Pages

Reading session عنوان ٻولي سکڻ جون مھارتون Class ADE subject Sindhi

Reading session
عنوان ٻولي سکڻ جون مھارتون
Class ADE subject Sindhi

پڙھڻ
ڪنھن به ٻولي ۾ شاگرد جو چار بنيادي لساني مھارتن ٻڌڻ، ڳالھائڻ، پڙھڻ ۽ لکڻ جو سکڻ تمام اھم آھي. لساني تحقيق ٻڌائي پئي ته ننڍا  ٻار اسڪول اچڻ کان اڳ پنھنجي معاشري ۽ گھر جي ماحول مان ٻڌڻ ۽ ڳالھائڻ سکي چڪا ھوندا آھن. پڙھڻ ۽ لکڻ ۾ شاگرد جي مھارت استاد جي معاونت سان ٿيندي آھي جيڪي ھو پھرين درجي کان وٺي پنجين درجي تائين مھيا ڪندا / ڪنديون آھن.
پڙھڻ جا جزا

مھارتون

ذهانت ڇا آهي؟
سکڻ جي صلاحيت ۽ پوءِ ان صلاحيت سان روز مره جي پڙهائڻ دوران ايندڙ مشڪلاتن کي سٺي طريقي سان سلجھائڻ کي ذهانت چئبو آهي.
روايتي نظرين ۽ پڙهائڻ جي طريقن ۾ ذهانت جي ترقيءَ لاءِ فقط ٻولي ()Language۽ عدد شماري
( )Mathematic
جي مهارت ڪافي هئي. ان ۾ فقط استاد کي علم جو ذريعو سمجهيو ويندو هو. استاد جو ڪم ٻارن تائين معلومات پهچائڻ هوندو هو. سڀ نظريه شاگردن تي مڙهيا ويندا هئا. استاد جو ڪم پڙهائڻ ۽ شاگردن جو ڪم پڙهڻ هوندو هو. استاد شاگردن جي ذهنن ۾ علم ڀريندو ويندو هو. خاص خاص معلومات طئي شده طريقي سان ڏني ويندي هئي. شاگردن کان اها توقع ڪئي ويندي هئي ته جيڪو ڪم انهن کي ملي اهو ڪري ڏيکارن ۽ سکن. سٺي ڪم تي شاگرد کي شاباش ڏني ويندي هئي. ان ۾ ٻار جي ذاتي راءِ جو احترام ڪيو ويندو هو ۽ نه ئي هن جي صلاحيت جي ڪا اهميت هئي ڄڻ ته ٻار جو ذهن هڪ خالي دٻو هجي جنهن ۾ هر معلومات ڀري وڃي. هن ۾ ذهني صلاحيتن جو ڪو عمل دخل نه هو.
جديد نظريو: تعليم ذهني اوسر جي ترقيءَ لاءِ مناسب ماحول جي اهميت تي زور ڏئي ٿي. ان جو بنياد ذهني
اوسر متعلق جديد تحقيقات آهي. مختلف محققن جي تحقيق سان حاصل ڪيل نتيجا تعليم ۽ تدريس لاءِ
نهايت ضروري آهن.
قدرتي ۽ سماجي اثر ذهني اوسر تي اثر انداز ٿيندا آهن.:
پهريون ماحول سان واقفيت ٿيندي آهي. پوءِ ٻار پنهنجن تجربن کي غور و فڪر ڪري ڪو خاڪو:
ڏيندا ۽ اڳتي وڌائيندا آهن.
هر ٻار جي اوسر جي رفتار ان جي سماجي ماحول تي منحصر آهي.:
شعور سوچ ۾ ڪافي صفاتي تبديليون آڻيندو آهي.:
سوچ ۾ تبديلي ان وقت ايندي آهي جڏهن ٻار ڳالهائڻ لاءِ ٻوليء جو استعمال ڪندو آهي.:
تعليم سان گڏ ٻار پنهنجي سوچ کي سڃاڻيندو ۽ ان تي حاوي ٿيندو آهي.:
ذهني اوسر ۾ ٻار عمر سان گڏ لاڳاپيل مشڪلاتن کي سلجهائيندو آهي.:
اٺ ذهانتون:
هڪ محقق جو چوڻ آهي ته انسان ۾ اَٺ يا ان کان وڌيڪ ذهانتون هونديون آهن جيڪي ذهني اوسر ۾ مدد ڏينديون آهن.
زبان / ٻولي: ڳالهائڻ - لکڻ - پڙهڻ
رياضي: ڳڻپ - منطقي سوچ تي غور ڪرڻ
بصري: تصوير ٺاهڻ - رنگن جو استعمال- نقشا - ڊزائن
جسماني: کيڏڻ - ورزش - نچڻ
هڪ ٻئي سان رابطو رکڻ: ٻين کي سمجهڻ - گروپ ۾ ڪم ڪرڻ - جذبات ۽ احساسن جو خيال
پنهنجي ذات: ذاتي تصور - غور و فڪر ڪرڻ - ذاتي خيال موسيقي / ڌُنيون ٺاھڻ: آوازن جي لهرن کي سمجهڻ - موسيقي جي آواز کي سمجهڻ - ڌُنيون ٺاهڻ قدرت سان ويجهڙائپ: جانورن سان محبت - قدرتي نظارن ۾ دلچسپي - گلن ۽ باغن ۾ دلچسپي هي ذهانتون هر ٻار ۾ موجود هونديون آهن ۽ انهن جي مدد سان اسان مختلف ڪم ڪندا آهيون. هتي اها ڳالھه غور طلب آهي ته انهن ذهانتن جو تناسب هر انسان ۾ مختلف هوندو آهي. ڪنهن ۾ رياضي جي ذهانت وڌيڪ هوندي آهي ته ڪو ڳالهائڻ ۾ تيز هوندو آهي. ڪو سٺيون تصويرون ٺاهي سگهندو آهي ته ڪو راند روند ۾ ماهر هوندو آهي. مطلب ته ڪا هڪ ذهانت باقي ذهانتن کان وڌيڪ هوندي آهي. انهن ذهانتن کي ٻارن ۾ ڳولهڻ ۽ انهن جي مدد سان ٻارن جي تعليمي اوسر لاءِ سرگرمين مان مدد وٺڻ استاد جي فرضن ۾ شامل آهي ڇو ته اهي ذهانتون ٻارن جي سکڻ جي عمل جي راھه هموار ڪنديون آهن.
ٻار ڪيئن سکندا آهن؟
)1
لکڻ، پڙهڻ ۽ ڳالهائڻ سان
)2
رياضي ۽ دليلن سان
)3
تصويرون ٺاهڻ سان
)4
کيڏڻ سان
)5
هڪ ٻئي سان رابطو رکڻ سان
)6
غور و فڪر ڪرڻ سان
)7
موسيقي جي مدد سان
)8
قدرتي شين جي مشاهدي سان

