Tuesday, October 17, 2023

The material development of CPD (Sindhi Urdu)



The Material Review Committee first workshop (SELECT) project was held on 16-19 October 2023 @ DCAR Jamshoro Sindh.

The second workshop was 6 days from 13-19 November 2023.

There were several tasks in these workshops.

1.Scope and sequence

2. leveled readers 

3. Read aloud  

4. lesson planning 5.Reading Standards 

6. Material development standards

7. Cross-cutting themes (a)Gender and pluralism

(b) Socio-emotional support 

(c)inclusive education.

The 5 core components of reading were the main indicators of the review activity.

1. Phonemic Awareness 

2. Phonics

3. Vocabulary 

4. Frequency

5. Comprehension.

Tow more

6. Print concept

7. Sight words

Overall, the workshops were successful in accomplishing their tasks and objectives. The dedicated efforts and cooperation of all participants were instrumental in ensuring the thorough review and enhancement of the educational materials.


The Material Review Committee first workshop (SELECT) project was held on 16-19 October 2023 @ DCAR Jamshoro Sindh.












The Material Review Committee first workshop (SELECT) project was held on 16-19 October 2023 @ DCAR Jamshoro Sindh.






The Material Review Committee first workshop (SELECT) project was held on 16-19 October 2023 @ DCAR Jamshoro Sindh.








The Material Review Committee first workshop (SELECT) project was held on 16-19 October 2023 @ DCAR Jamshoro Sindh.
The Material Review Committee first workshop (SELECT) project was held on 16-19 October 2023 @ DCAR Jamshoro Sindh.






















Friday, September 1, 2023

شاه_عبداللطيف_ڀٽائي

 #شاه_عبداللطيف_ڀٽائي

        (1165 - 1102 ھ)

والد    : شاھ حبيب الله

ڏاڏو    : عبدالقدوس شاھ

پڙڏاڏو : جمال شاھ

تڙڏاڏو : شاھ عبدالڪريم

جنم ھنڌ : ھالا حويلي

وڏن جو تعلق : ھرات سان

1- شاھ لطيف ننڍڙو هيو تہ سندس والد ھالا مان لڏي ڪٿي وڃي رهيو ؟

جواب : ڪوٽڙي

2- ڳوٺ وائي ۾ شاھ لطيف کي ڪنهن جي درسگاه ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو ؟

جواب : آخوند نورمحمَّد ڀٽي جي درسگاه ۾

3- شاھ لطيف سنڌي ٻوليءَ کان علاوه ڪھڙين ٻولين جو عالم ۽ فاضل هيو ؟

جواب : عربي ، فارسي ، ھندي ۽ سرائيڪي

4- شاھ لطيف ھميشہ پاڻ سان گڏ ڪھڙا ڪتاب رکندو ھيو ؟

جواب : قرآن شريف ، مثنوي مولانا روم ، شاھ ڪريم بلڙيءَ واري جو ڪلام

5- سيد علي شير قانع ٺٽوي ، شاھ لطيف کي ڪھڙي ڪتاب ۾ ”اُمي“ سڏيو آھي ؟

جواب : تحفة الڪرام

6- تحفة الڪرام لطيف سرڪار جي وفات کان پوءِ ڪڏهن لکيو ويو ؟

جواب : سورنهن سالن کان پوءِ 1768ع ۾

6- شاھ لطيف کي ڪوٽڙيءَ ۾ ڪنهن سان عشق لڳو ۽ بعد ۾ ان سان شادي بہ ٿيس ؟

جواب : سعيده بي بي ڌيءَ مرزا بيگ ارغون (مغل نواب)

7- شاھ لطيف کي جڏهن مجازي عشق لڳو تہ ان وقت سندس ڪيتري عمر ھئي ؟

جاب : 20 سال

8- شاھ لطيف ، مرزا بيگ جي نياڻيءَ جي جسم جي ڪھڙي حصي کي جھلي دعا گهري ؟

جواب : آڱر

(جنهن جي آڱر سيد هٿ ۾ ، تنهنکي لهر نڪي لوڏو)

9- شاھ لطيف سڀ کان اول ڪٿان جو سفر ڪيو ؟

جواب : گنجي ٽڪر جو

10- شاھ لطيف  سامين ، جوڳين ۽ ڪاپڙين سان گڏ 1740ع ۾ ڪٿان جو سفر ڪيو ؟

جواب :  هنگلاج جو

11- شاھ لطيف  سامين ، جوڳين ۽ ڪاپڙين سان گڏ ڪيترا سال سفر ۾ رھيو ؟

جواب :  03 سال

12-  شاھ لطيف جا مريد ، بيبي سعيده بيگم کي ڇا سڏيندا ھيا ؟

جواب : تاج المخدرات (ستين جو ڇٽ)

13- مرزا بيگ پنهنجي ماڻھن سميت دَلَ ذات جي ڌاڙيلن هٿان ڪڏهن مارجي ويو ؟

جواب : 1124 ھ مطابق 1711ع

14- بيبي سعيده بيگم شادي وقت پاڻ سان گڏ ڪنهن کي وٺي آئي ھئي ؟

جواب : گولو (پنهنجي ننڍي ڀاءُ کي ، جيڪو جلد گذاري ويو)

15- ڪھڙي ڪلھوڙي حاڪم ، شاھ لطيف کي مارائڻ جي ڪوشش ڪئي ؟

جواب : ميان نور محمَّد ڪلھوڙو

16- دھليءَ جا ڪھڙا ٻہ مشھور گويا ، شاھ لطيف جي خدمت ۾ حاضر ٿيندا ھيا ؟

جواب : اٽل ۽ چنچل

17- شاھ لطيف وفات کان ٿورو اڳ ڪھڙي ڪافي چوندو رهندو ھيو ؟

جواب : ڪھڙي منجھ حساب ؟ ھئڻ منهنجو ھوت ري

18- شاھ لطيف ڪيتري عمر ۾ وفات ڪئي ؟

جواب : 63 سال (نبي سائين ۽ علي سائين جيتري عمر)

19- شاھ لطيف کي سندس وصيت موجب ڪنهنجي پيرانديءَ ۾ دفن ڪيو ويو ؟

جواب : محمود شاھ جي پيرانديءَ ۾

20- ڪلھوڙي حڪمران غلام شاھ ڪلھوڙي پنهنجي خرچ سان لطيف سرڪار جو روضو ڪڏنهن جوڙايو ؟

جواب : 1754ع

21- - شاھ لطيف جو روضو ڪھڙي نامياري رازي جوڙي راس ڪيو ؟

جواب : سکر جي مشھور رازي عيدن

22- ميرن جي صاحبيءَ ۾ ڪھڙي حڪمران شاھ لطيف جي روضي ۽ مسجد جي مرمت ڪرائي ؟

جواب : مير نصير خان ٽالپر

23- شاھ لطيف جي روضي جي قبي کي چانديءَ جو دروازو ڪنهن وجهرايو ؟

جواب : مير محمَّد خان ٽالپر

24- شاھ لطيف جي زماني ۾ ڪھڙي ٻاھرين حڪمران سنڌ تي ڪاھ ڪئي ھئي ؟

جواب : نادر شاھ

25- ان ھستيءَ جو نالو ٻڌايو جنهنجي شھادت شاھ لطيف جي حياتيءَ ۾ ٿي ؟

جواب : شاھ عنايت شھيد

26- ھڪ روايت موجب شاھ سائين سمورو ڪلام ڪراڙ ڍنڍ ۾ اڇليو ھو بعد ۾ سندس مريدن سمورو ڪلام ڪھڙي سگهڙ زال وٽان ھٿ ڪيو ؟

جواب : مائي نيامت (ملياڻي نعمت)

27- ”شاھ عبداللطيف ڀٽائي دنيا جو وڏي ۾ وڏو شاعر آھي“ اھا ڳالھ سڀ کان پهرين ڪهڙي عالم ثابت ڪئي ؟

