Skip to main content

پڙھڻ جا جزا components of reading parhan ja Juza

پڙهڻ (Reading. 
بنيادي ٻار کي ٻولي سيکارڻ جون چار مهارتون مقرر ٿيل آهن: ٻڌڻ، ڳالهائڻ، پڙهڻ (Reading) ۽ لکڻ. انهن مهارتن ۾ پڙهڻ (Reading) کي وڌيڪ اهميت ڏني وئي آهي. يعني جيڪو ٻار گھڻو پڙهي ٿو ان جي ذهانت ۾ ڪشادگي پيدا ٿيندي آهي. 
انهن معاملن کي سمجهڻ لاءِ سڀ کان اڳ اهو جاچڻ ضروري هوندو آهي ته ٻار ڪهڙي سطح تي آهي. ان لاءِ ٻار جي ذهانت ۽ پڙهڻ واري عمل کي جاچڻ لاءِ جائزي (Assessment) جو عمل تمام ضروري آهي. توهان سڀ ڄاڻو ٿا ته تعليم کي سڌارڻ ۾ امتحان/ جائزو/ ٽيسٽ جو عمل تمام ضروري آهي. ٻار کي پڙهائڻ لاءِ هن جي سطح کي جاچڻ اهم ليکيو ويو آهي.
ٻوليءَ جي چئن مهارتن مان پڙهڻ (Reading)، ٻوليءَ کي سمجهڻ جو هڪ اهم پهلو آهي. خيالن جي اظهار واري لکت کي زباني اچارڻ جو عمل ’پڙهڻ‘(Reading) چيو وڃي ٿو. هن عمل ۾ آواز جي علامتن/ اکرن ۽ درست زيرن زبرن کي ڄاڻي وڏي آواز يا خاموشيءَ سان ’پڙهي سمجهڻ‘ کي پڙهڻ (Reading) مڃيو ويو آهي. جيڪڏهن ڪنهن عبارت کي بغير سمجهڻ جي پڙهيو وڃي ٿو ته ان کي پڙهڻ (Reading) نه چئبو؛ يعني ڪنهن عبارت کي سمجهڻ ئي پڙهڻ (Reading) واري عمل سان سلهاڙيل آهي.
ان عمل بابت ڀٽ ڌڻي سرڪار چوي ٿو ته:
پڙهيو تان پڙهن، پڙهن ڪين قلوب ۾
يعني ائين ته پڙهي وٺجي ٿو پر جيستائين ان کي دل سان پڙهي سمجهڻ واري عمل مان نه ٿو گذارجي ته اهو عمل بيڪار ٿي وڃي ٿو. ان سبب بزرگن توڻي جديد محققن پڙهڻ (Reading) جي مراد کي سمجهڻ سان پائبند ڪيو آهي.
ٻوليءَ جي مهارتن مان پڙهڻ (Reading) واري مهارت جي اهميت ان زاويي سان به ڏسي سگهجي ٿي ته ٻار، ٻڌڻ ۽ ڳالهائڻ پنهنجي گهر يا سماجي ماحول مان سکي ٿو اچي. جڏهن هو اسڪول ۾ داخل ٿو ٿئي ته سندس ٻڌڻ ۽ ڳالهائڻ واريون مهارتون جاچڻ بعد هن کي پڙهڻ (Reading) واري مهارت ڏانهن راغب ڪجي ٿو، جنهن بعد هو لکڻ ڄاڻندو. ان حوالي سان پڙهڻ (Reading) واري مهارت مڙني مهارتن ۾ مرڪزي حيثيت رکي ٿي.
ظاهري طور، پڙهڻ (Reading) وارو عمل لکيل يا ڇپيل مواد مان معنى حاصل ڪرڻ جو نالو آهي. هن مهارت ۾ لکيل يا ڇپيل ڪنهن لفظ يا بيان کي سڃاڻڻ ۽ سمجهڻ اهم ڄاتو ويو آهي. ڏٺو وڃي ته هيءَ مهارت ٻين مهارتن: ٻڌڻ، ڳالهائڻ ۽ لکڻ سان سلهاڙيل آهي، ان ڪري هن مهارت کي مرڪزي حيثيت حاصل آهي. 
تحقيق موجب پڙهڻ (Reading) جي مهارت کي پنجن اهم جزن ۾ رکيو ويو آهي ۽ وري انهن اهم جزن کي ٻين ننڍن جزن ۾ ورهايو ويو آهي، جنهن سان پڙهڻ (Reading) جي مهارت کي وڌائي سگهجي ٿو:
1.  صوتي سڃاڻپ (Phonemic awareness)
2.  آواز جي ڄاڻ                       (Phonic)
3.  پڙهڻ جي رواني               (Frequency)
4.  لفظن جو ذخيرو (Vocabulary)
5.  پڙهي سمجهڻ            (Comprehension)