پڙهڻ ڇا آهي؟
پڙهڻ ٻولي سکڻ جو اهم پهلو ۽ مهارت آهي. اظهار خيال جي لکت واري شڪل کي سڃاڻي پڙھيو ويندو
آهي. ان عمل ۾ آوازن ۽ انهن جي علامتن ۽ صحيح اعرابن کي سڃاڻي وڏي آواز يا خاموشيءَ سان پڙهي ان جو
مفهوم سمجهڻ کي پڙهڻ چيو ويندو آهي. پڙهڻ واري مهارت جي ڪري انسان پڙهيل لکيل سڏيو ويندو آهي
۽ معاشري ۾ عزت ۽ وقار قائم ڪندو آهي. پڙهڻ تعليم ۽ تربيت جو پهريون قدم آهي. جنهن جي ذريعي انسان
علم ۽ هنر جي خزانن تائين رسندو آهي. دنيا داري جو ڪاروبار هلائڻ ان لاءِ آسان ٿي ويندو آهي. ذهن ۽ عقل ۾
پختگي ايندي آهي ۽ روزمره جي معاملن کان باخبر رهندو آهي. پڙهڻ ذهني تفريح جو ذريعو پڻ آهي. تهذيب
۽ تمدن جون رونقون پڙھڻ جي ڪري آهن ڇو ته پڙهڻ سان ئي انسان سکندو آهي. انسان جيترو پڙهندو اوترو
ان جي معلومات ۾ واڌارو ايندو. پڙهڻ ئي روزگار جا موقعا فراهم ڪندو آهي ۽ دفتري ۽ ڪاروباري معاملن ۾
مدد ڏيندو آهي.
پڙهڻ جي عمل ۾ ذهن، ڏسڻ ، ٻڌڻ ۽ ڳالهائڻ جا حواس نهايت اهم ڪردار ادا ڪندا آهن ان سان گڏ و گڏ
ُ جسماني حرڪتون به پڙهڻ جي عمل کي نکارينديون آهن تحقيق مطابق پڙهڻ جي مهارت کي پنجن جزن ۾
ورهايو ويو آهي .
)1
صوتي ڄاڻ
)2
آواز جو علم
)3
رواني
)4
لفظن جو ذخيرو
)5
سمجهي پڙهڻ
پهريون مرحلو: پڙهڻ کان پهريون پڙهندڙ
ڪتاب پڪڙيندو آهي ۽ صفحا صحيح طرح اٿلائيندو آهي:
ڪتاب جي شروع ۽ آخر کي سڃاڻيندو آهي:
آکاڻي ٻڌندو ۽ جواب ڏيندو آهي:
تصويرن جي معنى ڪڍندو ۽ انهن تي توجھ ڏيندو آهي:
ڪجھ اکرن کي سڃاڻيندو آهي.:
پڙهڻ جي آرزو ڪندو ۽ ان ۾ دلچسپيءَ جو اظهار ڪندو آهي.:
ٻيون مرحلو: نئون پڙهندڙ
آکاڻي ٻڌائڻ لاءِ تصويرن جو استعمال ڪندو آهي.
لکيل تحرير کي جڏهن هو پنهنجي چوڌاري ڏسندو آهي ته ان ۾ دلچسپي ظاهر ڪندو آهي.:
لکڻي بابت ڄاڻيندو آهي ته ساڄي کان کاٻي ۽ مٿي کان هيٺ ويندي آهي.:
ڪجھ آواز ۽ اکر ڄاڻيندو آهي جنهن مان آواز ٺهندا آهن.:
ڪجھ لفظن کي سڃاڻيندو آهي جهڙوڪ پنهنجو نالو وغيره:
جڏهن هو مشهور ڪتاب پڙهندو آهي ته هو استاد ۽ پڙهندڙ سان منسلڪ رهندو آهي.:
جن ڪتابن سان لڳاءُ هوندو اٿس انهن ڪتابن جي جوڙ جڪ ۽ لفظن کي پڙهندو آهي.:
پنهنجي ماحول جي ويجهو لکيل شين کي پڙهندو آهي.:
ٽيون مرحلو: شروعاتي پڙهندڙ
گهڻن اکرن جا نالا ۽ انهن جي آوازن کي سڃاڻيندو آهي.:
پنهنجي عمر جي لحاظ سان آکاڻيءَ کي ٻيهر ٻڌائي يا ورجائي سگهندو آهي.:
پنهنجي عمر ۽ صلاحيت مطابق ستر فيصد لفظ پڙهي سگهندو آهي.:
پاڻمرادو پڙهڻ وقت وڏي آواز ۾ پڙهندو آهي.:
اڃان تائين روانيءَ سان نه پر لفظ به لفظ پڙهندو آهي.:
شروعاتي مرحلن وارا ڪتاب ۽ تصويري ڪتاب سڃاڻپ مطابق پڙهندو ۽ ورجائيندو آهي.:
چوٿون مرحلو: ماھر پڙهندڙ
تصويرن کي معنى ڪڍڻ لاءِ استعمال ڪندو آهي.:
تصويرن جي مدد سان معنى اخذ ڪندو آهي.:
پنهنجي ڄاڻ کي جملي جي سڃاڻپ لاءِ استعمال ۾ آڻيندو آهي.:
لفظن کي سمجهڻ لاءِ آوازن جو استعمال ڪندو آهي.:
ڪجھ ٻين مددگار لفظن جي ذخيري ۽ انهن جي معنى سان واقف ھوندو آهي.:
آکاڻيءَ جي شروعات، اختتام ۽ لکيل واقعا ٿوري تفصيل سان ٻڌائيندو آهي.:
پڙهڻ لاءِ پاڻ کي وقف ڪرڻ شروع ڪندو آهي.:
خاموشيءَ سان پڙهڻ شروع ڪندو آهي.:
پڙهڻ دوران پنهنجين غلطين جي سڃاڻپ ۽ درستگي پاڻ ڪندو آهي.:
جيڪڏهن ڪتاب ۾ لفظ واضح لکيل هجن ته چاهي ڪيترو به ڊگهو ڪتاب هجي آسانيءَ سان پڙهي ويندو آهي.
پنجون مرحلو: پاڻمرادو پڙهندڙ
گهڻن ڄاتل سڃاتل لفظن کي سڃاڻي ويندو آهي.:
رواني سان پڙهندو آهي.:
بهتر سمجهڻ لاءِ بيھڪ جي نشانين جو استعمال ڪرڻ لڳندو آهي.: :
معنى ۽ مفهوم کي سمجهڻ شروع ڪندو آهي.:
تمام وڏن ۽ مشڪل جملن جي بناوٽ کي پڙهندو آهي.:
حوالن کي رهنمائيءَ لاءِ استعمال ڪندو آهي.:
آکاڻيءَ جي جزن کي سڃاڻي سگهندو آھي مثال طور: ڪردار ۽ خلاصي کي سمجهڻ:
خاموشيءَ سان گهڻي وقت لاءِ پڙهندو آهي.:
ننڍي مضمون ۾ لڪيل تحريرون ۽ ڪتاب کي آسانيءَ سان پڙهي ويندو آھي.:
ڇهون مرحلو: مڪمل آزاد پڙهندڙ
مختلف علامتن کي استعمال ۾ آڻيندو آهي جهڙوڪ آواز (آواز ڪڍڻ ) ٻوليء جو علم (جملي جي:
ّشناخت) ۽ عام علم ته جيئن معنى ڄاڻي سگهي.
لکيل ۽ ڇپيل لکت کي روانيءَ سان پڙهي سگهندو آهي.:
ٻين طريقن سان لکيل ۽ ڇپيل ڪتاب جو آسانيءَ سان مطالعو ڪري سگهندو آھي .:
مضمون ۾ لڪيل معنى اخذ ڪندو آھي جيئن ان جي سمجھ ۾ واڌارو ٿئي.:
مشڪل ڄاڻ وارا ڪتاب آسانيءَ سان پڙهي سگهندو آھي.:
حوالن وارا ڪتاب ۽ ٻيو مواد بنا ڪنهن مدد جي پڙهي سگهندو آھي.:
خود اعتمادي سان مختلف قسمن جون تحريرون پڙهي ۽ انهن جي فرق کي سمجهي سگهندو آھي:




پڙھڻ جا مرحلا
پڙھڻ جا جزا
پڙهڻ سيکارڻ جا طريقا
پڙهڻ سيکارڻ جا طريقا:
ُ لسانيات جي ماهرن پڙهڻ سيکارڻ جا مختلف طريقا ٻڌايا آهن. اچو ته انهن طريقن تي هڪ نظر وجهون ٿا.
ترڪيبي طريقو:
ُ هي طريقو ج ُ ز کان ڪل جي طرف جي اصول تي واضع ڪيو ويو آهي. ان طريقي ۾ سڀ کان پهريون اکر
ٻڌايو ويندو آهي ۽ پوء اکرن کي ملائي لفظ ٺاهيا ويندا آهن ۽ اهڙي طرح لفظن کي ملائي جملا ٺاهيا ويندا آهن.
مثال طور: لفظ بابا
جملو بابا آءُ - آءُ بابا آءُ
انهن طريقن ۾ هيٺ ڏنل طريقا شامل آهن.
)1
الف ب طريقو ا ب ڀ پ وغيره
)2
تصويرن جي مدد سان ا ب سيکارڻ الف انب ٻ ٻڪري پ پکو
)3
ھڪ آوازي طريقو: آ- با - تا - لا - جا - نا - ما - يا - آنا - ڳانا - تالا - خالا - نالا -با جا
وغيره.
تحليلي طريقو: ُ هي طريقو ڪ ُ ل کان جز ڏانهن وڃڻ واري اصول تي جوڙيو ويو آهي. هن ۾ ٽي طريقا شامل
آهن.
)
1ڪهاڻي وارو طريقو: هن طريقي ۾ ڪهاڻي يا فقرو ڏنو ويندو آهي - ٻار پهريون جملا الڳ ڪندا آهن پوءِ
جملن مان لفظ الڳ ڪندا آهن - آخر ۾ اکر الڳ ڪندا آهن.
)
2جملي وارو طريقو:هن طريقي ۾ بليڪ بورڊ تي جملو لکيو ويندو آهي. پوءِ ان مان لفظ الڳ ڪيا ويندا
آهن. آخر ۾ اکر الڳ ڪيا ويندا آهن.
)
3لفظي طريقو: هن طريقي ۾ استاد ڪاري تختي تي لفظ لکندو / لکندي آهي ۽ پوءِ لفظن مان اکرن کي الڳ
ڪرايو ويندو آهي.
صوتي طريقو: هن ۾ اکرن جي نالن بدران اکرن جا آواز سيکاريا ويندا آهن. اکرن جي شڪل
ساڳي رهندي آهي . پر ان سان گڏ ان جو آواز ملايو ويندو آهي. آوازن کي ملائي لفظن جا آواز
پيدا ڪيا ويندا آهن. پهريون ٻه اکري لفظ جو آواز ڪڍرايو ويندو آهي. اکرن جي شناخت ڪرائي
ويندي آهي. آوازن کي ملائي لفظ ٺهرايا ويندا آهن. پوءِ حرف صحيح جي آواز کي حرف علت جي
آواز سان ملائي پڙهايو ويندو آهي. آخر ۾ سکيل لفظن مان جملا ٺهرايا ويندا آهن.
گڏيل سڏيل پڙهائڻ جو طريقو:هن طريقي ۾ سڀني طريقن جون خوبيون شامل ڪيون ويون آهن.





صوتي سڃاڻپ:
صوتي سڃاڻپ اکرن جي آوازن جي انفرادي حيثيت، انهن ۾ فرق ڪرڻ ۽ انهن کي ٻين آوازن سان ملائي نوان آواز ٺاهڻ جي صلاحيت کي چئبو آهي. صوتي ُ سڃاڻپ ۾ ٻڌندڙ آواز ٻڌي انهن کي سڃاڻيندو / سڃاڻيندي آهي. انهن کي ٻين آوازن سان ڊاهي ۽ ٺاھي سگهندو / سگهندي آهي ۽ انهن آوازن ذريعي
مختلف ٻوليون سکي سگهندو / سگهندي آهي. تحقيق مان ثابت ٿئي ٿو ته آواز جي سڃاڻپ جو تعلق شاگرد جي پڙهڻ جي صلاحيت سان آهي. ان جو مطلب ته جيڪڏنهن شاگرد آوازن جي سڃاڻپ، ٺاهڻ ڊاهڻ ۽ علامتون سمجهڻ مان واقف آهي ته هي صلاحيت هن کي هڪ سٺو پڙهندڙ ٿيڻ ۾ مدد ڏئي ٿي
۽ هو ڪهڙي به تحرير آسانيءَ ۽ روانيءَ سان پڙهي سگهندو / سگهندي آھي.
صلاحڪار ساٿين جو توجھ ان ڳالھ تي ڇڪائيندو / ڇڪائيندي ته آواز جي سڃاڻپ تي اسانجي تعليمي نظام ۾خاص توجھ نه ڏنو ويندو آهي، ۽ ايئن شاگرد جي پڙهڻ جي صلاحيت جي بنيادي ضرورت کي نظر انداز ڪيو ويندو آهي. اهڙي طرح شاگرد سٺو پڙهندڙ            ٿيڻ کان محروم ٿي ويندو آهن. استاد جو فرض آهي ته ھو شاگردن کي آوازن ذريعي پڙھائي. پر ڇو ته ان موضوع تي استاد جي پنهنجي ڄاڻ گهٽ آهي،
ان ڪري شاگردن تائين آواز جي سڃاڻپ جي ڄاڻ منتقل نه ڪري سگهندو / سگھندي آهن. ان ڪري اهو ضروري آهي ته استاد/ استادياڻي آواز جي سڃاڻپ جي باري ۾ مڪمل معلومات حاصل ڪري ان کي روزانو پڙهائڻ دوران استعمال ڪن.
صوتي ڄاڻ:
اسان پنهنجي ماحول ۾ مختلف قسم جا آواز ٻڌندا رهندا آهيون جنهن ۾ مختلف پکي، جانور، ڪيڙا ۽ ماڪوڙا  ۽ ڪائنات ۾ موجود مختلف جسمن جا آواز شامل آهن. مثال طور: ڪڪر جي ڪڙڪاٽ ، طوفاني هوائن ۽  مشينن جا آواز وغيره
هي مختلف آواز  اسان ڪيئن ٻڌندا آهيون؟
اهي آواز مختلف ذريعن کان سفر ڪندي اسان جي ڪنن تائين هوا جي ذريعي پهچندا آهن ۽ ڪن جي پڙدي سان ٽڪرائي اعصابي نظام ذريعي دماغ تائين پهچندا آهن. اسان جو دماغ آواز کي سمجهندو  ((Decode آهي. اهڙيءَ طرح اسان ٻين جو پيغام ٻڌندا آهيون.
شروعاتي دور ۾ انسان آوازن کي ٻڌڻ کانپوءِ انهن آوازن کي ڳالهائڻ جي عضون ذريعي ادا ڪرڻ جي
ڪوشش ڪندو هو. پوء مختلف آوازن ذريعي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندو هو. اهڙيءَ طرح مختلف ٻوليونوجود ۾ آيون. انسان اهي آواز ٻن طريقن سان ادا ڪندو آهي. هڪ اهو آواز جيڪو نڙيءَ مان بنا ڪنهن رڪاوٽ جي ڪڍندو آهي. ٻيو اهو آواز جيڪو ڳالهائڻ وارن عضون جي رڪاوٽ سان نڪرندو آهي.
لسانيات جي ماهرن انهن آوازن کي ٻن حصن ۾ ورهايو آهي. هڪ علت ٻيو صحيح. ٻولي جيئن ته ٻين تائين َ پيغام رسائڻ جو نالو آهي. ان ڪري پنهنجا خيالات پهچائڻ لاءِ ٻولي جي ضرورت هوندي آهي. ماڻهو ان ضرورت کي محسوس ڪندي آوازن کي محفوظ ڪرڻ شروع ڪيو. پوءِ انسان پنهنجا خيال دور دراز علائقن تائين پهچائڻ لاءِ تحرير جي ضرورت محسوس ڪئي ته انهن آوازن کي علامتن جي ذريعي ظاهر ڪجي. اهڙيءَ طرح لکت جو نمونو ۽ ابجد جو تصور اُڀريو
آواز جو علم
ُ آواز جي علم مان مراد ٻڌڻ، فرق ڪرڻ ، نشاندهي ڪرڻ ۽ اکرن جي آوازن کي استعمال ڪرڻ جي صلاحيت آهي. آواز جو علم اهو علم آهي جيڪو آوازن ۽ اکرن ۾ تعلق پيدا ڪندو آهي. ٻارن کي اکرن جي علامتن جي سڃاڻپ ڪرائيندو آهي. آوازن کي اکرن ۽ اکر جي مختلف شڪلين سان ملائيندو آهي. ان سان پڙهڻ ۽ لکڻ جو عمل آسان ٿي ويندو آهي. هر لفظ جي شناخت چند علامتن سان ٿيندي آهي. آواز جي علم کي اسان ٻولي سکڻ جو بنيادي اصول به چوندا آهيون. هن علم ذريعي ٻار اهو سکندا آهن ته ابجد، زيرون ۽ زبرون ڪيئن نوان لفظ ۽ جملا ٺاهڻ ۾ مدد ڪندا آهن.
آواز جي علم ذريعي ٻار اهو سمجهي ويندا آهن ته اکر ( ن ) جو آواز / ن / نڪرندو آهي. آواز جي علم ۾ ٻه حصا  نهايت اهم ڪردار ادا ڪندا آهن. يعني الڳ ڪرڻ ۽ ملائڻ . اڄڪلهه پهرين، ٻئي ۽ ٽئين ڪلاس ۾ گڏيل نصاب استعمال ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ دينيات، سماجي اڀياس ۽ سائنس جا موضوع پڙهايا ويندا آهن. ان لاءِ اهو ضروري آهي ته ڪچي ڪلاسن ۾ ابجد جي آوازن سان ٻارن کي روشناس ڪرايو وڃي. پهرين درجي ۾ اعرابون،اکرن جا اُچار ۽ نڪ مان نڪرندڙ آواز سيکاريا وڃن ۽ انهن جي مدد سان لفظ سيکاريا وڃن. شروعاتي درجن ۾ ٻارن کي اکرن جي شروعاتي، وچين ۽ آخري شڪلن جي به سڃاڻپ ڪرائي وڃي. ٻئين کان پنجين درجن جا شاگرد ان وقت وڌيڪ سکندا آهن جڏهن هو لفظن جي اکرن کي ملائي لفظ ٺاهيندا آهن. اکرن جي مدد سان ٻار معنى جي بغير لفظ به آسانيءَ سان پڙهڻ جي قابل ٿي ويندا آهن
رواني Fluency
روانيء سان پڙھڻ جا پھلو:
رواني سان پڙھڻ مان مراد درستگي سان، تيزي ۽ بغير ڪنھن لاهي چاڙهي پڙھڻ جي صلاحيت آھي.
لفظن جي علامتن ۾ درستگي:
پڙھندڙ ان قابل ھجڻ گھرجي ته ھو گھٽ ۾ گھٽ غلطين سان مواد ۾ موجود لفظن ۽ انھن جي آوازن کي سڃاڻي
سگھي.
خودڪار (پنهنجو پاڻ) طريقو
ُ پڙهندڙ، پڙهڻ سکڻ جي شروعاتي مرحلي ۾، صحيح پڙهي سگهي ٿو پر لفظن جي سڃاڻپ ۾ غير فعال هوندو آهي. مستقل پڙهڻ جي مشق سان لفظن جي جلدي سڃاڻپ، تيزي ۽ بغير ڪنهن ڪوشش جي مددگار ٿيندي آهي، ايستائين جو شاگرد ڪافي لفظ پاڻ سڃاڻي سگهندو آهي پر هن جو وڏي آواز ۾ پڙهڻ، بغير ڪنهن لاهي چاڙهي جي ٿي سگهي ٿو. خودڪار طريقي سان پڙهڻ جو مطلب صرف صحيح ۽ تيزيءَ سان لفظن جي سڃاڻپ آهي، لفظن جي لاهي چاڙهي سان نه - ان ڪري خودڪار (پاڻ) پڙهڻ ضروري آهي پر ڪافي ناهي.