جواب : ايڇ ٽي سورلي

28- ”شاھ جو رسالو“ سڀ کان پهريون ڪنهن ڇپرائي پڌرو ڪيو ؟

جواب : ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ

29-  شاھ لطيف جي مزار تي خاص طور تي ڪھڙي رات جو راڳ ٿيندو آھي ؟

جواب : جمعي جي رات

30- شاھ لطيف ننڍپڻ ۾ ڪھڙي راند جو شوقين هيو ؟

جواب : گز ڪمان

31- شاھ لطيف موسيقيءَ جو ڪھڙو ساز پاڻ ايجاد ڪيو ؟

جواب : تنبورو

32- ان ھندو شاعر جو نالو ٻڌايو جنهن سان شاھ لطيف جي گھري دوستي ھئي ؟

جواب : مدن ڀڳت

33- ڪھڙي شاعر کي نج سنڌي راڳ جو باني چيو وڃي ٿو ؟

جواب : شاھ عبداللطيف ڀٽائي ؒ

34- شاھ لطيف ڪھڙي بزرگ جو مريد ٿيڻ لاءِ سوچيو ھيو ؟

جواب : مخدوم محمَّد زمان لنواري واري جو

35- شاھ لطيف ، محمَّد زمان لنواري واري جو مريد ڇو ٿي نہ سگھيو ؟

جواب : نقشبندي طريقي ۾ راڳ حرام آھي ۽ لطيف سائين راڳ نہ ڇڏيو ۔

36- شاھ لطيف جو ڪھڙي ڍنڍ سان انس ھيو ؟

جواب : ڪراڙ ڍنڍ

37- لطيف سائين جي ان ھمعصر جو نالو ٻڌايو جيڪو مولودن جو وڏو شاعر ۽ ڳائيندڙ ھيو ؟

جواب : مخدوم عبدالرئوف ڀٽي

38- شاھ لطيف جي ان ھمعصر جو نالو ٻڌايو جيڪو ڪافيءَ جو بهترين شاعر ھيو ؟

جواب : ميان صاحب ڏنو فاروقي

39- شاھ لطيف ڪھڙن حاڪمن جي دور کي سونهري دور سڏيو آھي ؟

جواب : سومرا ۽ سما

40- شاھ لطيف پنهنجي شاعريءَ ۾ گُجَرِ ڪنهن کي سڏيو آھي ؟

جواب : مومل کي

41- شاھ سائين جي شاعريءَ ۾ گھڻين سورمين جو ذڪر آھي ؟

جواب : ست

42- شاھ سائين جي شاعريءَ ۾ گھڻن سورمن جو ذڪر آھي ؟

جواب :

43- شاھ سائين جي شاعريءَ ۾ گھڻن سخي ڏاتارن جو ذڪر آھي ؟

جواب : ڏھ

44- شاھ سائين جي انهيءَ سورميءَ جو نالو ٻڌايو جنهنجو تعلق عمر ڪوٽ سان ھيو ؟

جواب : مارئي

45- شاھ جي رسالي ”گنج“ جو پراڻو نسخو ڪھڙي سن ۾ لکيو ويو ؟

جواب : 1800ع ۾

46- شاھ لطيف ، صوفي شاھ عنايت شھيد جو ذڪر ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي ؟

جواب : سر رامڪلي

47- شاھ لطيف سير و سفر جو ذڪر ڪھڙن سرن ۾ ڪيو آھي ؟

جواب : سر کاھوڙي ۽ سر رامڪلي ۾

48- نانگ بلائن جو گهڻو ذڪر شاھ سائين ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي ؟

جواب : سر ڪارايل ۾

49- سنڌي ادب جي انهن عالمن ۽ شاعرن جا نالا ٻڌايو جيڪي شاھ لطيف جي ارد گرد دفن ٿيل آھن ؟

جواب : مير عبدالحسين سانگي ، علامہ عمر بن دائود پوٽو ۽ شيخ اياز

50- ڪئمبرج يونيورسٽي مان شاھ لطيف تي PHD ڪندڙ خاتون جو نالو ٻڌايو ؟

جواب : ڊاڪٽر درشھوار ڌيءَ جي ايم سيد

51- ”لطائف لطيفي“ فارسي زبان ۾ لکيل ڪنهنجو ڪتاب آھي ؟

جواب : مير عبدالحسين سانگي

52- ”لطف اللطيف“ ڪنهنجو لکيل ڪتاب آھي ؟

جواب : دين محمَّد وفائي

53- شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ ڪاڪ جو ذڪر ڪھڙي ڪھاڻيءَ سان منسوب آھي ؟

جواب : مومل راڻو

54- شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ ڪيچ جو ذڪر ڪھڙي قصي سان منسوب آھي ؟

جواب : سسئي پنهون

55- شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ ملير جو ذڪر ڪھڙي داستان سان منسوب آھي ؟

جواب : عمر مارئي

56- شاھ سائين جي ڪھڙي فقير جو اولاد سندس درگاه جي مجاوري ڪندو اچي ٿو ؟

جواب : تمر فقير

57- ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ جرمني مان شاھ جو رسالو 1866ع ۾ شايع ڪرايو ، ان ۾ ڪل ڪيترا سر ڏنل آھن ؟

جواب : 22

58- ڪتاب مقالات الشعراءَ ، جنهن ۾ شاھ سائين جو اوائلي احوال ملي ٿو ، ڪنهنجو لکيل آھي ؟

جواب : مير علي شير قانع ٺٽوي

59- شاھ لطيف جي نالي پٺيان ڪھڙي شھر ۾ يونيورسٽي ٺھيل آھي ؟

جواب : خيرپور

60- شاھ عبداللطيف ڀٽائي چيئر ڪٿي واقع آھي ؟

جواب : ڪراچي يونيورسٽي

61- شاھ لطيف ٻہ ڪتا پاليا ھيا ، انهن کي ڪھڙن نالن سان سڏيندا ھئا ؟

جواب : موتي ۽ کينهو

62- شاھ لطيف جو وصال ڪھڙي حالت ۾ ٿيو ؟

جواب : راڳ ٻڌندي

63- شاھ لطيف راڳ جو سچو قدر ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي ؟

جواب : سر سورٺ

64- ”شاھ عبدالطيف سنڌي سماج جو محافظ آھي ۽ سندس رسالو سنڌي سماج جو عڪس آھي“ ، اھي ڪنهنجا لفظ آھن ؟

جواب : عثمان علي انصاري

65- شاھ جو رسالو ڪھڙي سُرَ کان شروع ٿئي ٿو ؟

جواب : ڪلياڻ

66- سر ڪاموڏ ۾ ڇا جو بيان آھي ؟

جواب : نوري ڄام تماچي

67- سر ليلا چنيسر ۾ ٽيون ڪردار ڪنهنجو آھي ؟

جواب : ڪئنرو

68- ”پيغام لطيف“ ڪنهنجو لکيل ڪتاب آھي ؟

جواب : جي ايم سيد

69- ”سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار“ ڪھڙي سر مان کنيل شعر آھي ؟

جواب : سر سارنگ

70- ڪھڙي سر ۾ مورڙي ميربحر جو ذڪر آھي ؟

جواب : سر گهاتو

71- شاھ جي رسالي ۾ طنز و مزاح وارو ڪلام وڳنڌ فقير بابت بيان ڪھڙي سر ۾ اچي ٿو ؟

جواب : سر بلاول

72- ”شاھ جون سورميون“ ڪنهنجو لکيل ڪتاب آھي ؟

جواب : نارائڻ داس ڀمڀاڻي

73- موکي ۽ متارن جو قصو ڪھڙي سر ۾ آھي ؟

جواب : سر يمن ڪلياڻ

74- ڪونج ۽ ماروي جو ذڪر ڪھڙي سر ۾ آھي ؟

جواب : سر ڏھر

75- شاھ جي رسالي ۾ گهڻن بيتن وارو ڪھڙو سر آھي ؟

جواب : سر حسيني

76- شاھ سائين سج ، چنڊ ، تارن ، ڪتين ۽ چانڊوڪيءَ جو ذڪر ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي ؟

جواب : سر کنڀات

77- شاھ لطيف جي مجازي عشق ۾ ڪھڙو سر ڀائنجي ٿو ؟

جواب : سر کنڀات

78- سر ڪلياڻ جو مکيہ موضوع ڇا آھي ؟

جواب : وحدانيت ، ثنا ۽ وحدت الوجود

79- ارنيسٽ ھيمنگوي جي مشھور ناول ”پوڙھو ۽ سمنڊ“ جي ھيرو سانتياگو جو ڪردار کي شاھ جي ڪھڙي سورمي سان ڀيٽيو ويندو آھي ؟