1.  صوتي سڃاڻپ (Phonemic awareness)



اسان پنهنجي ماحول مان مختلف آواز ٻڌندا رهيا آهيون، جنهن ۾ مختلف پکين، جانورن، جيتن ۽ ڪائنات ۾ موجود مختلف جسمن جا آواز شامل آهن؛ مثلاً: ڪڪرن جا ڪڙڪاٽ، طوفاني هوائن ۽ مشينن جا آواز وغيره.
اهي مختلف قسمن جا آواز اسان ڪيئن ٻڌندا آهيون؟
اصل ۾، اهي آواز مختلف ذريعن سان سفر ڪندا آهن ۽ اسان جي ڪنن تائين اهم ذريعي (Median) يعني هوا جي ذريعي پهچندا آهن. اهو آواز اسان جي ڪنن جي دهلڙيءَ سان ٽڪرائجي لرزش پيدا ڪندا آهن جيڪي اعصابي نظام موجب دماغ ۾ پهچندا آهن ۽ اتي آواز decode ٿيندو آهي ۽ اسين ٻڌندا آهيون. 
ابتدا ۾ انسان آواز ٻڌي پوءِ پاڻ انهن آوازن کي ’ڳالهائڻ جي عضون‘ ذريعي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو. اهڙي نموني سان مختلف آوازن ذريعي هو اظهار ڪرڻ لڳو ۽ اهڙي انداز سان مختلف ٻوليون وجود ۾ آيون. هاڻي انسان جيڪي آواز ڪڍندو رهيو ، اهي ٻن طريقن جا آهن هڪڙا اهڙا آواز جيڪي گلي مان بغير رڪاوٽ جي نڪرندا آهن ۽ ٻيا اهڙا آواز جيڪي ڳالهائڻ جي عضون جي رڪاوٽ سان نڪرندا آهن. ٻوليءَ جي ماهرن اهڙن آوازن کي ٻن حصن ۾ ورهايو، هڪڙا: سُر (vowels) ۽ ٻيا وينجن (consonant).
ٻولي جيئن ته خيالن جي اظهار کي ٻين تائين پهچائڻ جو نالو آهي، ان لاءِ پنهنجي خيال کي ٻين تائين پهچائڻ لاءِ ٻوليءَ جي ضرورت محسوس ڪئي وئي ۽ آوازن کي محفوظ ڪرڻ شروع ڪيو ويو. ان بعد انسان کي پنهنجي خيالن کي ڪنڊ ڪڙڇ جي ماڻهن تائين پهچائڻ لاءِ لکت (writing) جي ضرورت پئي. پوءِ هن انهن آوازن کي مختلف علامتن ذريعي ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. اهڙي نموني سان رسم الخط (Script) ۽ الف-بي/ آئيويٽا (Alphabet) جو تصور اڀريو.
هاڻي درست ٻولي ۽ ان جي رسم الخط ۽ الف-بي سيکارڻ کان پهرين اهو تمام ضروري آهي ته اسين ٻارن کي سڀ کان پهريائين آوازن جي سڃاڻپ ڪرايون، ڇاڪاڻ ته، ٻار اسڪول اچڻ کان اڳ مختلف لفظن جي آوازن کان واقف هوندو آهي. 
ٻار پنهنجي شين جي نالن کان ڪيئن واقف ٿيو؟
ٻار پنهنجي اردگرد جي ماحول ۾ موجود شيون ڏسي ۽ پنهنجي گھر وارن جا آواز ٻڌي شين جي نالن کان واقف رهندو ۽ انهن لفظن جا آواز ڪڍندو رهيو آهي. ان لاءِ لازمي آهي ته انهن کي سڀ کان پهرين آوازن جي سڃاڻپ ڪرايون جيڪي هو پنهنجي عام زندگيءَ ۾ ڪڍندو رهيو آهي.
محترم ٽيچر، اوهان ڄاڻو ٿا ته ٻار جڏهن به ڪنهن لفظ جا آواز ڪڍندو آهي ته سڀ کان پهرين انهن کي پد آواز (syllabic sound) جي صورت ۾ اچاريندو آهي؛ جيئن: مَکِ. هن لفظ کي ٻن پدن جي صورت ۾ اچاريندو يعني [مَ] ۽ [کِ]. هاڻي اصولي طور ڏٺو وڃي ته [مَ] ۽ [کِ] ۾ ٻه- ٻه آواز آهن. هڪ وينجن (consonant)۽ ٻيو سُر (vowels).
[مَ] پد آواز (syllabic sound) کي هن طريقي سان ڇيد ڪري سگهجي ٿو: /م/ + /اَ/ = [مَ]، /ک/ + /اِ/ = [کِ]
اهڙي نموني لفظ ’پاڻي‘ ۾ به ٻه پد آهن جن جو ڇيد هيٺئين نموني ٿي سگهي ٿو: /پ/ + /آ/ = [پا] ۽ /ڻ/ + /اِي/ = [ڻِي].
جيئن ته لفظن ۾ موجود پدن (syllabic sound) جو اهڙو ڇيد (segmenting) ڪرڻ ۽ انهن پدن کي جوڙي (blending) لفظ جوڙڻ کان ٻار ته چڱيءَ طرح واقف نه هوندو آهي؛ ليڪن ٻولي پڙهائيندڙ ٽيچر کي ان جي واقفيت هجڻ لازمي آهي. ان لاءِ اها راءِ رکجي ٿي ته لفظ ’پاڻي‘ ۾ ٻن پدن جي هجڻ جو تصور ٻار تائين پهچائڻ انتهائي لازمي آهي.
آوازن جي اهڙي سڃاڻپ واري عمل کي ’صوتي سڃاڻپ‘ (Phonemic awareness) چئبو آهي. ياد رهي ته صوتي سڃاڻپ جو تعلق صرف آواز سان آهي؛ اکر يا علامت رڳو ان جي نمائندگي ڪندو آهي.
سرگرمي:
ٽيچر آوازن جي سڃاڻپ ڪرائڻ لاءِ ٻارن جي اڳين معلومات جو سهارو وٺندي کانئن چند تصويرن جا نالا معلوم ڪندو/ڪندي. ٽيچر، ٻار کي ’اَکِ‘ جي تصوير ڏيکاري پڇندو/پڇندي ته هيءَ ڇا جي تصوير آهي؟       