آوازن جا نمونا، لهجا ۽ سر سان پڙهڻ ()Prosody
ُسر ۽ مخصوص لهجي ۾ پڙهڻ مان مراد پڙهندڙ مواد کي با معنى ٽڪرن ۾ ورهائي سگهي. اهي ٽڪرا جملن ۽ انهن جي حصن تي مشتمل هوندا آهن .پڙهندڙ کي اهو ڄاڻڻ ضروري آهي ته جملن جي وچ ۽ آخر ۾ ڪٿي ُر ُ ڪڻو آهي ۽ ڪڏهن لهجي کي تبديل ڪرڻو آهي. رڪجڻ جو صحيح استعمال به ضروري آهي.
پڙهڻ جي سلسلي ۾ پڙھڻ جي رفتار کي وڌائڻ لاءِ ضروري آهي ته شاگرد کي هر هر پيراگراف پڙهڻ جو موقعو ڏنو وڃي. ان کان پهريائين اهو ڄاڻڻ ضروري آهي ته شاگرد پهريان ڇا پڙهي چڪو آهي ۽ ٻيو ته هن کي هرهر  وڏي آواز سان ڪيئن پڙهڻ گھرجي. پڙهڻ ۾ روانيءَ جي ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ پڙهڻ جي مشق جا موقعا ڏيڻ گھرجن.
روانيءَ لاءِ وڏي آواز سان پڙهڻ جي مشق ڪرڻ لازمي آهي. يعني اهڙو سبق يا سبق جو حصو جنهن ۾ اهڙا لفظ  هجن جن کي ٻار آسانيءَ سان سمجهي سگھن ۽ ان جي معنى مراد ٻڌائي سگھن ۽ روانيءَ سان پڙهي سگهن.
پڙهڻ جو مواد ايترو آسان هجي جو شاگرد  95سيڪڙو درست انداز ۾ پڙهي سگھي.
جيڪڏھن مواد گھڻو پيچيده ھوندو ته ٻار پڙھڻ وقت لفظن کي سمجھڻ ۾ وڃائيندا ۽ انھن کي رواني ۾ تيزي   آڻڻ لاءِ موقعو نه ملندو. شاگردن کي پڙھڻ لاءِ مختصر مواد ھجي يعني  50کان  200لفظن تائين پر اھو ٻارن  جي عمر تي منحصر آھي. توهان کي مختلف قسمن جو مواد استعمال ڪرڻ گھرجي، جنهن ۾ ڪهاڻيون ۽ نظم شامل هجن. نظم، پڙهڻ ۾ رواني پيدا ڪرڻ جو بهترين ذريعو آهي، ڇاڪاڻ ته ٻارن جي نظمن ۾ قافيا ۽ وزن به هوندو آهي ۽ مختصر هجڻ سبب هن جي لفظن جي معنى ڪڍڻ واري مشق به آسان هوندي آهي. اهڙي مشق شاگرد ۾ دلچسپي ۽ حوصله افزائيءَ ۾ اضافو ڪندي آهي.
مثالي وڏي آواز سان پڙهڻ:
مثالي وڏي آواز سان پڙهڻ واري عمل کي ٻڌڻ سان ٻارن کي اندازو ٿيندو آهي ته پڙهڻ واري مواد جو مطلب ڇا آهي. توهان روزانو ٻارن جي سامهون وڏي آواز سان پڙهو، جنهن ۾ آواز جو جهيلار درست انداز سان هجي ۽ مواد ۾ موجود تاثرات ۽ ڪيفيتون منتقل ٿي سگهن. هن سان شاگردن ۾ لفظ جي ادائيگيءَ جو ڍنگ پيدا ٿي ويندو.
ٻارن جو وڏي آواز سان پڙهڻ:
جڏهن توهان وڏي آواز سان شاگردن اڳيان پڙهندؤ ته ٻارن جي ذهن ۾ پڙهڻيءَ جو هڪ انداز ذهن نشين ٿيندو. هاڻي ٻارن کي وڏي آواز سان پڙهڻ جو موقعو ڏيو. ائين ڪرڻ سان ٻار مواد کي دهرائيندو ۽ ٻيا پڻ ان کي غور سان ٻڌندا ۽ وچ ۾ ڪيل درستگي پڻ نوٽ ڪندا. گھڻو ڪري ٻارن کي چار دفعا مواد دهرائڻ گھرجي، جنهن سان هنن جي پڙهڻيءَ ۾ رواني پيدا ٿيندي. اهو به ياد رکو ته پڙهڻ جو وقت به محدود رکيل آهي، جنهن ۾ ٻار درست پڙهڻيءَ مان فائدو حاصل ڪري سگهي ٿو.
وڏي ۽ ننڍي جو گڏ پڙهڻ:
ِ توهان ٻار کي پنهنجي سامهون ويهاري پهرين پاڻ پڙهي ۽ وڏي آواز سان مثالي پڙهڻيءَ جو نمونو پيش ڪري ۽ پيراگراف پڙهائجي. وڏو ننڍي جي مدد سان حوصله افزائي ڪندو. ان سرگرميءَ لاءِ وڏي ۽ ننڍي ڪلاس جي شاگردن کان به ڪم وٺي سگھجي ٿو. ٻار ان وقت تائين پڙهن جيستائين اهي روانيءَ سان پڙهڻ جي قابل ٿي وڃن.
گڏجي پڙهڻ    :
ان عمل ۾ گھڻا ٻار ملي گڏجي پڙهندا آهن ۽ استاد انهن جي مدد ڪندو آهي. اهڙيءَ طرح ٻار اهو مواد ڏسندا ويندا آهن جيڪو توهان پڙهندا ويندا آهيو. جڏهن توهان ڪتاب پڙهندؤ ته ٻار به توهان جي ڍنگ تي هلڻ جي ڪوشش ڪندو.
مواد لاءِ مختصر ڪتاب جي چونڊ ڪريو ۽ اهو ذهن ۾ رکو ته ٻارن لاءِ آزاد ماحول جي سطح ڇا آهي؟ ان کان علاوه اڳواٽ سوچڻ واري اشارن تي ٻڌل ڪتاب وڌيڪ مفيد ثابت ٿيندا آهن. توهان وڏي آواز سان پڙهو ۽ ٻيهر ان ڪتاب کي پڙهو ۽ وري ٻارن کي اهو عمل دهرائڻ لاءِ چئو ۽ ڪتاب کي پڙهڻ جاري رکو. ان دوران ٻارن جي همت افزائي ڪرڻ لازمي آهي. توهان کي اهو ڪتاب ٽي يا چار دفعا پڙهڻو آهي. اهو ضروري ناهي ته اهو توهان هڪڙي ڏينهن ۾ ئي ڪري وٺو.
ساٿيءَ سان گڏ پڙهڻ:
ٻارن کي جوڙن ۾ ويهاري هرهڪکي وڏي آواز سان پڙهڻ لاءِ چيو وڃي. ان لاءِ بهتر آهي ته هڪ روانيءَ سان پڙهندڙ ٻار پهرين روانيءَ سان پڙهڻ جو مثالي مظاهرو ڪري پوءِ گھٽ روانيءَ وارو ٻار وڏي آواز سان پڙهي.
روانيءَ سان پڙهڻ وارو ٻار لفظن کي سمجهڻ ۾ ٻئي جي مدد ڪري ۽ فيڊ بيڪ فراهم ڪري، پيراگراف تي پنهنجا ويچار بيان ڪري ۽ ان جي همت افزائي ڪري. گھٽ روانيءَ وارو ٻار ايستائين پڙهي جيستائين
روانيءَ سان پڙهڻ جي قابل ٿي وڃي. هڪ ئي سطح جي وڏي آواز سان ٻڌڻ کان پوءِ ٻار پيراگراف کي وري وري پڙهي سگهندا.
ٿئيٽر:
ڳالهائيندڙ جي ٿئيٽر ۾ شاگرد پنهنجي ساٿين جي سامهون ۽ ٻين جي سامهون ڊرامي جي ڪردار ادا ڪرڻ
لاءِ مڪالمن/ گفتگو جي مشق ڪندا آهن. اهي مڪالما درسي ڪتاب ۽ ٻارن جي ڊرامن ۾ ڏنل ڪردارن مان حاصل ڪري ڪاغذ جي پٽين تي لکي سگهجن ٿا. شاگرد ڊرامن جي ڪردارن جا  ڪالما ۽ انهن ۾ ڏنل تاثرن جي مدد سان اظهار ڪندا آهن. ڳالهائيندڙ جو ٿئيٽر ٻارن کي روانيءَ سان پڙهڻ جو موقعو فراهم ڪندو آهي. ڳالهائيندڙ جو ٿئيٽر پاڻ ۾ سهڪار ۽ گڏيل ردعمل کي فروغ ڏيندو آهي.
رواني ڇو ضروري آهي؟
جيئن ته اسان کي خبر آهي ته رواني جو تعلق لفظن جي سڃاڻپ جي مهارتن سان آهي. اها ٻارن کي لفظن
جي تشريح ڪرڻ ۾ مدد ڪندي آهي ته جيئن هو بي معنى لفظ به پڙهي سگهن. ان جو مطلب اهو آهي ته لفظ ِ جي معنى ۽ هجي تي گهٽ ڌيان ڏئي ان جي سمجهڻ تي ڌيان ڏنو وڃي ته شاگرد ڇا پڙهيو آهي. جيڪڏهن ٻار صرف لفظن جي معنى ڳولهڻ ۾ منجهي پوندو ته هو پڙهڻ جي ٻين طريقن تي توجهه نه ڏئي سگهندو جيڪو هن کي پڙهي سمجهڻ ۾ مدد ڏيندو.
مشق، زباني پڙهڻ ۽ ورجائڻ ٻارن ۾ رواني پيدا ڪرڻ جو بھترين ذريعو آهن. ان ۾ ٻيهر پڙهڻ به شامل
آهي. مثالي وڏي آوازجي نموني جي ذريعي جيڪڏھن ڪتاب جو مواد مشڪل آهي ته ٻار لفظن ۽ ان جي معنى ۾ منجهي پوندو ۽ رواني ۾ رڪاوٽ اچي ويندي آھي.
روانيء سان پڙھڻ جون خاصيتون:
 صحيح اچار
 رواني
 مناسب لاھا چاڙھا
 تاڪيد
 مفھوم جي وضاحت
 مناسب وٿي





