NED University of Engineering & Technology By #DrZulfiqarBehan سنڌ جي علمي، فني ۽ انسان دوست تاريخ جو روشن باب
NED University of Engineering & Technology By #DrZulfiqarBehan سنڌ جي علمي، فني ۽ انسان دوست تاريخ جو روشن باب سنڌ جي سرزمين هزارين سالن کان علم، تهذيب، تمدن، واپار ۽ فڪر جي حوالي سان دنيا جي اهم علائقن ۾ شمار ٿيندي رهي آهي. موئن جي دڙي جي قديم تهذيب کان وٺي جديد تعليمي ادارن تائين، سنڌ هميشه علم ۽ شعور جي روشني پکيڙيندڙ خطي طور سڃاتي وئي آهي. سنڌ جي تعليمي ادارن ڪيترائي عالم، مفڪر، شاعر، انجنيئر، سائنسدان ۽ سماجي اڳواڻ پيدا ڪيا آهن، جن پنهنجي علم ۽ صلاحيتن سان نه صرف سنڌ، پر پوري پاڪستان ۽ دنيا ۾ پنهنجو نالو روشن ڪيو آهي. انهن ادارن ال مان هڪ اهم ۽ معتبر نالو NED University of Engineering & Technology جو آهي، جيڪو پاڪستان جي قديم ترين ۽ بهترين انجنيئرنگ يونيورسٽين ۾ شمار ٿئي ٿو. هي ادارو صرف انجنيئرنگ جي تعليم جو مرڪز نه، پر سنڌ جي علمي عظمت، جديد سوچ، فني ترقي ۽ انسان دوستيءَ جي هڪ زندهه علامت پڻ آهي. NED يونيورسٽيءَ جي تاريخ رڳو هڪ تعليمي اداري جي تاريخ نه آهي، پر اها سنڌ ۾ جديد تعليم، انجنيئرنگ شعور، سماجي خدمت ۽ قومي ترقيءَ جي هڪ مڪمل داستان آهي. هن اداري جي قي...