جيڪڏهن ٻار ٻڌائي ته ٺيڪ، نه ته استاد پاڻ ٻڌائي ته ’هيءَ اَکِ آهي‘.
استاد ٻيهر معلوم ڪندو ته هن ۾ ڪهڙا پد آوازَ (syllabic sounds) آهن؟جيڪڏهن ٻار ٻڌائي ته ٺيڪ، نه ته ٽيچر پاڻ ٻڌائي ته: هن ۾ ’اَ‘ ۽ ’کِ‘ جا پد آوازَ (syllabic sounds) آهن.
ٽيچر وري ٻار کان پد آواز (syllabic sound) ۽ لفظ معلوم ڪرڻ لاءِ پڇندو/ پڇندي ته:
هن لفظ ۾ پهريون پد آواز (syllabic sound) ڪهڙو آهي؟ (اَ)
هن لفظ ۾ ٻيو پد آواز (syllabic sound) ڪهڙو آهي؟  (کِ)
جيڪڏهن ٻنهي پد آوازن (syllabic sounds) کي ملائبو ته ڪهڙو لفظ ٺهندو؟  (اَکِ)
ان کان پوءِ ٽيچر لفظ ’اَکِ‘ ۾ معلوم ڪندو/ ڪندي ته:
هن لفظ ۾ پهريون وينجن آواز (Consonant) ڪهڙو آهي؟  /ا/
آخري وينجن آواز (Consonant) ڪهڙو آهي؟ /ک/

هن لفظ ۾ پهريون سُر آواز (Vowel) ڪهڙو آهي؟ /اَ/
آخري سُر آواز (Vowel) ڪهڙو آهي؟  /اِ/