رواني سان پڙھڻ جا طريقا
لفظن جو ذخيرو ()Vocabulary
لفظن جي معنى هجڻ جو ذخيرو، شاگردن ۾ رواني سان پڙهڻ جي مهارت پيدا ڪندو آهي. ان کي لفظن جو ذخيرو چئبو آهي. لفظن جو ذخيرو پڙهڻ واري عمل کي سکڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪندو آهي. جڏهن ٻار پڙهڻ سکندا آهن ته هو اهو سمجھڻ شروع ڪندا آهن ته ڪتاب جي صفحي تي اهي لفظ لکيل آهن جيڪي هو پنهنجي عام زندگيءَ ۾ ڳالهائيندا ۽ ٻڌندا رهيا آهن. ان لاءِ اهو آسان ٿي ويندو آهي ته هو لکيل مواد مان ڪجهه مطلب حاصل ڪري سگهن، جيڪو ان جي ٻوليءَ جو اهم حصو آهي.
()Receptive Vocabularyٻڌٻڌي سمجھڻ وارن لفظّن جو ذخيرو: ُ
ھي اھي لفظ آھن جن کي ٻڌي ڪري سمجھي سگھجي ۽ ڏسي پڙھي وڃجي. مطلب ته ھي لفظ ماڻھو جي علم ۽ فھم ۾ ھوندا آھن.
اظهاري/ بياني لفظن جو ذخيرو Expressive Vocabulary
ھي اھي لفظ آھن جن کي ماڻھو پنھنجي خود اعتماديء سان ڳالھائڻ ۽ لکڻ ۾ استعمال ڪري سگھي.

