Skip to main content

Posts

Showing posts from December, 2016

Popti hiranandani tributed in Karachi پوپٽي ھيرننداڻي

شاعره ۽ ليکڪا پوپٽي هيرا ننداڻي کي سنڌو سڀيتا سٿ پاران 13 ڊسمبر 2016 تي آرٽس ڪونسل ڪراچي ۾ پيش ڪيل ڀيٽا واري تقريب Rochi raam Rochi Ram Zulfiqar Behan Khadim Soomro Popti hiranandani tributed in Karachi Popti hiranandani tributed in Karachi عوامي آواز نيز رپورٽ؛ اسد ممتاز رڏ شاعره ۽ ليکڪا دادي پوپٽي هيرا ننداڻي کي سنڌو سڀيتا سٿ پاران 13 ڊسمبر 2016 تي آرٽس ڪونسل ڪراچي ۾ پيش ڪيل ڀيٽا واري تقريب تقريب کي خادم سومرو باري منگي روچي رام ذوالفقاربھڻ علي راز شر امدج دراني ۽ ٻين خطاب ڪيو تقريب ۾ وڏي انگ ۾ اديبن شاعرن ،صحافين ۽ سول سوسائٽي جي معززن شرڪت ڪئي.

آتم ڪهاڻي ڪنهن به شخص جي پنهنجي متعلق لکيل حياتيءَ جي احوال يا سوانح عمري کي، آتم ڪهاڻي سڏبو آهي. سنڌي ۾ لکيل آتم ڪهاڻين جو مختصر احوال

آتم ڪهاڻي ڪنهن به شخص جي پنهنجي متعلق لکيل حياتيءَ جي احوال يا سوانح عمري کي، آتم ڪهاڻي سڏبو آهي. سنڌي ۾ لکيل آتم ڪهاڻين جو مختصر احوال سنڌي ٻوليءَ ۾ جن عالمن، اديبن ۽ شاعرن پنهنجي حياتيءَ جو احوال لکيو، تن جو ڪجهه تفصيل هن طرح آهي: مرزا قليچ بيگ ”سائو پن، ڪارو پنو“، *علامه ڊاڪٽر دائودپوٽو ”منهنجي مختصر آتم ڪهاڻي“ جي. ايم سيد ”پنهنجي ڪهاڻي پنهنجي زباني“ (ٻه جلد ڇپيل، ڪل 5 جلد لکيل) شيخ اياز “ڪٿي نه ڀڃبو ٿڪ مسافر“ (4 جلد) ۽ ”جڳ مڙوئي سپنو“ رئيس ڪريم بخش نظاماڻي ”ڪيئي ڪتاب“ (ٻه جلد) هري دلگير ”چولو منهنجو چِڪ ۾“ ۽ ”گند جنين جي گوڏ ۾“ پوپٽي هيراننداڻي ”منهنجي جيون جا سونا روپا ورق“ موتي لال جوتواڻي ”آتم ڪٿا جي نالي ۾ هري موٽواڻي ”آخري پنا“ ڪيرت ٻاٻاڻي ”ڪجهه لڪايم، ڪجهه ٻڌايم“ (4 جلد) گوبند مالهي ”ڳالهيون منهنجي ڳوٺ جون“، (5 جلد) نارائڻ داس ملڪاني ”نرالي زندگي“ ريٽا شهاڻي ”ٻپهريءَ جا ٻه پل“جيڪو سندس ٻن آتم ڪٿائي ڪتابن ”گهنڊ ڄاڻ وڳو ۽ ٻپهريءَ جا ٻه پل“ جو گڏيل ڪتاب آهي. نارائڻ ڀارتي ”سرءُ جا پن“ موهن ڪلپنا ”بک، عشق، ادب“ ر