ٽيچر چوندو ته: ”اچو ته هاڻي هڪ ٻي شيءِ ٿا ڏسون“:
ٽيچر، ٻار کي ’ڪَن‘ جي تصوير ڏيکاري پڇندو/پڇندي ته هيءَ ڇا جي تصوير آهي؟  
جيڪڏهن ٻار ٻڌائي ته ٺيڪ، نه ته استاد پاڻ ٻڌائي ته ’هي ڪَنُ آهي‘.
استاد ٻيهر معلوم ڪندو ته هن ۾ ڪهڙا پد آوازَ (syllabic sounds) آهن؟ جيڪڏهن ٻار ٻڌائي ته ٺيڪ، نه ته ٽيچر پاڻ ٻڌائي ته: هن ۾ ’ڪَ‘ ۽ ’نُ‘ جا پد آوازَ (syllabic sounds) آهن. 
پد آوازَ (syllabic sounds)
ٽيچر وري ٻار کان پد آوازَ (syllabic sounds) ۽ لفظ معلوم ڪرڻ لاءِ پڇندو/ پڇندي ته:
هن لفظ ۾ پهريون پد آواز (syllabic sound) ڪهڙو آهي؟ /ڪَ/
هن لفظ ۾ ٻيو پد آواز (syllabic sound) ڪهڙو آهي؟  /نُ/ 
جيڪڏهن ٻنهي پد آوازن (syllabic sounds) کي ملائبو ته ڪهڙو لفظ ٺهندو؟ (ڪَنُ)
ان کان پوءِ ٽيچر لفظ ’ڪَنُ‘ ۾ معلوم ڪندو/ ڪندي ته:
وينجن آوازَ (Consonant sounds)
هن لفظ ۾ پهريون وينجن آواز (Consonant) ڪهڙو آهي؟ /ڪ/
آخري وينجن آواز (Consonant) ڪهڙو آهي؟ /ن/
سُر آوازَ (Vowel sounds)
هن لفظ ۾ پهريون سُر آواز (Vowel) ڪهڙو آهي؟ /اَ/
آخري سُر آواز (Vowel) ڪهڙو آهي؟ /اُ/




ٻارؤ، اچو ته هاڻي هنن لفظن ۾ موجود (پد) آوازن جي ڇيد ۽ جوڙ جي مشق ڪريون ۽ آواز ڄاڻون:
(نوٽ: استاد ٻارن کي عام رواجي لفظ الڳ الڳ زباني ٻڌائيندو/ ٻڌائيندي ۽ هرهڪ لفظ جي الڳ الڳ مشق ڪرائيندو/ ڪرائيندي.)
(بُکَ- پاڻي- حَوض- نانْگُ- تِکو- ٻيرُ- جهَنْگُ- ساههُ- مِينْهُن- ٻارُ)
ٽيچر ڄاڻايل لفظن مان زباني ٽي لفظ پدن جي صورت ۾ ڇيد ۽ جوڙ ڪري ٻڌائيندو/ ٻڌائيندي ۽ بقايا لفظن جو ڇيد ۽ جوڙ ڪرڻ لاءِ ٻارن کي هدايت ڏيندو/ ڏيندي ۽ آواز ڄاڻندو/ ڄاڻندي.
(…پا+ڻِي… حَو+ضُ…نانْـ+گُ…)
آخر ۾ ٽيچر ٻارن کي چوندو/ چوندي ته ڪي به لفظ چونڊيو ۽ انهن کي پدن جي صورت ۾ ڇيد ۽ جوڙ (Segmenting and Blending) ڪريو ۽ آواز جي سڃاڻپ ڪرايو.

