Skip to main content

Posts

Showing posts from September, 2016

پڙھڻ جا جزا components of reading parhan ja Juza

پڙهڻ (Reading.  بنيادي ٻار کي ٻولي سيکارڻ جون چار مهارتون مقرر ٿيل آهن: ٻڌڻ، ڳالهائڻ، پڙهڻ (Reading) ۽ لکڻ. انهن مهارتن ۾ پڙهڻ (Reading) کي وڌيڪ اهميت ڏني وئي آهي. يعني جيڪو ٻار گھڻو پڙهي ٿو ان جي ذهانت ۾ ڪشادگي پيدا ٿيندي آهي.  انهن معاملن کي سمجهڻ لاءِ سڀ کان اڳ اهو جاچڻ ضروري هوندو آهي ته ٻار ڪهڙي سطح تي آهي. ان لاءِ ٻار جي ذهانت ۽ پڙهڻ واري عمل کي جاچڻ لاءِ جائزي (Assessment) جو عمل تمام ضروري آهي. توهان سڀ ڄاڻو ٿا ته تعليم کي سڌارڻ ۾ امتحان/ جائزو/ ٽيسٽ جو عمل تمام ضروري آهي. ٻار کي پڙهائڻ لاءِ هن جي سطح کي جاچڻ اهم ليکيو ويو آهي. ٻوليءَ جي چئن مهارتن مان پڙهڻ (Reading)، ٻوليءَ کي سمجهڻ جو هڪ اهم پهلو آهي. خيالن جي اظهار واري لکت کي زباني اچارڻ جو عمل ’پڙهڻ‘(Reading) چيو وڃي ٿو. هن عمل ۾ آواز جي علامتن/ اکرن ۽ درست زيرن زبرن کي ڄاڻي وڏي آواز يا خاموشيءَ سان ’پڙهي سمجهڻ‘ کي پڙهڻ (Reading) مڃيو ويو آهي. جيڪڏهن ڪنهن عبارت کي بغير سمجهڻ جي پڙهيو وڃي ٿو ته ان کي پڙهڻ (Reading) نه چئبو؛ يعني ڪنهن عبارت کي سمجهڻ ئي پڙهڻ (Reading) واري عمل سان سلهاڙيل آهي. ان عمل بابت ڀٽ ڌڻي سرڪار چوي ٿ

”پير پير جو پنهنجو پنڌ“ شاعريءَ جي سڳنڌ ڀريو گلدستو محمد سليمان وساڻ Rakhial Morai

” پير پير جو پنهنجو پنڌ“ شاعريءَ جي سڳنڌ ڀريو گلدستو محمد سليمان وساڻ سنڌ ي ٻوليءَ جي 12 شاعرن ۽ شاعرائن جي شاعريءَ جو گڏيل مجموعو ”پير پير جو پنهنجو پنڌ“ منهنجي هٿن ۾ آهي. هن 12 تخليقڪارن مان ڪجهه سينئر آهن ته ڪجهه کي شاعريءَ جي ميدان ۾ ايندي ٿورو عرصو ٿيو آ. وفا گل محمد جمالي اڄڪلهه شاعري ڪرڻ سان گڏ شاعريءَ کي ڇپائڻ لاءِ چڱيون ڪوششون پيو ڪري . شاعري پنهنجي اندر جي آواز ۽ احساس کي ٻين تائين پهچائڻ جو سگهارو ذريعو آهي. شاعري ذريعي ٿورين سٽن ۾ وڏا پيغام پر سگهاري انداز ۾ منتقل ڪيا وڃن ٿا. ڪتاب ۾ موجود ڪجهه شاعر دوستن سان تمام گهڻي ويجهڙائي رهي آهي. جيئن ذوالفقار بهڻ منهنجي انهن دوستن مان آهي جن مونکي ادبي دنيا ۾ آڻي رهنمائي ڪئي. ذوالفقار سان ڪراچيءَ ۾ رهندي سنڌي ادبي ايسوسيئيشن فيسبوڪ جي پليٽفارم تان ڪم شروع ڪيوسين. اڄڪلهه ذوالفقار سوشل ميڊيا کان پاسيرو آهي پر ساڻس دوستي پڪي ۽ پختي آهي. سندس شاعريءَ ۾ اميد جو پيغام سمايل هوندو آهي، سندس شاعري ۾ حالتن ۽ مشڪلاتن جو ذڪر هوندو آهي . سائنڻ اندرا پوناوالا هند ۽ سنڌ جي مشهور شاعره آهي. سندس کوڙ ڪتاب ڇپيا آهن. هو شاعره هجڻ سان گڏ بهترين