اھڙي طرح اھي لفظ ڳالھائڻ ۽ لکڻ ۾اضافو ڪندا آھن. ان کان علاوه روز مره جي زندگيء ۾ به اھي لفظ استعمال ڪري سگھجن ٿا.
سمجھڻ
متن کي سمجھڻ؛
سمجھڻ اهڙو ٻـ طرفو عمل آهي، جيڪو پڙهندڙ ۽ متن جي وچ سرانجام ٿيندو آهي. صفحي تي لفظن جي
رمز سمجھڻ کان وڌيڪ، سمجھڻ سوچ جو اهڙو طريقي ڪار آهي جيڪو پڙهڻ مهل وقوع پذير ٿيندو آهي.
ڪهڙيون شيون سمجھڻ ۾ مدد فراهم ڪنديون آهن.
سٺو پڙهندڙ، بامقصد ۽ فعال ٿيندو آهي. هو مختلف طريقي ڪار اختيار ڪندا آهن. گھڻو ڪري گڏوگڏ تـ جيئن هو متن مان معنيٰ ڪڍي سگھن. انهن مان چند اهم هي آهن؛
سمجھڻ جي نگراني؛ ڪامياب پڙهندڙ جڏهن پيراگراف کي سمجھندا آهن تـ کين خبر هوندي آهي تـ هو
سمجهي رهيا آهن ۽ جڏهن هو نـ سمجھندا آهن تـ ترسندا آهن ۽ سمجھڻ جي طريقي کي بهتر ڪرڻ تي
سوچيندا آهن.
اڳواٽ معلومات کي ڪتب آڻڻ؛ اڳوڻي معلومات جي بنياد تي، پڙهندڙ ڪهاڻي سان پنهنجو ڳانڍاپو جوڙي وٺندا آهن. شاگرد، پڙهيل عبارت ۽ پنهنجي اڳوڻي معلومات جي وچ ۾ ربط پيدا ڪندا آهن. انهي عمل سان هو پنهنجي موجوده معلومات ۾ اضافو ڪري سگھن ٿا.
پيشنگوئي ڪرڻ؛ سٺو پڙهندڙ، پڙهڻ وقت پيشنگوئي ڪري سگھندو آهي تـ ڪهاڻي ۾ ڪهڙا واقعات پيش اچي سگھن ٿا ۽ ڪهڙا نتيجا نڪري سگھن ٿا.
سوال ڪرڻ؛ پڙهڻ وقت، ٻار سوال پڇندا آهن ۽ جواب ڳولڻ جي ڪوشش ڪندا آهن تـ جيئن انهن جي معنيٰ سمجھي سگھن. سٺا سوال ٻار جي ذهانت تي ٻڌل هوندا آهن تـ هو مزيد ڪهڙي معلومات حاصل ڪرڻ گھري ٿو.
ڪهاڻي کي ٻيهر ترتيب ڏيڻ؛
ٻار، بي ترتيب عبارت کي انهي وقت وڌيڪ سمجھندا آهن جڏهن هو بي ترتيب عبارت کي ٻيهر ترتيب ڏئي سگھن. هي حڪمت عملي ڪهاڻين ۽ معلوماتي مضمونن سان گڏ استعمال ڪري سگھجي ٿي.
خلاصو بيان ڪرڻ؛ جڏهن هو ڪهاڻي جو خلاصو بيان ڪندا آهن تـ هو خاص مقصد حاصل ڪري وٺندا آهن ، اهم معلومات کي سمجهي وٺندا آهن ۽ پنهنجن لفظن ۾ استعمال ڪندا آهن ۽ اهو ثابت ڪندا آهن تـ انهن ڇا سمجھيو آهي