2.  آواز جو علم (Phonics)
آوازن جي ڄاڻ مان مراد، ’آوازن کي اکرن سان لاڳاپو‘ ڏيکارڻ آهي. هن ۾ ٻارن کي آوازن ذريعي اکرن جي علامتن جي ڄاڻ ڏني ويندي آهي ۽ اکرن ۽ ان جي مختلف صورتن کي ملائي سيکاريو ويندو آهي، جنهن سان هنن ۾ پڙهڻ (Reading) ۽ لکڻ جي عمل ۾ آساني ٿيندي آهي. ڪنهن لفظ جي صورتخطيءَ جي سڃاڻ اکرن سان ٿيندي آهي، ان لاءِ ’آوازن جي ڄاڻ‘ کي ٻوليءَ جي سمجهڻ جو بنيادي اصول سمجهيو ويو آهي.
هن علم وسيلي ٻارن کي اهو سيکاريو ويندو آهي ته الف-بي ۽ زيرن زبرن جي علامتن وسيلي نوان لفظ ۽ جملا ٺاهي سگھجن ٿا. اهڙي طريقي سان ٻار اهو سمجهي ويندا آهن ته [ب] جو آواز ڪيئن اچاربو آهي ۽ ان سان گڏ ٻين اعرابن جو استعمال ڪري ڪيئن لفظ جڙندو آهي. هن علم جا ٻه پهلو نهايت اهم آهن يعني پدن (Syllabic Sound) کي ٽوڙي (Segmenting) ۽ ملائي (Blending) لفظ جي صورت ڏيڻ ۽ ان کي لکت جي صورت ۾ ڄاڻڻ.
اڄڪلهه پهرين ڪلاس کان وٺي گڏيل درسي ڪتاب پڙهايا وڃن ٿا، جن ۾ دينيات، سماجي اڀياس ۽ جنرل ناليج جا مضمون اچي وڃن ٿا. ان لاءِ ضروري آهي ته ابتدائي ڪلاس کان ٻارن کي الف-بي ۽ ان جي آوازن جي ڄاڻ چڱيءَ طرح ڏني وڃي ۽ ان کان علاوه ڏهه صاف سُر (Vowels) ۽ نڪوان سُر (Nasal Vowels) سيکاريا وڃن جن جي مدد سان لفظن کي سمجهڻ ۽ پڙهڻ ۾ سولائي رهي ٿي. ابتدائي ڪلاس ۾ ٻارن کي اکرن جي چئن صورتن: سالم، شروعاتي، درمياني ۽ آخري صورتن کان به واقف ڪرائڻ انتهائي لازم آهي ته جيئن ٻار پڙهڻ ۾ ڪا ڏکيائي محسوس نه ڪري. هن طريقي سان اڻ- ڏٺل لفظ به آسانيءَ سان پڙهي سگھن ٿا.

3.  پڙهڻ ۾ روانيءَ جي اهميت (Fluency)
جيئن ته اسين ڄاڻون ٿا ته پڙهڻ ۾ رواني جو لاڳاپو لفظن کي سڃاڻڻ واري مهارت سان آهي. هن مهارت موجب شاگرد لفظن کي سمجهڻ کان علاوه اهي لفظ به پڙهي ٿو وڃي جن جي معنى يا مراد کان واقف ناهي. ان جو مطلب اهو آهي ته لفظ جي معنى ۽ هِجي تي گھٽ ڌيان ڏئي ان جي سمجهڻ تي وڌيڪ زور ڏنو وڃي ته شاگرد ڇا پڙهيو آهي؟ جيڪڏهن شاگرد لفظن جي معنى ڳولهڻ ۾ منجهي پوندو ته هو پڙهڻ جي ٻين طريقن تي ڌيان نه ڏيندو جيڪي هن کي پڙهي سمجهڻ ۾ مدد ڪن. 
تحقيق ۾ اها ڳالهه آئي آهي ته جيڪي ٻار روانيءَ سان پڙهي ٿا وڃن ته اهي ٻار پڙهڻ کي سمجهي ٿا به وڃن. مڻ مڻ ڪري پڙهڻ واري ٻار ۾ پڙهي- سمجهڻ واري سگهه پيدا نه ٿي ٿئي.
مشق ڪرڻ، زباني پڙهڻ ۽ دهرائڻ شاگردن کي پڙهڻ ۾ رواني پيدا ڪرڻ جو بهترين ذريعو آهي. ان لاءِ ڪتاب شاگردن جي سطح کان مٿي نه هجڻ گھرجي.