'پير پير جو پنھنجو پنڌ' ............ مٺل جسڪاڻي نوجوان شاعر جي ايم لاڙڪ (GM Larik) جي مھرباني، جنھن "وفا" پبليڪيشن شھداد ڪوٽ جو ڇپرايل پھريون ڪتاب "پير پير جو پنھنجو پنڌ" ڏياري موڪليو. ھي ڪتاب گڏيل شاعري جو مجموعو، وفا گل محمد جمالي مرتب ڪيو آھي. ھن ڪتاب ۾ ڇھہ شاعر ۽ ڇھہ شاعرائون شامل آھن. ڪتاب جا صفحا اٿلائيندي مرتب طرفان "ڪوشش" عنوان سان "پنھنجي پاران" واريون سٽون پڙھي، سٽاءُ ۾ سندس نالو ڳولي، صفحي 99 جي نشاندھي نوٽ ڪري، ڄاڻايل صفحي تي پھتس، تہ ان صفحي تي ڇپيل غزل تي نظر پئي! آئون اھو غزل پڙھڻ لاءِ ان صفحي تي نہ پھتو ھئس، پر بي خيالي ۾ غزل جي پھرين سٽ پڙھجي وئي! اوھان بہ پڙھو: ھو سبب جيڪو مون لاءِ اتساھہ جو اھو غزل ٽنڊو الھہ يار جي نوجوان، سھڻي، سريلي شاعر فرھاد جروار (Farhad Jarwar) جو آھي. جڏھن تہ آئون مرتب بابت ڄاڻڻ لاء ان صفحي تي پھتو ھئس! بھرحال، پنو اٿلايم تہ صفحي 101 تي "خوبصورت خيالن جو سھڻو شاعر: وفا گل محمد جمالي" جي عنوان سان "ثمينہ بلوچ، حيدراباد" جي تحرير پڙھڻ لاءِ ملي. 160 صفحن تي مشتمل ھن ڪتاب جي قيمت 300 روپيا آھي، جنھن جي عيوض ترتيبوار اندرا شبنم پونا والا (Indira Poonawala)، ماھين ھيسباڻي، امداد سھتو (Imdad Sahito)، عبدالواحد سومرو مجروح ڀٽشاھي (Abdul Wahid Soomro)، فرزانہ شاھين، شبانہ عالماڻي، فرھاد جروار، ھي ڪتاب آڻيندڙ نوجوان وفا گل محمد جمالي، صنم نجيب، ارشاد سومرو، ذوالفقار بھڻ (Zulfiqar Behan) ۽ جي ايم لاڙڪ جو تعارف ۽ سندن شاعري تي راءِ کان پوءِ انھن جي چونڊ شاعري شامل آھي. گڏيل شاعري جي ھن مجموعي تي بشير منگي، درد ھوش محمد ابڙو، وسيم آڪاش سيتائي (Wasim Aakash Sitai) ۽ نسرين الطاف جا ويچار بہ آھن. گڏيل شاعري جي ڪنھن بہ مجموعي تي آئون راءِ ڏيڻ چاھيندي بہ، ھنن سٽن کان اڳ ۾ نہ لکي سگھيو آھيان! اڄ بہ، آئون پنھنجي راءِ پاڻ تائين محدود رکڻ بھتر ٿو سمجھان. مون کي اميد آھي تہ جي ايم لاڙڪ سميت آپا اندرا، امداد سھتو، واحد سومرو، فرھاد جروار، ذوالفقار بھڻ سميت شامل ڪو بہ شاعر، ڪا بہ شاعرہ ناراض نہ ٿيندو / ٿيندي.