جواب : پنهون

80- ڪلاچيءَ جي ڪن جو ذڪر شاھ صاحب ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي ؟

جواب : سر گهاتو

81- سر رپ کي ٻي ڪھڙي نالي سان سڏيو ويندو آھي ؟

جواب : سر کيپ

82- شاھ لطيف جي ڪھڙي سر کي سر ماتمي سڏيو ويندو آھي ؟

جواب : سر ڪيڏارو

83- ڪلياڻ لفظ جي معنيٰ ڇا آھي ؟

جواب : سک ، خير

84- ڪلياڻ ڪھڙي ٻوليءَ جو لفظ آھي ؟

جواب سنسڪرت

85- شاھ لطيف سر ڪلياڻ ۾ ڪامل مرشد کي ڇا سڏيو آھي ؟

جواب: ”مھيسر“

86- شاھ سائين جي رسالي جو ڊگھي ۾ ڊگھو بيت ڪھڙي سر ۾ آھي ؟

جواب : سر سارنگ

87- ڀٽ تي رکيل قديم نسخي ”گنج“ جو پهريون سر ڪھڙو آھي ؟

جواب : سر سسئي

88- عالمن جي خيال موجب سر کنڀات شاھ سائين ڪھڙي عمر ۾ چيو هوندو ؟

جواب : جوانيءَ ۾

89- سھڻي ڪهڙي شيءِ تي چڙھي ميهار سان ملڻ ويندي ھئي ؟

جواب : گهڙي تي

90- سر معذوريءَ ۾ ڪنهنجو ذڪر ٿيل آھي ؟

جواب : سسئي پنهون

91- سر ديسي ۾ ڪھڙو لوڪ قصو ڳايو ويو آھي ؟

جواب : سسئي پنهون

92- شاھ لطيف لوڪ قصي سسئي پنهون کي گهڻن سرن ۾ ڳايو آھي ؟

جواب : 5

🔻 سر سسئي آبري

🔻 سر معذوري

🔻 سر ديسي

🔻 سر ڪوهياري

🔻 سر حسيني

93- سر کاھوڙيءَ ۾ ڪنهنجو ذڪر ٿيل آھي ؟

جواب : سيلاني فقيرن ۽ جوڳين جو

94- لطيف سائين ڄام جکري جي سخاوت ۽ بهادريءَ جو ذڪر ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي ؟

جواب : سر بلاول

95- شاھ سائين پنهنجي ڪھڙي سر ۾ نبي اڪرم صہ جي حسن و اخلاق جو ذڪر ڪيو آھي ؟

جواب : سر کنڀات

96- ”سنڌ جو حافظ“ ڪنهن کي سڏيو وڃي ٿو ؟

جواب : شاھ عبداللطيف ڀٽائي ؒ

97- شاھ لطيف سر يمن ڪلياڻ ۾ ڪھڙي پرڏيهي شاعر جو نالو پنهنجي شعر ۾ آندو اٿس ؟

جواب : رومي

98- شاھ لطيف سر سھڻيءَ ۾ هڪ پارسي مصرع ، سنڌ جي ڪھڙي درويش شاعر جي کنئي آھي ؟

جواب : صوفي شاھ عنايت شھيد 

99- شاھ لطيف پنهنجي سموري شاعريءَ ۾ نهايت مختصر پارسي پنهنجي ڪھڙي سر ۾ چئي آھي ؟

جواب : سر يمن ڪلياڻ

100- شاھ لطيف چرخي چورڻ جو پرچار ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي ؟

جواب : سر ڪاپائتي

101- شاھ لطيف ساري عالم جي آباديءَ ۽ آسودگيءَ لاءِ ڪھڙي سر ۾ دعا گهري آھي ؟

جواب : سر سارنگ

102- شاھ لطيف چين ، ترڪي ، روم ، قنڌار ۽ ٻين شھرن ۽ ملڪن جو ذڪر ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي ؟

جواب : سر سارنگ

103- ”سو نہ ڪنهن شيءِ ۾ جيڪي منجھ تراب“ جيڪي خاڪ (مٽيءَ) ۾ آھي اهو ٻي ڪنهن شيءِ ۾ ناهي ۔ ڪھڙي سر جو بيت آھي ؟

جواب : سر سھڻي

104- شاھ لطيف خاڪ جو ذڪر ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي ؟

جواب : سر سھڻي

105- سمنڊ جي خوف ۽ خطرن جو ذڪر ڪھڙي سر ۾ آھي ؟

جواب : سر سريراڳ

106- ڪلاچيءَ جي ڪن جو ذڪر ڪھڙي سر ۾ آھي ؟

جواب : سر گهاتو

107- شاھ لطيف سر سريراڳ ۾ سمنڊ جو ذڪر ٻيو ڪھڙي نالي سان ڪيو آھي ؟

جواب : ديوانو درياءُ

108- شاھ لطيف لوهيڙي جي وڻ جو ذڪر ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي ؟

جواب : سر سريراڳ

109- شاھ لطيف ڪينجهر ڍنڍ جو ذڪر ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي ؟

جواب : سر ڪاموڏ

110- شاھ لطيف سنڌ جي مخملي آسمان جي سونهن ڏانهن اشارا ڪھڙن سرن ۾ ڪيا آھن ؟

جواب : سر کنڀات ۽ سر مومل راڻو

111- شاھ لطيف گلن ڦلن ، ميون ، اَنَ ۽ گاھن جو ذڪر ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي ؟

جواب : سر مارئي

112- شاھ لطيف ، ”ٻاٻيهو“ پکيءَ جو ذڪر ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي ؟

جواب : سر مارئي

113- شاھ جون سورميون ؟

🔻 سسئي 🔻 سھڻي 🔻 مومل  🔻 ليلان   🔻 نوري   🔻 مارئي  🔻 سورٺ

114- شاھ جا سورما ؟

🔻 پنهون  🔻 ميھار  🔻 راڻو     🔻 چنيسر

🔻 ڄام تماچي 🔻 مورڙو ميربحر🔻 ٻيجل

۽ ٻيا

115- شاھ لطيف لسٻيلي جي سخي حاڪم جي واکاڻ ڪھڙي سر ۾ ڪئي آھي ؟

جواب : سر پرڀاتي

116- ڪيڏارو سنسڪرت جي ڪھڙي لفظ جي بگڙيل صورت آھي ؟

جواب : ”ڪيدار“

117- ”ڪيدار“ جي معنيٰ ڇا آھي ؟

جواب : جنگ جو ميدان

118- ميھار کي ٻين ڪھڙن نالن سان سڏيو ويو آھي ؟

جواب عزت بيگ ۽ ساھڙ

119- شاھ عنايت جي شھادت وقت شاھ لطيف جي عمر ڪيتري ھئي ؟

جواب : 28 سال (ڪٿي 31 سال بہ اچي ٿي)

120- شاھ عبداللطيف ڀٽائي ؒ جو 276 هون عرس مبارڪ ڪھڙي سال ۾ ملهايو ويو ؟

جواب : 2019

121- ارنيسٽ ٽرمپ واري شاھ جي رسالي ۾ گھڻا سر آھن ؟

جواب : 26

122- تارا چند واري شاھ جي رسالي ۾ گھڻا سر آھن ؟

جواب : 37

123- ڊاڪٽر گربخشاڻي واري شاھ جي رسالي ۾ گھڻا سر آھن ؟

جواب : 22

124- ڊاڪٽر غلام المصطفيٰ قاسمي واري شاھ جي رسالي ۾ گھڻا سر آھن ؟

جواب : 36

125- علامہ آءِ آءِ قاضي واري شاھ جي رسالي ۾ گھڻا سر آھن ؟

جواب : 29

126- علامہ آءِ آءِ قاضي ، شاھ جي رسالي مان ڪھڙو سر ڪڍي ڇڏيو ؟

جواب : سر ڪيڏارو

127-  ٻانهي خان شيخ واري شاھ جي رسالي ۾ گھڻا سر آھن ؟

جواب : 31

128- الهداد جهجهي جي گنج ۾ ڪيترا سر آھن ؟

جواب : 36

129- سڀ کان پهريون شاھ لطيف ايوارڊ ڪھڙي فنڪار کي مليو ؟

جواب : استاد محمَّد يوسف

130- استاد محمَّد يوسف کي پهريون شاھ لطيف ايوارڊ ڪڏهن مليو ؟

جواب : ايڪٽيھ مارچ 1980ع

131- ٻہ مارچ 1941ع ۾ مرڪزي صلاحڪار بورڊ طرفان شاھ لطيف جي ورسي ڪٿي ملھائي وئي ؟

جواب : خالق ڏني ھال ڪراچيءَ ۾

132- شاھ لطيف جو عرس ھر سال ملھائڻ جي روايت ڪنهن قائم ڪئي ؟

جواب سيد ميران محمَّد شاھ

133- شاھ لطيف جي ڪھڙي عرس جي موقعي تي پهريون ڀيرو عبدالستار پيرزادو عام موڪل جو اعلان ڪيو ؟