4.  لفظن جو ذخيرو (Vocabulary)
لفظن جي معنى هجڻ جو ذخيرو، شاگردن ۾ رواني سان پڙهڻ جي مهارت پيدا ڪندو آهي ان کي لفظن جو ذخيرو چئبو آهي. لفظن جو ذخيرو پڙهڻ واري عمل کي سکڻ ۾ ڪهڙو ڪردار ادا ڪندو آهي؟ 
جڏهن ٻار پڙهڻ سکندا آهن ته اهي اهو سمجھڻ شروع ڪندا آهن ته ڇا ڪتاب جي صفحي تي اهي لفظ ڄاڻايل آهن جيڪي هو پنهنجي عام زندگيءَ ۾ ڳالهائيندا ۽ ٻڌندا رهيا آهن؟ ان لاءِ اهو آسان ٿي ويندو آهي ته هو لکيل مواد مان ڪجهه مطلب حاصل ڪري سگهن، جيڪو ان جي ٻوليءَ جو اهم حصو آهي. جڏهن ٻار صفحي تي لکيل هڪ به لفظ نه ٿو پڙهي سگهي ته سمجھڻ جو عمل ممڪن ئي ڪونهي.
جيڪڏهن ٻار خود ۽ واسطي سان نوان لفظ سکندو آهي ته اهي هن کي پڙهڻ ۾ ڪافي مددگار ثابت ٿيندا آهن ان لاءِ عام زندگيءَ جي سٺي ماحول ۾ اٿڻ ويهڻ کي اهميت حاصل آهي.
شاگردن کي نوان لفظ وضاحت سان ٻڌائڻ گھرجن خاص طور تي ان وقت جڏهن هو ڪهاڻي يا ڪنهن تصور ۾ دقت محسوس ڪندو هجي.
اصل ۾ ٻار پنهنجي ماحول مان ڪافي لفظ کڻي ايندو آهي جن بابت هو ڪنهن حد تي واقف به آهي ليڪن پوءِ به انهن بابت نئين سري سان واضح ڪرڻ انتهائي ضروري آهي. 
هن يونٽ مان مراد اها به آهي ته ٻارن ۾ لفظن جي معنى حاصل ڪرڻ جي اهڙي عادت پيدا ڪئي وڃي جو هنن ۾ پنهنجي عام زندگيءَ مان به حاصل ٿيندڙ لفظن تي به غور ڪرڻ جي صلاحيت پيدا ٿي سگهي.

4.  پڙهي سمجھڻ (Comprehension)
ريڊنگ جو اهم مقصد ’سمجهه‘ سان سلهاڙيل آهي، بغير سمجهڻ، واري پڙهڻ کي ريڊنگ نه چئبو. عام طور تي اسان قرآن پاڪ پڙهندا/ دور ڪندا آهيون، دراصل ان کي پڙهڻ نه چئبو آهي. قرآن پاڪ جي لفظن کي ڏسي اکر جي آوازن کي ملائي لفظ ڊيڪوڊ ته ڪري ويندا آهن پر سمجهي نه سگهندا آهيون، اهڙي عمل کي ڊيڪوڊنگ چئبو آهي، پڙهڻ نه!
پڙهي سمجهڻ اهو گڏيل عمل آهي جيڪو پڙهندڙ ۽ مواد جي وچ ۾ ٿيندو آهي. صفحي تي لفظن کي ڄاڻڻ کان وڌيڪ پڙهي سمجهڻ واري عمل ۾ سوچڻ جو عمل دخل آهي. هڪ سٺي پڙهندڙ جو هڪ مقصد هوندو آهي. ان لاءِ هو ان کي سمجھڻ لاءِ مختلف طريقا ڪم آڻيندو آهي، جيڪي هڪ ئي وقت مواد مان معنى يا مراد وٺي سگھندو هجي. ان لاءِ اهو خيال اڀري ٿو ته ڪهڙا جزا پڙهي سمجھڻ ۾ مدد ڪن ٿا، مثلاً:
پڙهي سمجهڻ جي نگراني
هڪ ڪامياب پڙهندڙ اهو ڄاڻندو آهي ته هو پيراگراف کي سمجهندو ويندو آهي ۽ جڏهن هو رڪجي ويندو آهي ته سمجهڻ کي بهتر بڻائڻ لاءِ طريقا سوچيندو آهي.
اڳين معلومات ڪم آڻڻ
پڙهندڙ ڪهاڻي يا مواد کي پنهنجي اڳين معلومات سان لاڳاپو جوڙي وٺندو آهي، جنهن سان هن ۾ سمجهڻ جي قوت سگھاري ٿيندي آهي.
اڳڪٿي ڪرڻ
هڪ سٺو پڙهندڙ اڳواٽ ئي هڪڙو خيال جوڙي وٺندو آهي ته هن ڪهاڻيءَ ۾ ڪهڙا واقعا پيش اچي سگهن ٿا ۽ ان جا ڪهڙا امڪاني نتيجا نڪري سگهن ٿا.
سوال ڪرڻ
ٻار پڙهڻ وقت ڪي سوال ڪندو آهي ۽ ان جي جوابن کي ڳولهڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ته جيئن ان جي معنى سمجهي سگھن. سٺا سوال ٻارن جي ذهانت تي مبني هوندا آهن جيڪي هن جي تجسّس ۽ معلومات کي وڌائيندا آهن.
ڪهاڻيِءَ کي ٻيهر ترتيب ڏيڻ:
ٻار مواد کي ان وقت وڌيڪ سمجهندو آهي جڏهن هو ڪن به بي ترتيب جملن کي ترتيب ڏئي ڪو مواد بيهاري سگھندا آهن.
خلاصو بيان ڪرڻ:
جڏهن ٻار ڪنهن ڪهاڻيءَ جو تت/ خلاصو بيان ڪندو آهي ته سمجهو ته هو خاص مقصد حاصل ڪرڻ جي تمام ويجهو آهي. هو ڪهاڻي/ مواد جي معلومات کي چڱيءَ ريت سمجهندو آهي ۽ پنهنجي لفظن ۾ ان جو خلاصو بيان ڪندي اهو ثابت ڪندو آهي ته هنن مواد کي ڪافي سمجهيو آهي.

