(Reading) واري مهارت بابت ڪافي دوستن جو اڪثر اهو پڇڻ ٿيندو آهي ته اهو ريڊنگ پروگرام ڇا هوندو آهي. ان بابت ڪجهه تفصيل ٻڌايو. هتي تمام مختصر پڙهڻ واري مهارت بابت چند اهم ڳالهيون شيئر ڪرڻ گهرندم.... بنيادي ٻار کي ٻولي سيکارڻ جون چار مهارتون مقرر ٿيل آهن: ٻڌڻ، ڳالهائڻ، پڙهڻ (Reading) ۽ لکڻ. انهن مهارتن ۾ پڙهڻ (Reading) کي وڌيڪ اهميت ڏني وئي آهي. يعني جيڪو ٻار گھڻو پڙهي ٿو ان جي ذهانت ۾ ڪشادگي پيدا ٿيندي آهي. انهن معاملن کي سمجهڻ لاءِ سڀ کان اڳ اهو جاچڻ ضروري هوندو آهي ته ٻار ڪهڙي سطح تي آهي. ان لاءِ ٻار جي ذهانت ۽ پڙهڻ واري عمل کي جاچڻ لاءِ جائزي (Assessment) جو عمل تمام ضروري آهي. توهان سڀ ڄاڻو ٿا ته تعليم کي سڌارڻ ۾ امتحان/ جائزو/ ٽيسٽ جو عمل تمام ضروري آهي. ٻار کي پڙهائڻ لاءِ هن جي سطح کي جاچڻ اهم ليکيو ويو آهي. ٻوليءَ جي چئن مهارتن مان پڙهڻ (Reading)، ٻوليءَ کي سمجهڻ جو هڪ اهم پهلو آهي. خيالن جي اظهار واري لکت کي زباني اچارڻ جو عمل ’پڙهڻ‘(Reading) چيو وڃي ٿو. هن عمل ۾ آواز جي علامتن/ اکرن ۽ درست زيرن زبرن کي ڄاڻي وڏي آواز يا خاموشيءَ سان ’پڙهي سمجهڻ‘ کي پڙهڻ (Rea...
(Zulfiqar Behan) Teacher Educator