جواب : 201 عرس جي موقعي تي

134- شاھ جو رسالو چئن ٻولين ( اردو ، سنڌي ، انگريزي ۽ فارسي) ۾ ڪنهن سهيڙي ڇپرايو ؟

جواب : ڊاڪٽر در شھوار سيد

135- سڀ کان پهريان الف -- ب وار شاھ جو رسالو ڪنهن ترتيب ڏنو ؟

جواب : ڊاڪٽر محمَّد عالم سومرو

136- قاضي فقير محمَّد قانع واري شاھ جي رسالي ۾ ڪيترا سر ڏنل آھن ؟

جواب : 36

137- ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سال 2000ع ۾ تحقيق مڪمل ڪري شاھ جو رسالو گهڻن جلدن ۾ ترتيب ڏنو ؟

جواب : 10 جلد

138- ڊاڪٽر فضل رحيم سومرو جو عربي ۾ ترجمو ڪيل شاھ جو رسالو 251 عرس جي موقعي تي ڪھڙي سال ۾ شايع ٿيو ؟

جواب : 1400 ھ ، 1980ع

139- شاھلطيف جو رسالو ڪڇ وارو گنج شريف ٻارنهن سالن عرصي ۾ سال 1336 ھ ڪنهن لکي پورو ڪيو ؟

جواب : عبدالمطلب جت

140- سر ڪيڏاري ۾ لطيف سرڪار قرآن پاڪ جون ڪيتريون آيتون آنديون آھن ؟

جواب : پنج

141- شاھ لطيف نار جي وهڪري جو ذڪر ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي ؟

جواب سر ڏھر

142- شاھ لطيف گنگا جي وهڪري جو ذڪر ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي ؟

جواب : سر بلاول

143- شاھ لطيف جنت عدن جو ذڪر ڪھڙن ٻن سرن ۾ ڪيو آھي ؟

جواب : سر سورٺ ۽ رامڪلي

شاھ عبداللطيف ڀٽائي ؒ جا سر (ڪلام)

1- سر ڪلياڻ (وحدانيت ، ثنا ۽ وحدت الوجود)

2- سر يمن ڪلياڻ (موکي ۽ متارا جو ذڪر)

3- سر کنڀات (نبي سائين جي حسن و اخلاق ، مجازي عشق ، سج ، چنڊ ، ڪتين ۽ چانڊوڪيءَ جو ذڪر)

4- سر سريراڳ (ٻيڙن ۽ سمنڊ جو ذڪر)

5- سر سامونڊي (وڻجارن جو ذڪر)

6- سر سھڻي

7- سر سسئي آبري

8- سر معذوري

9- سر ديسي

10- سر ڪوهياري

11- سر حسيني

12- سر ليلان چنيسر

13- سر مومل راڻو

14- سر مارئي

15- سر گهاتو (مورڙي ميربحر ۽ مانگر مڇ جو ذڪر)

16- سر ڪاموڏ (نوري ڄام تماچي جو ذڪر)

17- سر ڪيڏارو

18- سر سورٺ

19- سر آسا (اکين جو ذڪر)

20- سر سارنگ

21- سر کاھوڙي

22- سر رپ (سر کيپ)

23- سر رامڪلي (جوڳين جو ذڪر)

24- سر بروو سنڌي

25- سر ڪاپائتي

26- سر پورب

27- سر ڪارايل ( پکين جو ذڪر)

28- سر پرڀاتي

29- سر ڏهر (ڪونج جو ذڪر)

30- سر بلاول (وڳنڌ بابت مذاق ، ڄام جکري جي سخاوت)

🔸شاھ لطيف جا شايع ٿيل رسالا

1- شاھ جو رسالو - ارنيسٽ ٽرمپ - 1866

2- شاھ جو رسالو - تاراچند شوقيرام - 1900

3- رسالہ شاھ عبداللطيف ڀٽائي عليه الرحمة - مرزا قليچ بيگ - 1913

4-  شاھ جو رسالو - ڊاڪٽر ھوتچند مولچند گربخشاڻي - ٽي جلد - (1931-1924-1923)

5- شاھ جو رسالو - غلام محمَّد شاھواڻي - 1950

6- دفتر لطيفي وارو رسالو - محمَّد عثمان ڏيپلائي - 1951

7- رسالو (پيغام) شاھ عبداللطيف ڀٽائي گهوٽ - غلام مصطفيٰ قاسمي - 1951

8- رسالو (پيغام) شاھ عبداللطيف - علامہ آءِ آءِ قاضي - 1961

 9- شاھ جو رسالو - ڪلياڻ آڏواڻي - 1966

10- شاھ جو رسالو - شاھ جو ڪلام - ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ - 1989 - ڏھ جلد

11- شاھ جو رسالو - الف - ب وار - ڊاڪٽر محمَّد عالم سومرو - 1994

12- الف - ب وارو شاھ جو رسالو ۽ رسالي جي ڏسڻي - عبدالغفار گوھر دائود پوٽو - 1994

13- شاھ جو رسالو - عثمان علي انصاري - 1997

14- شاھ جو رسالو - ٻانهون خان شيخ - 2002

🔸شاھ لطيف جو ذڪر مختلف ڪتابن ۾

1- مقالات الشعراءَ - مير علي شير قانع ٺٽوي - 1761ع - 1174 ھ (شاھ لطيف جي وصال کان ڇھ سال پوءِ)

2- تحفة الڪرام - مير علي شير قانع ٺٽوي - 1768ع - 1181 ھ (فارسي) - سنڌي ترجمو - مخدوم امير علي

3- معيار سالڪان طريقت - مير علي شير قانع ٺٽوي - فارسي - 1787 - ترجمو - شيخ محمَّد حسن ٿريچاڻوي - 2010

4- سنڌ ۽ سنڌو ماٿري ۾ رهندڙ قومون - رچرڊ برٽن - 1871

5- احوال شاھ عبداللطيف ڀٽائي - مرزا قليچ بيگ (انگريزي 1877) (سنڌي 1897)

6- لطائف لطيفي - مير عبدالحسين سانگي (فارسي 1887)

7- شاھ تي تحقيق - ليلا رام وطڻ مل - 1889

8- مرغوب الاحباب - نظر علي بلوچ - 1945

9- شاھ سچل سامي - ڪلياڻ آڏواڻي - 1951

۔10- Shah Latif Of Bhit مرتب - ڪريم بخش خالد - 1962 - (210 عرس تي ڇپيو)

11- پنج گنج - قادر بخش بيدل - (فارسي) - (سنڌي ترجمو - صوفي سبحان بخش -1977)

12- شاھ سچل سامي - مرتب : اي جي اتم - 1982 - ٻيو ڇاپو 1984

13- شاھ سچل ۽ خليفو قاسم - محمَّد حسين ڪاشف - 2012

14- لطيفي لهرون - (مضمون) - پروفيسر علي نواز جتوئي

🔸شاھ جي رسالي تي تحقيق

1- شاھاڻو شاھ - لعل چند امر ڏنو - 1914

2- مقدمہ لطيفي - ڊاڪٽر گربخشاڻي - 1923

3- لطيفي سير - ڀيرو مل آڏواڻي - 1928

4- شاھ جي رسالي جو رهبر عرف ککر ۾ کڙو - محمَّد عثمان ڏيپلائي

5- پيغام لطيف - جي ايم سيد - 1952

6- ڀٽ ڌڻي عرف فڪر لطيف - مولوي عبدالحيءُ - 1962

7- احوال شاھ عبداللطيف ڀٽائي - مرزا قليچ بيگ - 1972ع - 1392 ھ

8- شاھ لطيف جي شاعري - تنوير عباسي - 1976

9- شاھ ، سچل ، سامي - محمَّد ابراهيم جويو - 1978

10- لطيف جو پيغام - ميمڻ عبدالمجيد سنڌي - 1979

11- سنڌي ثقافت ۽ شاھ لطيف - ڊاڪٽر شاھنواز سوڍر - 1988

12- شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ علامت نگاري - ڊاڪٽر غلام النبي سڌايو - 1990