انتهائي مختصر ڪوشش وٺي دوستن اڳيان پنهنجو حال پيش ڪيو آهي. ظاهر آهي ان جي هرهڪ جزي ته ڇا، پر هر هڪ سوال تي ريسرچ ورڪ ٿين ٿا. بس هي هڪ بنيادي ڄاڻ خاطر هي مضمون شيئر ڪجي ٿو.

پڙهڻ ڇا آهي؟ پڙهڻ ٻولي سکڻ جو اهم پهلو ۽ مهارت آهي. اظهار خيال جي لکت واري شڪل کي سڃاڻي پڙھيو ويندو آهي. ان عمل ۾ آوازن ۽ انهن جي عالمتن ۽ صحيح اعرابن کي سڃاڻي وڏي آواز يا خاموشيَء سان پڙهي ان جو مفهوم سمجهڻ کي پڙهڻ چيو ويندو آهي. پڙهڻ واري مهارت جي ڪري انسان پڙهيل لکيل سڏيو ويندو آهي ۽ معاشري ۾ عزت ۽ وقار قائم ڪندو آهي. پڙهڻ تعليم ۽ تربيت جو پهريون قدم آهي. جنهن جي ذريعي انسان علم ۽ هنر جي خزانن تائين رسندو آهي. دنيا داري جو ڪاروبار هالئڻ ان الِء آسان ٿي ويندو آهي. ذهن ۽ عقل ۾ پختگي ايندي آهي ۽ روزمره جي معاملن کان باخبر رهندو آهي. پڙهڻ ذهني تفريح جو ذريعو پڻ آهي. تهذيب ۽ تمدن جون رونقون پڙھڻ جي ڪري آهن ڇو ته پڙهڻ سان ئي انسان سکندو آهي. انسان جيترو پڙهندو اوترو ان جي معلومات ۾ واڌارو ايندو. پڙهڻ ئي روزگار جا موقعا فراهم ڪندو آهي ۽ دفتري ۽ ڪاروباري معاملن ۾ مدد ڏيندو آهي. پڙهڻ جي عمل ۾ ذهن، ڏسڻ ، ٻڌڻ ۽ ڳالهائڻ جا حواس نهايت اهم ڪردار ادا ڪندا آهن ان سان گڏ و گڏ ُ جسماني حرڪتون به پڙهڻ جي عمل کي نکارينديون آهن تحقيق مطابق پڙهڻ جي مهارت کي پنجن جزن ۾ ورهايو ويو آهي .
1 )صوتي ڄاڻ  Phonemic awareness  
 2 )آواز جو علم  Phonics
 3 )رواني Fluency
 4 )لفظن جو ذخيروvocabulary
 5 )سمجهي پڙهڻComprehension
 پڙھڻ  جو پهريون مرحلو:

 پڙهڻ کان پهريون پڙهندڙ ڪتاب پڪڙيندو آهي ۽ صفحا صحيح طرح اٿالئيندو آهي ڪتاب جي شروع ۽ آخر کي سڃاڻيندو آهي آکاڻي ٻڌندو ۽ جواب ڏيندو آهي تصويرن جي معنى ڪڍندو ۽ انهن تي توجھ ڏيندو آهي ڪجھ اکرن کي سڃاڻيندو آهي. پڙهڻ جي آرزو ڪندو ۽ ان ۾ دلچسپيَء جو اظهار ڪندو آهي


