي موبائيل کولجي ٿي ته ھڪ نئين دردناڪ خبر ملي رھي آھي .
اڄ 22 جون 2020 جيڪر ائين کڻي چئجي ته سنڌ ھڪ سچي محسن، خدمتگار تعليمي اصلاحات جي انقلابي اڳوڻ سائين نثار صديقي کان محروم ٿي وئي.سندس وفات ھڪ قومي نقصان آھي..
2014 ۾ آءُ ذوالفقار بھڻ ۽ سموري سنڌ جا ڪيئي تعليم کاتي جا آفيسر مينيجمينٽ جي ٽريننگ لاءِ 15 ڏينھن لاءِ IBA
سکر پھتا سين ته نثار صديقي جي محنت کي ڏسي حيران ٿي وياسين. ھڪ رول ماڊل تعليمي انقلابي اڳوڻ طور پنھنجي پاڻ کي مڄائيندڙ نثار صديقي کي سنڌ جي جھرجھنگ ۾ رھندڙن مسڪينن ھارين ۽ مزدورن جون به دعائون آھن. جن جي اولاد کي ھڪ سٺي تعليم فراھم ڪرڻ لاءِ عملي قدم کنيا.
اَڄُ نه اوطاقُنِ ۾، طالِبَ تَنوارِينِ؛
آديسِي اُٿِي وِيا، مَڙهِيُون مُون مارِينِ؛
جي جِيَّ کي جِيارِينِ، سي لاهُوتِي لَڏي وِيا.
شاھ 
ذوالفقار بھڻ
ڪراچي.




Zulfiqarbehan at IBA sukkur

No comments:

Post a Comment

آؤ سندھی زبان بولیں! #30daysSindhiSpeakingCourse Let's Speak Sindhi language A Worldwide Sindhi Speaking course Book

  Let's Speak Sindhi language A Worldwide Sindhi Speaking course Book *************************************** This 30-day easy course #B...