13- شاھ جي ٻولي - آفتاب ابڙو - 1990

14- شاھ جي شاعري ۾ عورت جو روپ - ڊاڪٽر فهميده حسين - 1993

15- ڀٽ جو گهوٽ - ڊاڪٽر بشير احمد شاد - 1993

16- عرفان لطيف - ڊاڪٽر بشير احمد شاد

17- پيھي منجھ پاتال - ڊاڪٽر بشير احمد شاد

18- شاھ لطيف ھر دور جو شاعر - ڊاڪٽر بشير احمد شاد

19- شاھ جون آکاڻيون - ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي - 1994

20- شاھ جي شاعري ۾ استعارا ۽ تشبيھ نگاري - ڊاڪٽر ام ڪلثوم - 2004

21- ڀٽائي جو مطالعو - ڊاڪٽر اسد جمال پلي - 2006

22- شاھ لطيف جي ٻولي جو تحقيقي جائزو - ج ع منگهاڻي - 2006

23- سوز وساز لطيف - حيدر علي - 2009

24- مون مطالع سپرين - اياز قادري

25- سنڌ جو شاھ - بدر ابڙو

26- ڀٽ جو شاھ - ايڇ ٽي سورلي - سنڌيڪار عطا محمَّد ڀنڀرو

27- لطيف جو پيغام - ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي

28- فڪر لطيف - ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي

29- لات جا لطيف جي - آغا سليم

30- اديون آءُ اڄاڻ - ڊاڪٽر فهميده حسين

31- لطيفي لات - ممتاز مرزا

32- موکي متارا - استاد لغاري

33- جھڙي سونهن سندياس - ڊاڪٽر محمَّد علي مانجهي

34- مون ۾ تون موجود - ڊاڪٽر محمَّد علي مانجهي

35- شاھ جي رسالي جي نباتات - پريتم پياسي

🔸شاھ لطيف جي رسالي جا ڪي ترجما

1- رسالہ شاہ عبداللطیف بھٹائی (اردو) - شيخ اياز - 1963

2- رسالہ شاہ عبداللطیف بھٹائی (اردو) - آغا سليم - 2000

3- کلام شاه عبداللطيف - (اردو - نثري ترجمو) - اياز قادري ۽ وقار احمد - 1993

۔4- Shah Jo Risalo alias Ganj Latif - محمود يعقوب آغا شاھ - 1985

۔5- Risalo of Shah Abdul Latif Bhitai Translated in Verses - پروفيسر آمنہ خميساڻي - 1994

۔6- Risalo of Shah Abdul Latif Bhitai

 ايلسا قاضي (Selction) - 1965

۔7- Selection From Risalo - جي الانا

8- السيد عبداللطيفرحمة اللہ عليه اشاعرالڪبير في ال باڪس ٽانڪڻ - (عربي) - ڊاڪٽر فضل رحيم سومرو - 1989

9- شاھ ڀٽائی دا رسالہ - (پنجابي) - ڪرتار سنگھ عرش وارو - 1996

Courtesy.Social Media 

Friday, August 4, 2023

پڙھڻ جي تعريف جزا ۽ سرگرميون


پڙهڻ  جي مهارت بابت بنيادي ڄاڻ

پڙهڻ جي مهارت بابت بنيادي ڄاڻ 







 ٻولي سيکارڻ جون بنيادي مھارتون چار آهن  انهن مهارتن ۾ پڙهڻ کي وڌيڪ  اهميت ڏني وئي آهي. يعني جيڪو ٻار گھڻو پڙهي ٿو ان جي ذهانت ۾ ڪشادگي پيدا ٿيندي آهي. 
انهن معاملن کي سمجهڻ لاءِ سڀ کان اڳ اهو جاچڻ ضروري هوندو آهي ته ٻار ڪهڙي سطح تي آهي. ان لاءِ ٻار جي ذهانت ۽ پڙهڻ واري عمل کي جاچڻ لاءِ جائزي (Assessment)  عمل تمام ضروري آهي. 

توهان سڀ ڄاڻو ٿا ته تعليم کي سڌارڻ ۾ امتحان/ جائزو/ ٽيسٽ جو عمل تمام ضروري آهي. ٻار کي پڙهائڻ لاءِ هن جي سطح کي جاچڻ اهم ليکيو ويو آهي.
ٻوليءَ جي چئن مهارتن مان پڙهڻ (Reading)، ٻوليءَ کي سمجهڻ جو هڪ اهم پهلو آهي. خيالن جي اظهار واري لکت کي زباني اچارڻ جو عمل کی ’پڙهڻ‘(Reading) چيو وڃي ٿو. 
هن عمل ۾ آواز جي علامتن/ اکرن ۽ درست زيرن زبرن کي ڄاڻي وڏي آواز يا خاموشيءَ سان ’پڙهي سمجهڻ‘ کي پڙهڻ (Reading) مڃيو ويو آهي.
 جيڪڏهن ڪنهن عبارت کي بغير سمجهڻ جي پڙهيو وڃي ٿو ته ان کي پڙهڻ (Reading) نه چئبو؛ يعني ڪنهن عبارت کي سمجهڻ ئي پڙهڻ (Reading) واري عمل سان سلهاڙيل آهي.

ٻوليءَ جي مهارتن مان پڙهڻ (Reading) واري مهارت جي اهميت ان زاويي سان به ڏسي سگهجي ٿي ته ٻار، ٻڌڻ ۽ ڳالهائڻ پنهنجي گهر يا سماجي ماحول مان سکي ٿو اچي. جڏهن هو اسڪول ۾ داخل ٿو ٿئي ته سندس ٻڌڻ ۽ ڳالهائڻ واريون مهارتون جاچڻ بعد هن کي پڙهڻ (Reading) واري مهارت ڏانهن راغب ڪجي ٿو، جنهن بعد هو لکڻ ڄاڻندو. ان حوالي سان پڙهڻ (Reading) واري مهارت مڙني مهارتن ۾ مرڪزي حيثيت رکي ٿي.
ظاهري طور، پڙهڻ (Reading) وارو عمل لکيل يا ڇپيل مواد مان معنى حاصل ڪرڻ جو نالو آهي. هن مهارت ۾ لکيل يا ڇپيل ڪنهن لفظ يا بيان کي سڃاڻڻ ۽ سمجهڻ اهم ڄاتو ويو آهي. 

ڪنھن عبارت ( نظم / نثر ) ۾ پيش ڪيل  علامتن، جملن ۽ لفظن وغيرہ  جي معني  مطلب ۽  مفھوم  سمجھڻ کي “پڙھڻ “ چيو ويندو آھي
“پڙھڻ “سيکارڻ ھڪ مرحليوار عمل آھي. جيڪو اکرن ۽ لفظن جي آواز (صوتي ڄاڻ)  کان شروع ٿيندي  اکرن ۽ لفظن جي آوازن جي علامتن /  شڪلين  جي تعلق  ( علم صوت)، لفظن جي ذخيري ۽ رواني سان پڙھڻ جي مرحلي کان ٿيندي  سمجھي پڙھڻ يا تفھيم عبارت جي منزل تائين پھچندوآھي 


 


 (Reading) پڙھڻ جي مهارت کي پنجن اهم جزن ۾ رکيو ويو آهي ۽ وري انهن اهم جزن کي ٻين ننڍن جزن ۾ ورهايو ويو آهي، جنهن سان پڙهڻ (Reading) جي مهارت کي وڌائي سگهجي ٿو:
1.  صوتي سڃاڻپ (Phonemic awareness)
2.  آوازن جو علم    علم صوتيات                        (Phonic)
3.  پڙهڻ جي رواني               (Frequency)
4.  لفظن جو ذخيرو (Vocabulary)
5.  پڙهي سمجهڻ            (Comprehension)