'پير پير جو پنھنجو پنڌ' ............ مٺل جسڪاڻي نوجوان شاعر جي ايم لاڙڪ ( GM Larik ) جي مھرباني، جنھن "وفا" پبليڪيشن شھداد ڪوٽ جو ڇپرايل پھريون ڪتاب "پير پير جو پنھنجو پنڌ" ڏياري موڪليو. ھي ڪتاب گڏيل شاعري جو مجموعو، وفا گل محمد جمالي مرتب ڪيو آھي. ھن ڪتاب ۾ ڇھہ شاعر ۽ ڇھہ شاعرائون شامل آھن. ڪتاب جا صفحا اٿلائيندي مرتب طرفان "ڪوشش" عنوان سان "پنھنجي پاران" واريون سٽون پڙھي، سٽاءُ ۾ سندس نالو ڳولي، صفحي 99 جي نشاندھي نوٽ ڪري، ڄاڻايل صفحي تي پھتس، تہ ان صفحي تي ڇپيل غزل تي نظر پئي! آئون اھو غزل پڙھڻ لاءِ ان صفحي تي نہ پھتو ھئس، پر بي خيالي ۾ غزل جي پھرين سٽ پڙھجي وئي! اوھان بہ پڙھو: ھو سبب جيڪو مون لاءِ اتساھہ جو اھو غزل ٽنڊو الھہ يار جي نوجوان، سھڻي، سريلي شاعر فرھاد جروار ( Farhad Jarwar ) جو آھي. جڏھن تہ آئون مرتب بابت ڄاڻڻ لاء ان صفحي تي پھتو ھئس! بھرحال، پنو اٿلايم تہ صفحي 101 تي "خوبصورت خيالن جو سھڻو شاعر: وفا گل محمد جمالي" جي عنوان سان "ثمينہ بلوچ، حيدراباد" جي تحرير پڙھڻ لاءِ ملي. 160 صفحن تي

Gm Jamali with Indira Poonawala and 36 others. July 18 • وفا پبليڪيشن، شهدادڪوٽ پاران گڏيل شاعريءَ جو مجموعو ’’پير پير جو پنهنجو پنڌ‘‘ اشاعتي مرحلي ۾ آهي. هن گڏيل ڪتاب ۾ ناميارا شاعر ۽ شاعرائون موجود آهن. جن ۾ اندرا شبنم پوناوالا ، ماهين هيسباڻي، امداد سهتو، عبدالواحد سومرو ''مجروح ڀٽ شاهي'' ، فرزانه شاهين ، شبانه عالماڻي، فرهاد جروار ، وفا گل محمد جمالي، صنم نجيب، ارشاد سومرو، ذوالفقار بهڻ ۽ جي ايم لاڙڪ شامل آهن. وفا گل محمد جمالي پاران مرتب ڪيل هي مجموعو انڊونيشين پيپر تي، پڪي جلد ۾ 160 پيجز تي مشتمل آهي. جنهن جو ملهه: -/300 روپيه آهي. گهرائڻ لاءِ لکو: 03337504137

Gm Jamali  with  Indira Poonawala  and  36 others . July 18   ·   وفا پبليڪيشن، شهدادڪوٽ پاران گڏيل شاعريءَ جو مجموعو ’’پير پير جو پنهنجو پنڌ‘‘ اشاعتي مرحلي ۾ آهي. هن گڏيل ڪتاب ۾ ناميارا شاعر ۽ شاعرائون موجود آهن. جن ۾ اندرا شبنم پوناوالا ، ماهين هيسباڻي، امداد سهتو، عبدالواحد سومرو ''مجروح ڀٽ شاهي'' ، فرزانه شاهين ، شبانه عالماڻي، فرهاد جروار ، وفا گل محمد جمالي، صنم نجيب، ارشاد سومرو، ذوالفقار بهڻ ۽ جي ايم لاڙڪ شامل آهن. وفا گل محمد جمالي پاران مرتب ڪيل هي مجموعو انڊونيشين پيپر تي، پڪي جلد ۾ 160 پيجز تي مشتمل آهي. جنهن جو ملهه: -/300 روپيه آهي. گهرائڻ لاءِ لکو: 03337504137