Skip to main content

مشهور سنڌي پھاڪا ۽ چوڻيون

 سوشل ميڊيا جي مهرباني سان 
حاضر آهن ڪجهه مشهور سنڌي پھاڪا ۽ چوڻيون 
جنهن بـ ڀاء ھن کان سواء ڪي پھاڪا يا چوڻيون اينديون ھجن ڪمنٽ ۾ لکي مھرباني

 سنڌي پھاڪا ۽ چوڻيون آنديون آهن تمام محنت سان پوسٽ تيار ڪـٔي آهي زيادهه کان زيادهه شيـٔر ڪجو

*سنڌي ٻولي جا ڪجھ مشھور پھاڪا*

(1) ڪاڏي منهن مريم جو ڪاڏي ٽنڊو الھيار
(2) ٻٻرن کان ٿو ٻير گهرين ۔
(3) نڀاڳن جا نار واڍن چاڙهيا واٽ تي ۔
(4) ڄٽ پڙهيو الله اڙيو
(5) نڀاڳو پٽ پينگهي ۾ پڌرو ، سئنون ڪري سمهار اونڌو جو اونڌو ۔
(6) ڀينگيا هليا سڃن وٽ هلو عيد ڪريون ۔
(7) ڪٿي ڍور سڃان ڪٿي چور سڃان ۔
(8) ڀت جي اڳياڙي جهيڙي جي پڇاڙي ۔ 
(9) جو سج اڀرندي تئو نہ ڪري سو لھندي ڪھڙو ڪندو ۔
(10) پاڻ وڍئي جو ڪهڙو ويڄ ڪهڙو طبيب ؟
(11) نہ ڪو مري نہ ڪو منجو ڇڏي ۔
(12) جيڏا اٺ تيڏا لوڏا ۔
(13) هُجيئي ناڻو تہ گُهم لاڙڪاڻو.
(14) اڇي ڏاڙھي اٽو خراب
(15) اڃان سنڌ گدڙن نہ کاڌي آ
(16) جيڏانهن پير تيڏانهن خير
(17) سخي کان شوم ڀلو جو ترت ڏئي جواب
(18) جھڙي ڪرڻي تھڙي ڀرڻي ۔ جھڙي نيت تھڙي مراد
(19) نيچ نوڪري اتم کيتي وڌندڙ واپار
(20) رت دانگي تي بہ ورندو آهي۔
(21) اٽو چئي گهوٻاٽو۔
(22) لوڪ لڏڻ ۾ چري اڏڻ ۾۔
(23) جھڙو منھن تھڙو موچڙو
(24) سوٽي هجي ساڻ تہ گڏھ گوهي نہ ڪري 
(25) جھڙا روح تھڙا ختمان۔
(26)سوڙ آهر پير ڊگهيرجن
(27) بندي جي من ۾ هڪڙي خدا کي سجهي ئي ٻي
(28) ڪارو منهن ڪتي جو رٻ اوتري جي اوتري
(29) جھاا ڪانو تھڑا ٻچا
(30) ڏنو پٽ ڇٽي جو ذات جو آسودو
(31) ڪارو ٻڌ ڪٻري سان رنگ نہ بدليندو تہ بہ اوسراڻ ضرور ڏيندو
(32) جھڙا ڪانءُ تھڙا ٻچا
(33) ڀلن پيٽان ڍِلا ڍِلن پيٽان ڀلا
(34) ميلو متل ڇڏجي يار پرتل ڇڏجي
(35) نيت بد روٽي رد
(36) اميدن تي دنيا قائم آهي۔
(37) جڏهوڪا مينھن تڏهوڪيون چڪون۔
(38) ڀاڳ ڏي ڀيڙو دال مان شيرو ، ڀاڳ ڏي دٻ دال مان رٻ
(39) کٽيو کائي فقير لٺيون جهلي ڀولڙو
(40) ڪتاڀونڪندا رهندا فقير پنندو رهندو۔
(41) مارڻ واري کان بچائڻ وارو ويجهو آهي۔
(42) چورن مٿان مور
(43) اڃان ڄائي نہ آهي هيئنر ئي ناني منھانڊي
(45) نالو وڏو شھر سڃو
(46) پڇڻا نہ منجهڻا
(47) اسي مت کسي 
(48) جيڪو چلھ تي سو دل تي 
(49) گهڻي کاڌي کان گهڻو ڏٺو چڱو 
(50) اٺ اٿي نہ ڀاڙو ڀري ڏي ۔
(51) مئا پَرُ، پِٽِجَنِ هيل 
(52) ٻہ ڀائر ٽيون ليکو
(53) انڌير نگري ڄرٻٽ راجا ، ٽڪي سير ڀاڄي ٽڪي سير کاڄا۔
(54) ڦڦڙ نہ گوشت ، پوليس وارو نہ دوست ۔
(55) جو اڳي سو تڳي ۔56) سئُو ڌڪ سونار جا هڪ ڌڪ لوهار جو ۔
(57) لالچ بري بلا آهي ۔
(58) ڦاسڻ کان پوءِ ڦٿڪڻ ڪهڙو ؟
(59) لٿي کان پوء دير ڪهڙي ، ڦريئي کان پوء ڊپ ڪهڙو ۔
(60) آئي ٽانڊو کڻڻ ٿي بورچياڻي ويٺي ۔
(61) جيڪو پوکيندي سوئي لڻندي ۔
(62) راهي ڀلي ؟ پوکي ڀلي ؟ 
(63) غريبن رکيا روزا تہ ڏينهن بہ ٿيا وڏا ۔
(64) چٽي پيئي چاڪر تي ڀر وتايا تون ۔
(65) منھن ۾ مسلمان اندر ابليس ۔
(66) تڪڙي ڪتي انڌا گلر ڄڻي ۔
(68) گدڙ ۾ ڪم پوي تہ جبل جي چوٽي تي چڙهيو وڃي۔
(69) ڏينھن شيهن آهي ۔
(70) مينھن پاڻ سڄي ڪاري ڍڳي کي چوي تہ هل پڇ ڪاري
(71) ٻلي جي خواب ۾ ڇيڇڙا
(72) سئُو ڪئُا کائي ٻلي هلي حج تي 
(73) جيڏانھن ڪنڌ اوڏانھن پنڌ 
(74) ڪنهنجو کلڻ بہ خواري ڪنهنجو روئڻ بہ راحت
(76) ساڳيو ڳن ساڳئي ڪھاڙي
(77) ترن جو تيل ترن مان ئي نڪرندو
(78) انڌي کي ڇا کپي ؟ ٻہ اکيون 
(79) پاڻي کان اڳي ڪپڙا لاهڻ
(82) جاڙا خان ڪتو جهل ۔ اسين تنھنجا مھمان
(83) ابل واري هڪڙي لنگهي ٻي نهاري
(84) اهو سون ئي گهوريو جو ڪن ڇني