سمجھڻ جا طريقي ڪار؛
موثر پڙهندڙ، هميشــ پڙهيل متن مان معنيٰ ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. هو غير شعوري طور تي پنهنجي پڙهڻ جي صلاحيت جو جائزو وٺندو آهي تـ جيئن هو پڙهيل متن جي بتدريج معنيٰ سمجھي سگھي. پڙهڻ دوران، معنيٰ سمجهڻ ۾ ڏکيائون پيش اچڻ جي صورت ۾، پڙهندڙ، غير شعوري طور تي عبارت کي ورائي ورائي پڙهندو آهي. ( ( Prereadingيا پنهنجي ئي اندر ڪيئي سوال پڇي وٺندو آهي. جنهن جي نتيجي ۾، متن جي معنيٰ ڪڍڻ ۾ هي طريقي ڪار مددگار ثابت ٿيندا آهن ۽ پڙهندڙ، عبارت ۾ موجودمتن جي سمجھ کي ڪاميابي سان سرانجام ڏيندو آهي. تعليمي سرشتي ۾ پڙهڻ جو هنر ۽ انهي جا طريقي ڪار هڪ شعوري ڪوشش آهن جيڪا ابتدائي مرحلي واري پڙهندڙ لاءِ سمجھڻ لازمي آهي. ڪنهن بـ قسم جي عبارت کي پڙهڻ دوران، ان جي متن کي سمجھڻ پڙهندڙ لاءِ نهايت ضروري آهي. پڙهڻ جي پنجين ۽ سڀ کان اهم جزي “سمجھڻ” لاءِ، استاد چند اهڙا طريقا اختيار ڪندا آهن، تـ جيئن انهن جي مدد سان، شاگردن کي پڙهيل عبارت جو متن سمجھ ۾ اچي ۽ پڙهندڙ انهي کي پنهنجي اڳواٽ موجوده معلومات سان ملائي سگھي. هيٺ ڏنل طريقي ڪار، سمجھڻ جي حوالي سان نهايت موثر مڃيا ويندا آهن، ۽ انهن جو استعمال، عبارت جي متن جي بنسبت، استاد متفرق انداز ۾ ڪري سگھن ٿا. استاد تي منحصر آهي تـ هو انهن طريقن کي ڪڏهن ۽ ڪيئن ڪتب آڻي ٿو. انهن سمورن طريقن جي استعمال جو مقصد، پڙهندڙ جو ڌيان، عبارت طرف ڇڪائڻ آهي. کيس پڙهڻ وقت اهڙو بامقصد ٽاسڪ ڏيڻو آهي جنهن جي مدد سان هو عبارت تي پنهنجو پورو ڌيان لڳائي سگھي. اهڙي ريت پڙهندڙ، پڙهجندڙ عبارت کي سولائي سان سمجھي سگھندو.
)Identifying( ؛ شناخت ڪرڻ؛1
هن طريقي ڪار هيٺ، استاد، شاگردن کي ڏنل عبارت ۾ ڪنهن مخصوص قسم جي معلومات کي سڃاڻڻ جي هدايت ڪندو آهي. هي مخصوص معلومات، ڪنهن ڪهاڻي جي ڪردار جون وصفون ٿي سگھن ٿيون، ڪنهن مضمون ۾ موجود اصطلاحون ٿي سگھن ٿيون، چند مخصوص لفظ، جملا، تاريخ يا واقعا ٿي سگھن ٿا. جهڙوڪ؛
1؛ ڏنل عبارت ۾ درج پکين جي خصوصيتن کي انڊر لائين ڪريو.
2؛ ڏنل عبارت ۾ پاڪستان جي آبادي جي باري ۾ معلومات تي دائرو لڳايو
3؛ بگھڙ ۽ رڍ جي ڪهاڻي ۾ بگھڙ جي باري ۾ لکيل جملن تي نمبر لڳايو
4؛ عبارت ۾ موجود (ج) سان شروع ٿيندڙ اکرن کي انڊر لائين ڪريو
نوٽ؛ هن طريقي ڪار کي پڙهڻ وقت ۽ پڙهڻ کان پوءِ ٻنهي صورتن ۾ استعمال ڪري سگھجي ٿو.
تفاوت ڪرڻ Distinguishing(
هن طريقي ڪار تحت، استاد، شاگردن کي ڏنل عبارت ۾ موجود ۽ متفرق معلومات ۾ فرق ڳولڻ ۽ نشاندهي ڪرڻ جي هدايت ڪندو آهي. هن طريقي ڪار کي استعمال ڪرڻ جو بنيادي مقصد، شاگردن ۾ ڪنهن ٻن مختلف ماڻهن، جزن، واقعن، وصفن جو فرق سڃاڻڻ ۽ انهن جي نشاندهي ڪرڻ جي صلاحيت بيدار ڪرڻ آهي. هيٺ ڏنل مثالن سان انهي طريقي کي سولائي سان سمجھائي سگھجي ٿو.
1؛ عبارت ۾ موجود جاندار شين کي انڊر لائين ڪريو ۽ بي جان شين چوڌاري دائرو لڳايو
2؛ عبارت ۾ ڏنل قائد اعظم جي باري ۾ ڏنل معلومات تي ( )جو نشان لڳايو۽ لياقت علي خان تي ڏنل
معلومات تي پر (٭) جو نشان لڳايو
3؛ ڏنل عبارت ۾ درج ٿيل سياري جي موسم جا ميوا ڪالم الف ۾ ۽ اونهاري جا ميوا ڪالم ب ۾ لکو
درجي بندي ڪرڻ ()Classifying
هن طريقي ڪار تحت، استاد، شاگردن کي عبارت ۾ موجود، متفرق معلومات کي انهن جي وصفن، وقت، درجي يا صلاحيت جي نسبت سان ترتيب ڏيڻ جي هدايت ڪندو آهي. مثال طور؛ ڪنهن ڪارخاني جي معلومات بيان ڪرڻ لاءِ، انهي جا وسيلا، ڪارڪن، ۽ آمدرفت جا ذريعا ترتيب وار بيان ڪري سگھجن ٿا. وڌيڪ مثالون هيٺ درج ڪيون ويون آهن.
ڏنل عبارت ۾ موجود، پاڻي ۾ رهندڙ، زمين تي رهڻ وارن ۽ هوا ۾ اڏامندڙ پکين ۽ جانورن کي ڪالم الف،
ڪالم ب ۽ ڪالم ج ۾ درج ڪريو پاڪستان، ڀوٽان، بنگلاديش، ۽ نيپال جي قومي جهنڊن جا رنگ، ۽ انهن تي موجود علامتن کي عبارت مان
ڳولي چئن الڳ الڳ ڪالمن ۾ درج ڪريو