1.  صوتي سڃاڻپ (Phonemic awareness)
اسان پنهنجي ماحول مان مختلف آواز ٻڌندا رهيا آهيون، جنهن ۾ مختلف پکين، جانورن، جيتن ۽ ڪائنات ۾ موجود مختلف جسمن جا آواز شامل آهن؛ مثلاً: ڪڪرن جا ڪڙڪاٽ، طوفاني هوائن ۽ مشينن جا آواز وغيره.
اهي مختلف قسمن جا آواز اسان ڪيئن ٻڌندا آهيون؟
اصل ۾، اهي آواز مختلف ذريعن سان سفر ڪندا آهن ۽ اسان جي ڪنن تائين اهم ذريعي (Median) يعني هوا جي ذريعي پهچندا آهن. اهو آواز اسان جي ڪنن جي دهلڙيءَ سان ٽڪرائجي لرزش پيدا ڪندا آهن جيڪي اعصابي نظام موجب دماغ ۾ پهچندا آهن ۽ اتي آواز decode ٿيندو آهي ۽ اسين ٻڌندا آهيون. 
ابتدا ۾ انسان آواز ٻڌي پوءِ پاڻ انهن آوازن کي ’ڳالهائڻ جي عضون‘ ذريعي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو. اهڙي نموني سان مختلف آوازن ذريعي هو اظهار ڪرڻ لڳو ۽ اهڙي انداز سان مختلف ٻوليون وجود ۾ آيون. هاڻي انسان جيڪي آواز ڪڍندو رهيو ، اهي ٻن طريقن جا آهن هڪڙا اهڙا آواز جيڪي گلي مان بغير رڪاوٽ جي نڪرندا آهن ۽ ٻيا اهڙا آواز جيڪي ڳالهائڻ جي عضون جي رڪاوٽ سان نڪرندا آهن. ٻوليءَ جي ماهرن اهڙن آوازن کي ٻن حصن ۾ ورهايو، هڪڙا: سُر  آواز  يا حرف علت (vowels) ۽ ٻيا وينجن، اسر (consonant) آھن.
ٻولي جيئن ته خيالن جي اظهار کي ٻين تائين پهچائڻ جو نالو آهي، ان لاءِ پنهنجي خيال کي ٻين تائين پهچائڻ لاءِ ٻوليءَ جي ضرورت محسوس ڪئي وئي ۽ آوازن کي محفوظ ڪرڻ شروع ڪيو ويو. ان بعد انسان کي پنهنجي خيالن کي ڪنڊ ڪڙڇ جي ماڻهن تائين پهچائڻ لاءِ لکت (writing) جي ضرورت پئي. پوءِ هن انهن آوازن کي مختلف علامتن ذريعي ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. اهڙي نموني سان رسم الخط سورتخطي (Script) ۽ الف-بي/ آئيويٽا (Alphabet) جو تصور اڀريو.
 درست ٻولي ۽ ان جي رسم الخط ۽ الف-بي سيکارڻ کان پهرين اهو تمام ضروري آهي ته اسين ٻارن کي سڀ کان پهريائين آوازن جي سڃاڻپ ڪرايون، ڇاڪاڻ ته، ٻار اسڪول اچڻ کان اڳ مختلف لفظن جي آوازن کان واقف هوندو آهي. 
ٻار پنهنجي شين جي نالن کان ڪيئن واقف ٿيو؟
ٻار پنهنجي اردگرد جي ماحول ۾ موجود شيون ڏسي ۽ پنهنجي گھر وارن جا آواز ٻڌي شين جي نالن کان واقف رهندو ۽ انهن لفظن جا آواز ڪڍندو رهيو آهي. ان لاءِ لازمي آهي ته انهن کي سڀ کان پهرين آوازن جي سڃاڻپ ڪرايون جيڪي هو پنهنجي عام زندگيءَ ۾ ڪڍندو رهيو آهي.
محترم ٽيچر، اوهان ڄاڻو ٿا ته ٻار جڏهن به ڪنهن لفظ جا آواز ڪڍندو آهي ته سڀ کان پهرين انهن کي پد آواز (syllabic sound) جي صورت ۾ اچاريندو آهي؛ جيئن: مَکِ. هن لفظ کي ٻن پدن جي صورت ۾ اچاريندو يعني [مَ] ۽ [کِ]. هاڻي اصولي طور ڏٺو وڃي ته [ا] ۽ [کِ] ۾ ٻه- ٻه آواز آهن. هڪ وينجن (consonant)۽ ٻيو سُر (vowels).
[ا] ۽ ک  هن طريقي سان ڇيد ڪري سگهجي ٿو: /ا/ + /اَ/ = [ا]، /ک/ + /اِ/ = [کِ]
اهڙي نموني لفظ ’پاڻي‘ ۾ به ٻه پد آهن جن جو ڇيد هيٺئين نموني ٿي سگهي ٿو: /پ/ + /آ/ = [پا] ۽ /ڻ/ + /اِي/ = [ڻِي].
جيئن ته لفظن ۾ موجود پدن (syllabic sound) جو اهڙو ڇيد (segmenting) ڪرڻ ۽ انهن پدن کي جوڙي (blending) لفظ جوڙڻ کان ٻار ته چڱيءَ طرح واقف نه هوندو آهي؛ ليڪن ٻولي پڙهائيندڙ ٽيچر کي ان جي واقفيت هجڻ لازمي آهي.
 ان لاءِ اها راءِ رکجي ٿي ته لفظ ’پاڻي‘ ۾ ٻن پدن جي هجڻ جو تصور ٻار تائين پهچائڻ انتهائي لازمي آهي.
آوازن جي اهڙي سڃاڻپ واري عمل کي ’صوتي سڃاڻپ‘ (Phonemic awareness) چئبو آهي.
 ياد رهي ته صوتي سڃاڻپ جو تعلق صرف آواز سان آهي؛ اکر يا علامت رڳو ان جي نمائندگي ڪندو آهي.

 