(85) پنھنجي گھر جا ڪتا ڀاڙيا هجن تہ پوءِ گدڙن تي ڪھڙي ميار

Comments

Popular posts from this blog

Reading session عنوان ٻولي سکڻ جون مھارتون Class ADE subject Sindhi پڙھڻ جا جزا پنجن جزن ۾ ورهايو ويو آهي . )1صوتي ڄاڻ )2آواز جو علم )3رواني )4لفظن جو ذخيرو )5سمجهي پڙهڻ

Reading session عنوان ٻولي سکڻ جون مھارتون Class ADE subject Sindhi پڙھڻ ڪنھن به ٻولي ۾ شاگرد جو چار بنيادي لساني مھارتن ٻڌڻ، ڳالھائڻ، پڙھڻ ۽ لکڻ جو سکڻ تمام اھم آھي. لساني تحقيق ٻڌائي پئي ته ننڍا   ٻار اسڪول اچڻ کان اڳ پنھنجي معاشري ۽ گھر جي ماحول مان ٻڌڻ ۽ ڳالھائڻ سکي چڪا ھوندا آھن. پڙھڻ ۽ لکڻ ۾ شاگرد جي مھارت استاد جي معاونت سان ٿيندي آھي جيڪي ھو پھرين درجي کان وٺي پنجين درجي تائين مھيا ڪندا / ڪنديون آھن. پڙھڻ جا جزا پنجن جزن ۾ ورهايو ويو آهي  . )1 صوتي ڄاڻ )2 آواز جو علم )3 رواني )4 لفظن جو ذخيرو )5 سمجهي پڙهڻ روانيء سان پڙھڻ جون خاصيتون: صحيح اچار  رواني مناسب الھا چاڙھا تاڪيد مفھوم جي وضاحت مناسب وٿي مھارتون ذهانت ڇا آهي؟ سکڻ جي صلاحيت ۽ پوءِ ان صلاحيت سان روز مره جي پڙهائڻ دوران ايندڙ مشڪلاتن کي سٺي طريقي سان سلجھائڻ کي ذهانت چئبو آهي . روايتي نظرين ۽ پڙهائڻ جي طريقن ۾ ذهانت جي ترقيءَ لاءِ فقط ٻولي ()Language ۽ عدد شماري ( )Mathematic جي مهارت ڪافي هئي. ان ۾ فقط استاد کي علم جو ذريعو سمجهيو ويندو هو. استاد جو ڪم ٻارن تائين معلومات پهچائڻ هوندو هو. سڀ نظريه

A success story By newly appointed IBA pass HM Saima Khalil, HM at GGPS University campus

A success story By newly appointed IBA pass HM  Saima Khalil, HM at GGPS University campus ================================================================== A success story I am saima khalil newly appointed HM at GGPS University campus when I went to my school there were many serious issues such as low enrollment , drop out, taking money for every things from students( for admission, report cards even for books) short of attandance, no punctuality,less involvment of cummunity, lack of motivation in teacher lack of leadership firstly I observe what are actual issue then with in two days i realiz actuall issue of school is grouping between teachers and worest leadership no one want to sit with other group. Then I start working as mentor I call meetings formal and informal both, motivat them toward their duities after that I take step to utiliz my resources to make school better place for student, I went to karachi university and asked diffrent departments for volintear work and I s

SESLOAF booklet review workshop 22-24 feburay 2017 @ PSTD Karachi

SINDH EDUCATION STUDENTS LEARNING OUTCOME FRAMEWORK (SESLOF) I have been nominated as subject expert for Review and finalization of SESLOF booklet. venue :PSTD Date 22-24 February 2017. Resource persons are Madam rana hussain Rana Hussain | Senior Advisor (Quality Education) | European Union TA | SESSP | British Council | British Deputy High Commission, Shahra-e-Iran, Clifton Karachi Badar Munir Razia Fakir As a subject expert I zulfiqar behan,Idress Jatio and salma Rajpar working on SESLOF framework. Introduction and purpose of workshop discribed by Rana Hussain. Razia Fakir divided to participants in two group. Sindhi group reviewed the draft of SESLOAF booklet and refined, it was very detailed review. We addressed some issues that there is map of sindh, we think it is not updated so we suggest that it should be updated and editing, clarification needed. Other issue we highlighted that there are so many translation and textual errors in technical pages of draft