؛ ترتيب ڏيڻ ()Ordering
هن طريقي ڪار ۾ استاد، ڏنل عبارت ۾ موجود معلومات کي بي ترتيب پيش ڪر، شاگردن کي انهن جي درست ترتيب ۾ درج ڪرڻ جي هدايت ڪندو آهي. اهڙي ريت، شاگرد، عبارت ۾ ڏنل معلومات کي انهن جي درست ترتيب ۾ درج ڪرڻ جي مشق ڪندا آهن ۽ هي مشق انهن جي سمجھ جي صحت ڄاڻڻ جو موثر طريقو آهي.
مثال طور؛
1؛ يخني ٺاهڻ جي ترڪيب کي پڙهي ڪري انهي کي درست ترتيب ۾ درج ڪريو
2؛ محمود غزنوي جي فتحن جي تاريخ، درج واقعن جي روشني ۾ درست ترتيب ۾ درج ڪريو
پڙهڻ جون حڪمت عمليون ()Reading Strategies
موٽ ڏيندڙ تدريسي طريقي ڪار ()Reciprocal Teaching
هي طريقي ڪار، چئن حصن تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ شاگردن کي چئن ميمبرن واري گروپ ۾ تقسيم ڪيو ويندو آهي. هر ميمبر جو هڪ ڪردار هوندو آهي. انهن مان هڪ خلاصو بيان ڪندڙ، هڪ سوال ڪندڙ، هڪ جواب ڏيندڙ ۽ هڪ بحث ڪندڙ هوندو آهي. استاد، شاگردن کي چونڊ عبارت پڙهڻ جي هدايت ڪندو. عبارت جو ڊگھو ۽ ضخيم هئڻ شاگردن جي عمر ۽ ٻولي جي ڄاڻ جي درجي بندي ۽ مرحلن تي منحصر آهي. شاگرد، پنهنجن پنهنجن گروپن ۾ عبارت کي پڙهندا ۽ پنهنجا ڪردار ادا ڪندا.
هيٺ ڏنل تفصيل چئني ڪردارن جي حوالي سان آهن.
خلاصو بيان ڪندڙ؛ عبارت کي باآواز بلند پڙهي، انهي جي خلاصي متعلق ميمبرن سان خيالن سان ڏي وٺ ڪندو/ڪندي
سوال پڇندڙ؛ عبارت کي پڙهي، انهي جي باري ۾ سوال، گروپ جي ميمبرن کان پڇندو/پڇندي
جواب ڏيندڙ؛ سوال پڇندڙ جي پڇيل سمورن سوالن جا جواب ڏيندو/ڏيندي
بحث ڪندڙ؛ پڇيل سوالن ۽ جوابن مٿان پنهنجن دليلن جي بنياد تي بحث ڪندو/ڪندي
استاد انهي ڳالھ جي خاطري ڪرائيندو تـ هو چارئي ڪردار شاگردن کي واضح طور تي سمجھائي ۽ ٿي
سگھي تـ انهن ڪردارن کي ادا ڪري پڻ ڏيکاري تـ جيئن شاگردن کي پنهنجا ڪردار ادا ڪرڻ ۾ سولائي ٿئي.
سرگرمي دوران پڻ استاد، شاگردن جي رهنمائي، مدد ۽ نگراني ڪندو، ۽ کين درپيش ڏکيايون دور ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو
( )Venn Diagramوين ڊائيگرام
جڏهن شاگردن کي ڪا اهڙي عبارت پڙهائي وڃي جنهن ۾ ٻـ متفرق شين، ماڻهن، جاين، جانورن، واقعن يا
خيالن جو ذڪر ٿيل هجي، استاد، اڪثر ڪري ٻن ڪالمن وارو خاڪو ٺاهي، شاگردن کان انهن ٻن شين جون خصوصيتن، خوبين يا جزن کي انهن ڪالمن ۾ ڌار ڌار درج ڪرڻ جي هدايت ڪندو آهي. وين ڊائگرام انهي لحاظ سان هڪ منفرد، دلچسپ ۽ نسبتن سولو طريقي ڪار آهي جنهن ۾ شاگرد، ٻن مختلف شين کي ڀيٽي سگھن ٿا ۽ انهن ۾ موجود مختلف ۽ هڪجهڙين خوبين کي انهي خاڪي جي مدد سان واضح ڪري سگھجي ٿو.
هيٺ ڏنل چئن قدمن سان وين ڊائگرام جي سرگرمي بخوبي سرانجام ڏئي سگھجي ٿي
1؛ عبارت چونڊي وڃي.
2؛ بورڊ تي ٻن دائرن وارو خاڪوانهي جي مخصوص انداز ۾ ٺاهيو وڃي ۽ شاگردن کي هدايت ڪجي تـ هو پڻ پنهنجين ڪاپين ۾ انهي خاڪي کي ٺاهين.
3؛ استاد/استادياڻي شاگردن کي هدايت ڪندو/ڪندي تـ اهي متفرق شيون جيڪي عبارت ۾ درج ٿيل آهن تن جون صفتون گول دائري واري خاڪي وين ڊائگرام جتي مختلف لکيل آهي اتي درج. ڪن.
4؛ بعد ۾، استاد/استادياڻي شاگردن کي جوڙن ۾ ويهاري، هدايت ڪندو/ڪندي تـ هاڻ ٻئي شاگرد انهن ٻن متفرق شين جي باري ۾ هڪٻئي سان خيالن جو تبادلو ڪن ۽ جيڪي صفتون انهن ۾ مشترڪ هجن انهن کي دائرن جي وچ واري هنڌ تي لکن
3. ؛ پيشگوئي ڪرڻ (صرف ڪهاڻين لاءِ) Prediction
هن حڪمت عملي تحت، شاگرد، ڪهاڻي ۾ پيش ايندڙ واقعن جي پيش گوئي ڪندا آهن. هي پيش گوئي ڪهاڻي پڙهڻ کان اڳ، انهي دوران ۽ آخر تائين، رڪجي رڪجي استعمال ڪئي ويندي آهي. شاگرد، پنهنجن اڳين تجربن ۽ معلومات جي روشني ۾ هي پيشگوئي ڪري سگھندا آهن. هيٺ ڏنل قدمن ذريعي هن حڪمت عملي کي احسن طريقي سان سرانجام ڏئي سگھجي ٿو.
1؛ ڪهاڻين سان گڏ اڪثر ڪري تصويرون بـ هونديون آهن جيڪي شاگردن جو ڌيان حاصل ڪرڻ جو اهم ذريعو بنجي سگھن ٿيون. استاد/استادياڻي سڀ کان اڳ۾ شاگردن جي توجھ ڪهاڻي سان ڏنل تصويرن ڏانهن ڇڪائيندو/ڇڪائيندي . انهي کان علاوه ڪهاڻي جو عنوان پڻ دلچسپ انداز ۾ پيش ڪري سگھجي ٿو.
2؛ استاد/استادياڻي اهڙا سوال پڇي جن سان شاگرد جي توجھ ڪهاڻي ۾ پيش ايندڙ واقعن ڏانهن ڇڪجي
وڃي. مثال طور؛ هي ڪهاڻي ڪنهن جي باري ۾ آهي؟ هن ڪهاڻي ۾ ڪهڙا ڪهڙا ڪردار آهن؟ ڇا هي جنن ڀوتن جي ڪهاڻي آهي؟ ڇاهي پرين جو داستان آهي؟ يا هي ڪنهن جھنگل جو قصو آهي؟ ڇا هي ڪنهن ڏورانهين ملڪ جي رحمدل بادشاھ جي ڪهاڻي آهي؟

3؛ استاد/استادياڻي شاگردن جا ڏنل سمورا جواب غيرجانبداري سان ٻڌندو ۽ ڪنهن بـ جواب کي رد نـ
ڪندو/ڪندي ۽ نڪوئي وري انهن جي ڪهاڻين سان هڪجهڙائي ظاهر ڪندو. استاداستادياڻي سموريون پيشگويون بورڊ تي درج ڪندو. استاد/استادياڻي هاڻ شاگردن کي ڪهاڻي جو پهريون ڀاڱو خاموشي سان انفرادي طور تي پڙهڻ جي هدايت ڪندو. جيئن ئي پهريون ڀاڱو مڪمل ٿيندو استاد/استادياڻي، ٻن کان ٽن شاگردن کي چوندو تـ اهي هن مهل تائين پڙهيل ڪهاڻي جو خلاصو بيان ڪن ۽ شاگردن جي توجھ، بورڊ طرف ڇڪائيندو ۽ کانئن پڇندو تـ ڪهڙي پيشگوئي ڪهاڻي سان هڪجهڙائي رکي ٿي.
نوٽ؛ استاد/استادياڻي اڳواٽ فيصلو ڪندو/ڪندي تـ ڪٿان کان ڪيستائين شاگردن کي ڪهاڻي پڙهڻ ۽ رڪجڻ جو چوندو/چوندي
4؛ ڇاڪاڻ تـ شاگرد، خاموشي سان عبارت جو مطالعو ڪندا، استاد/استادياڻي شاگردن کي ڏکين لفظن ۾مدد ڪندو/ڪندي. هر اها طئي ٿيل جاءِ جتي عبارت ۾ شاگردن کي ترسڻ جي هدايت ڏنل آهي، اتي هو ڪتاب بند ڪندا ۽ بورڊ تي درج ٿيل پيشگوئي مان ڪهڙي پيشگوئي ڪهاڻي سان هڪجھڙائي رکي ٿي. هو اهو ڏسندا ۽ ڪهاڻي جي اڳئين حصي جي پيشگوئي ڪندا، ايستائين جو ڪهاڻي ختم ٿي وڃي.
5؛ ڪهاڻي مڪمل ٿيڻ بعد، استاد/استادياڻي، ڪنهن بـ شاگرد کي چوندي تـ هو ڪهاڻي جو خلاصو بياقن ڪري. استاد، وڌيڪ شاگردن سان گڏجي، ڪهاڻي جي ڪردارن، رونما ٿيندڙ واقعن، ڪهاڻي جي باري ۾ انهن جي احساسن جي باري ۾ تفصيل سان ساڻن خيالن جي ڏي وٺ ڪندي.
K-W-L ؛4 حڪمت عملي
هي حڪمت عملي اهڙي عبارت سان استعمال ڪئي ويندي آهي جيڪا ڪهاڻي نـ هجي بلڪـ ٻين موضوعن تي ٻڌل ڪو مضمون هجي يا عام معلومات هجي. هن حڪمت عملي ۾ شاگردن جي اڳوڻي معلومات ۽ تجربن کي استعمال ڪندي، کانئن پڇيو ويندو آهي تـ سندن خيال ۾ عبارت ۾ ٻيو ڪهڙي قسم جي وڌيڪ معلومات ٿي سگھي ٿي.
1؛ استاد/استادياڻي بورڊ تي ٽن ڪالمن وارو خاڪو ٺاهيندو ۽ انهي ۾ هيٺ ڏنل سوال لکندو/لکندي
مان ڇا ڄاڻان ٿو؟
)What I Know? )K
مان ڇا ڄاڻڻ چاهيان ٿو؟
)What I Want to Know? )W
مان ڇا ڄاڻي چڪو آهيان؟
)What I Learnt? )L



Resource: sindhi Reading Program Manual

HMs Training Karachi photos album

Siraj uddin Tunio ...