سرگرمي:
استاد آوازن جي سڃاڻپ ڪرائڻ لاءِ ٻارن جي اڳين معلومات جو سهارو وٺندي شاگردن کان چند تصويرن جا نالا معلوم ڪندو/ڪندي. استاد، ٻارن کي ’اَکِ‘ جي تصوير ڏيکاري پڇندو/پڇندي ته هيءَ ڇا جي تصوير آهي؟       
جيڪڏهن ٻار ٻڌائي ته ٺيڪ، نه ته استاد پاڻ ٻڌائي ته ’هيءَ اَکِ آهي‘.
استاد ٻيهر معلوم ڪندو ته هن ۾ ڪهڙا پد آوازَ (syllabic sounds) آهن؟جيڪڏهن ٻار ٻڌائي ته ٺيڪ، نه ته ٽيچر پاڻ ٻڌائي ته: هن ۾ ’اَ‘ ۽ ’کِ‘ جا پد آوازَ (syllabic sounds) آهن.
ٽيچر وري ٻار کان پد آواز (syllabic sound) ۽ لفظ معلوم ڪرڻ لاءِ پڇندو/ پڇندي ته:
هن لفظ ۾ پهريون پد آواز (syllabic sound) ڪهڙو آهي؟ (اَ)
هن لفظ ۾ ٻيو پد آواز (syllabic sound) ڪهڙو آهي؟  (کِ)
جيڪڏهن ٻنهي پد آوازن (syllabic sounds) کي ملائبو ته ڪهڙو لفظ ٺهندو؟  (اَکِ)
ان کان پوءِ ٽيچر لفظ ’اَکِ‘ ۾ معلوم ڪندو/ ڪندي ته:
هن لفظ ۾ پهريون وينجن آواز (Consonant) ڪهڙو آهي؟  /ا/
آخري وينجن آواز (Consonant) ڪهڙو آهي؟ /ک/
هن لفظ ۾ پهريون سُر آواز (Vowel) ڪهڙو آهي؟ /اَ/
آخري سُر آواز (Vowel) ڪهڙو آهي؟  /اِ/
ٽيچر چوندو ته: ”اچو ته هاڻي هڪ ٻي شيءِ ٿا ڏسون“:
ٽيچر، ٻار کي ’ڪَن‘ جي تصوير ڏيکاري پڇندو/پڇندي ته هيءَ ڇا جي تصوير آهي؟  
جيڪڏهن ٻار ٻڌائي ته ٺيڪ، نه ته استاد پاڻ ٻڌائي ته ’هي ڪَنُ آهي‘.
استاد ٻيهر معلوم ڪندو ته هن ۾ ڪهڙا پد آوازَ (syllabic sounds) آهن؟ جيڪڏهن ٻار ٻڌائي ته ٺيڪ، نه ته ٽيچر پاڻ ٻڌائي ته: هن ۾ ’ڪَ‘ ۽ ’نُ‘ جا پد آوازَ (syllabic sounds) آهن. 
پد آوازَ (syllabic sounds)
ٽيچر وري ٻار کان پد آوازَ (syllabic sounds) ۽ لفظ معلوم ڪرڻ لاءِ پڇندو/ پڇندي ته:
هن لفظ ۾ پهريون پد آواز (syllabic sound) ڪهڙو آهي؟ /ڪَ/
هن لفظ ۾ ٻيو پد آواز (syllabic sound) ڪهڙو آهي؟  /نُ/ 
جيڪڏهن ٻنهي پد آوازن (syllabic sounds) کي ملائبو ته ڪهڙو لفظ ٺهندو؟ (ڪَنُ)
ان کان پوءِ ٽيچر لفظ ’ڪَنُ‘ ۾ معلوم ڪندو/ ڪندي ته:
وينجن آوازَ (Consonant sounds)
هن لفظ ۾ پهريون وينجن آواز (Consonant) ڪهڙو آهي؟ /ڪ/
آخري وينجن آواز (Consonant) ڪهڙو آهي؟ /ن/
سُر آوازَ (Vowel sounds)
هن لفظ ۾ پهريون سُر آواز (Vowel) ڪهڙو آهي؟ /اَ/
آخري سُر آواز (Vowel) ڪهڙو آهي؟ /اُ/
ٻارؤ، اچو ته هاڻي هنن لفظن ۾ موجود (پد) آوازن جي ڇيد ۽ جوڙ جي مشق ڪريون ۽ آواز ڄاڻون:
(نوٽ: استاد ٻارن کي عام رواجي لفظ الڳ الڳ زباني ٻڌائيندو/ ٻڌائيندي ۽ هرهڪ لفظ جي الڳ الڳ مشق ڪرائيندو/ ڪرائيندي.)
(بُکَ- پاڻي- حَوض- نانْگُ- تِکو- ٻيرُ- جهَنْگُ- ساههُ- مِينْهُن- ٻارُ)
ٽيچر ڄاڻايل لفظن مان زباني ٽي لفظ پدن جي صورت ۾ ڇيد ۽ جوڙ ڪري ٻڌائيندو/ ٻڌائيندي ۽ بقايا لفظن جو ڇيد ۽ جوڙ ڪرڻ لاءِ ٻارن کي هدايت ڏيندو/ ڏيندي ۽ آواز ڄاڻندو/ ڄاڻندي.
(…پا+ڻِي… حَو+ضُ…نانْـ+گُ…)
آخر ۾ ٽيچر ٻارن کي چوندو/ چوندي ته ڪي به لفظ چونڊيو ۽ انهن کي پدن جي صورت ۾ ڇيد ۽ جوڙ (Segmenting and Blending) ڪريو ۽ آواز جي سڃاڻپ ڪرايو.
2.  آواز جو علم (Phonics)
آوازن جي ڄاڻ مان مراد، ’آوازن کي اکرن سان لاڳاپو‘ ڏيکارڻ آهي. هن ۾ ٻارن کي آوازن ذريعي اکرن جي علامتن جي ڄاڻ ڏني ويندي آهي ۽ اکرن ۽ ان جي مختلف صورتن کي ملائي سيکاريو ويندو آهي، جنهن سان هنن ۾ پڙهڻ (Reading) ۽ لکڻ جي عمل ۾ آساني ٿيندي آهي. ڪنهن لفظ جي صورتخطيءَ جي سڃاڻ اکرن سان ٿيندي آهي، ان لاءِ ’آوازن جي ڄاڻ‘ کي ٻوليءَ جي سمجهڻ جو بنيادي اصول سمجهيو ويو آهي.
هن علم وسيلي ٻارن کي اهو سيکاريو ويندو آهي ته الف-بي ۽ زيرن زبرن جي علامتن وسيلي نوان لفظ ۽ جملا ٺاهي سگھجن ٿا. اهڙي طريقي سان ٻار اهو سمجهي ويندا آهن ته [ب] جو آواز ڪيئن اچاربو آهي ۽ ان سان گڏ ٻين اعرابن جو استعمال ڪري ڪيئن لفظ جڙندو آهي. هن علم جا ٻه پهلو نهايت اهم آهن يعني پدن (Syllabic Sound) کي ٽوڙي (Segmenting) ۽ ملائي (Blending) لفظ جي صورت ڏيڻ ۽ ان کي لکت جي صورت ۾ ڄاڻڻ.
اڄڪلهه پهرين ڪلاس کان وٺي گڏيل درسي ڪتاب پڙهايا وڃن ٿا، جن ۾ دينيات، سماجي اڀياس ۽ جنرل ناليج جا مضمون اچي وڃن ٿا. ان لاءِ ضروري آهي ته ابتدائي ڪلاس کان ٻارن کي الف-بي ۽ ان جي آوازن جي ڄاڻ چڱيءَ طرح ڏني وڃي ۽ ان کان علاوه ڏهه صاف سُر (Vowels) ۽ نڪوان سُر (Nasal Vowels) سيکاريا وڃن جن جي مدد سان لفظن کي سمجهڻ ۽ پڙهڻ ۾ سولائي رهي ٿي. ابتدائي ڪلاس ۾ ٻارن کي اکرن جي چئن صورتن: سالم، شروعاتي، درمياني ۽ آخري صورتن کان به واقف ڪرائڻ انتهائي لازم آهي ته جيئن ٻار پڙهڻ ۾ ڪا ڏکيائي محسوس نه ڪري. هن طريقي سان اڻ- ڏٺل لفظ به آسانيءَ سان پڙهي سگھن ٿا.
3.  پڙهڻ ۾ روانيءَ جي اهميت (Fluency)
جيئن ته اسين ڄاڻون ٿا ته پڙهڻ ۾ رواني جو لاڳاپو لفظن کي سڃاڻڻ واري مهارت سان آهي. هن مهارت موجب شاگرد لفظن کي سمجهڻ کان علاوه اهي لفظ به پڙهي ٿو وڃي جن جي معنى يا مراد کان واقف ناهي. ان جو مطلب اهو آهي ته لفظ جي معنى ۽ هِجي تي گھٽ ڌيان ڏئي ان جي سمجهڻ تي وڌيڪ زور ڏنو وڃي ته شاگرد ڇا پڙهيو آهي؟ جيڪڏهن شاگرد لفظن جي معنى ڳولهڻ ۾ منجهي پوندو ته هو پڙهڻ جي ٻين طريقن تي ڌيان نه ڏيندو جيڪي هن کي پڙهي سمجهڻ ۾ مدد ڪن. 
تحقيق ۾ اها ڳالهه آئي آهي ته جيڪي ٻار روانيءَ سان پڙهي ٿا وڃن ته اهي ٻار پڙهڻ کي سمجهي ٿا به وڃن. مڻ مڻ ڪري پڙهڻ واري ٻار ۾ پڙهي- سمجهڻ واري سگهه پيدا نه ٿي ٿئي.
مشق ڪرڻ، زباني پڙهڻ ۽ دهرائڻ شاگردن کي پڙهڻ ۾ رواني پيدا ڪرڻ جو بهترين ذريعو آهي. ان لاءِ ڪتاب شاگردن جي سطح کان مٿي نه هجڻ گھرجي.
4.  لفظن جو ذخيرو (Vocabulary)
لفظن جي معنى هجڻ جو ذخيرو، شاگردن ۾ رواني سان پڙهڻ جي مهارت پيدا ڪندو آهي ان کي لفظن جو ذخيرو چئبو آهي. لفظن جو ذخيرو پڙهڻ واري عمل کي سکڻ ۾ ڪهڙو ڪردار ادا ڪندو آهي؟ 
جڏهن ٻار پڙهڻ سکندا آهن ته اهي اهو سمجھڻ شروع ڪندا آهن ته ڇا ڪتاب جي صفحي تي اهي لفظ ڄاڻايل آهن جيڪي هو پنهنجي عام زندگيءَ ۾ ڳالهائيندا ۽ ٻڌندا رهيا آهن؟ ان لاءِ اهو آسان ٿي ويندو آهي ته هو لکيل مواد مان ڪجهه مطلب حاصل ڪري سگهن، جيڪو ان جي ٻوليءَ جو اهم حصو آهي. جڏهن ٻار صفحي تي لکيل هڪ به لفظ نه ٿو پڙهي سگهي ته سمجھڻ جو عمل ممڪن ئي ڪونهي.
جيڪڏهن ٻار خود ۽ واسطي سان نوان لفظ سکندو آهي ته اهي هن کي پڙهڻ ۾ ڪافي مددگار ثابت ٿيندا آهن ان لاءِ عام زندگيءَ جي سٺي ماحول ۾ اٿڻ ويهڻ کي اهميت حاصل آهي.
شاگردن کي نوان لفظ وضاحت سان ٻڌائڻ گھرجن خاص طور تي ان وقت جڏهن هو ڪهاڻي يا ڪنهن تصور ۾ دقت محسوس ڪندو هجي.
اصل ۾ ٻار پنهنجي ماحول مان ڪافي لفظ کڻي ايندو آهي جن بابت هو ڪنهن حد تي واقف به آهي ليڪن پوءِ به انهن بابت نئين سري سان واضح ڪرڻ انتهائي ضروري آهي. 
هن يونٽ مان مراد اها به آهي ته ٻارن ۾ لفظن جي معنى حاصل ڪرڻ جي اهڙي عادت پيدا ڪئي وڃي جو هنن ۾ پنهنجي عام زندگيءَ مان به حاصل ٿيندڙ لفظن تي به غور ڪرڻ جي صلاحيت پيدا ٿي سگهي.
4.  پڙهي سمجھڻ (Comprehension)
ريڊنگ جو اهم مقصد ’سمجهه‘ سان سلهاڙيل آهي، بغير سمجهڻ، واري پڙهڻ کي ريڊنگ نه چئبو. عام طور تي اسان قرآن پاڪ پڙهندا/ دور ڪندا آهيون، دراصل ان کي پڙهڻ نه چئبو آهي. قرآن پاڪ جي لفظن کي ڏسي اکر جي آوازن کي ملائي لفظ ڊيڪوڊ ته ڪري ويندا آهن پر سمجهي نه سگهندا آهيون، اهڙي عمل کي ڊيڪوڊنگ چئبو آهي، پڙهڻ نه!
پڙهي سمجهڻ اهو گڏيل عمل آهي جيڪو پڙهندڙ ۽ مواد جي وچ ۾ ٿيندو آهي. صفحي تي لفظن کي ڄاڻڻ کان وڌيڪ پڙهي سمجهڻ واري عمل ۾ سوچڻ جو عمل دخل آهي. هڪ سٺي پڙهندڙ جو هڪ مقصد هوندو آهي. ان لاءِ هو ان کي سمجھڻ لاءِ مختلف طريقا ڪم آڻيندو آهي، جيڪي هڪ ئي وقت مواد مان معنى يا مراد وٺي سگھندو هجي. ان لاءِ اهو خيال اڀري ٿو ته ڪهڙا جزا پڙهي سمجھڻ ۾ مدد ڪن ٿا، مثلاً:
پڙهي سمجهڻ جي نگراني
هڪ ڪامياب پڙهندڙ اهو ڄاڻندو آهي ته هو پيراگراف کي سمجهندو ويندو آهي ۽ جڏهن هو رڪجي ويندو آهي ته سمجهڻ کي بهتر بڻائڻ لاءِ طريقا سوچيندو آهي.
اڳين معلومات ڪم آڻڻ
پڙهندڙ ڪهاڻي يا مواد کي پنهنجي اڳين معلومات سان لاڳاپو جوڙي وٺندو آهي، جنهن سان هن ۾ سمجهڻ جي قوت سگھاري ٿيندي آهي.
اڳڪٿي ڪرڻ
هڪ سٺو پڙهندڙ اڳواٽ ئي هڪڙو خيال جوڙي وٺندو آهي ته هن ڪهاڻيءَ ۾ ڪهڙا واقعا پيش اچي سگهن ٿا ۽ ان جا ڪهڙا امڪاني نتيجا نڪري سگهن ٿا.
سوال ڪرڻ
ٻار پڙهڻ وقت ڪي سوال ڪندو آهي ۽ ان جي جوابن کي ڳولهڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ته جيئن ان جي معنى سمجهي سگھن. سٺا سوال ٻارن جي ذهانت تي مبني هوندا آهن جيڪي هن جي تجسّس ۽ معلومات کي وڌائيندا آهن.
ڪهاڻيِءَ کي ٻيهر ترتيب ڏيڻ:
ٻار مواد کي ان وقت وڌيڪ سمجهندو آهي جڏهن هو ڪن به بي ترتيب جملن کي ترتيب ڏئي ڪو مواد بيهاري سگھندا آهن.
خلاصو بيان ڪرڻ:
جڏهن ٻار ڪنهن ڪهاڻيءَ جو تت/ خلاصو بيان ڪندو آهي ته سمجهو ته هو خاص مقصد حاصل ڪرڻ جي تمام ويجهو آهي. هو ڪهاڻي/ مواد جي معلومات کي چڱيءَ ريت سمجهندو آهي ۽ پنهنجي لفظن ۾ ان جو خلاصو بيان ڪندي اهو ثابت ڪندو آهي ته هنن مواد کي ڪافي سمجهيو آهي.
انتهائي مختصر ڪوشش وٺي دوستن اڳيان پنهنجو حال پيش ڪيو آهي. ظاهر آهي ان جي هرهڪ جزي ته ڇا، پر هر هڪ سوال تي ريسرچ ورڪ ٿين ٿا. بس هي هڪ بنيادي ڄاڻ خاطر هي مضمون شيئر ڪجي ٿو.
Courtesy
Social media