Comments

Popular posts from this blog

Reading session عنوان ٻولي سکڻ جون مھارتون Class ADE subject Sindhi پڙھڻ جا جزا پنجن جزن ۾ ورهايو ويو آهي . )1صوتي ڄاڻ )2آواز جو علم )3رواني )4لفظن جو ذخيرو )5سمجهي پڙهڻ

Reading session عنوان ٻولي سکڻ جون مھارتون Class ADE subject Sindhi پڙھڻ ڪنھن به ٻولي ۾ شاگرد جو چار بنيادي لساني مھارتن ٻڌڻ، ڳالھائڻ، پڙھڻ ۽ لکڻ جو سکڻ تمام اھم آھي. لساني تحقيق ٻڌائي پئي ته ننڍا   ٻار اسڪول اچڻ کان اڳ پنھنجي معاشري ۽ گھر جي ماحول مان ٻڌڻ ۽ ڳالھائڻ سکي چڪا ھوندا آھن. پڙھڻ ۽ لکڻ ۾ شاگرد جي مھارت استاد جي معاونت سان ٿيندي آھي جيڪي ھو پھرين درجي کان وٺي پنجين درجي تائين مھيا ڪندا / ڪنديون آھن. پڙھڻ جا جزا پنجن جزن ۾ ورهايو ويو آهي  . )1 صوتي ڄاڻ )2 آواز جو علم )3 رواني )4 لفظن جو ذخيرو )5 سمجهي پڙهڻ روانيء سان پڙھڻ جون خاصيتون: صحيح اچار  رواني مناسب الھا چاڙھا تاڪيد مفھوم جي وضاحت مناسب وٿي مھارتون ذهانت ڇا آهي؟ سکڻ جي صلاحيت ۽ پوءِ ان صلاحيت سان روز مره جي پڙهائڻ دوران ايندڙ مشڪلاتن کي سٺي طريقي سان سلجھائڻ کي ذهانت چئبو آهي . روايتي نظرين ۽ پڙهائڻ جي طريقن ۾ ذهانت جي ترقيءَ لاءِ فقط ٻولي ()Language ۽ عدد شماري ( )Mathematic جي مهارت ڪافي هئي. ان ۾ فقط استاد کي علم جو ذريعو سمجهيو ويندو هو. استاد جو ڪم ٻارن تائين معلومات پهچائڻ هوندو هو. سڀ نظريه

A success story By newly appointed IBA pass HM Saima Khalil, HM at GGPS University campus

A success story By newly appointed IBA pass HM  Saima Khalil, HM at GGPS University campus ================================================================== A success story I am saima khalil newly appointed HM at GGPS University campus when I went to my school there were many serious issues such as low enrollment , drop out, taking money for every things from students( for admission, report cards even for books) short of attandance, no punctuality,less involvment of cummunity, lack of motivation in teacher lack of leadership firstly I observe what are actual issue then with in two days i realiz actuall issue of school is grouping between teachers and worest leadership no one want to sit with other group. Then I start working as mentor I call meetings formal and informal both, motivat them toward their duities after that I take step to utiliz my resources to make school better place for student, I went to karachi university and asked diffrent departments for volintear work and I s

SESLOAF booklet review workshop 22-24 feburay 2017 @ PSTD Karachi

SINDH EDUCATION STUDENTS LEARNING OUTCOME FRAMEWORK (SESLOF) I have been nominated as subject expert for Review and finalization of SESLOF booklet. venue :PSTD Date 22-24 February 2017. Resource persons are Madam rana hussain Rana Hussain | Senior Advisor (Quality Education) | European Union TA | SESSP | British Council | British Deputy High Commission, Shahra-e-Iran, Clifton Karachi Badar Munir Razia Fakir As a subject expert I zulfiqar behan,Idress Jatio and salma Rajpar working on SESLOF framework. Introduction and purpose of workshop discribed by Rana Hussain. Razia Fakir divided to participants in two group. Sindhi group reviewed the draft of SESLOAF booklet and refined, it was very detailed review. We addressed some issues that there is map of sindh, we think it is not updated so we suggest that it should be updated and editing, clarification needed. Other issue we highlighted that there are so many translation and textual errors in technical pages of draft