Wednesday, July 19, 2023

parhan ja juza / پڙھڻ جا جزا

 

parhan ja juza  / پڙھڻ جا جزا


parhan ja juza  / پڙھڻ جا جزا










parhan ja juza  / پڙھڻ جا جزا








Wednesday, June 21, 2023

سنڌي الف ب معلومات

 معلومات 

 سنڌي صورتخطي ۾ ڪل 52 اگر آهن

 جنهن م 4 نج سنڌي،

 3 ،فارسي،

 16 سنسكرت 

29 عربي پولي جا اگر ملایا ويا آهن


ٽٻڪا ڏنل اکرن جو تعداد 

ڪل 34 آهي 

جن مان 20 كي متان ء 14كي هينان ٽٻڪا ڏنل  آهن

 بغير ٽٻڪن وارا اکر 18 آهن 

ٽوٽل 72 ٽٻڪا آهن ٽٻڪنِ وارن اکرن کي منقوط بين کی غیر منقوط چئبو آھي.

Sunday, November 29, 2020

سنڌ جو برک عالم ٖ اديب ٖ استاد ۽ سنڌ يونيورسٽي جو اڳوڻو وائيس چانسلر ڊاڪٽر غلام علي الانا لاڏاڻو ڪري ويو

 واڪا ڪندي ووء 

صديون تولاء سنڌڙي 


سنڌي ٻولي ۽ گرامر جو  ڄاڻو ڪھاڻيڪار عالم محقق    سنڌ يونيورسٽي جو اڳوڻو وائيس چانسلر ـ برک اديب ـ

سنڌي ٻولي جو بڻ بڻياد 

معلم 

 سنڌي ٻولي جو تشريحي گرامر ـ

 جھڙا اھم ڪتاب لکندڙ ڊاڪٽر غلام  علي الانا  اسان سڀني کي سوڳوار ڪري ويو ــ ڊاڪٽر غلام علي الانا سنڌ الاجي جو ڊائريڪٽر ـ سنڌي ٻولي جي  با اختيار اداري جو چيئرمين ـ پڻ رھيو 1930ع تي تڙ خواجا م جنم ورتائين ــ پاڪستان  جي ٻوليء  جي ماھرن ۾

 پھرين لسٽ ۾ شامل ھو  ـ

الانا صاحب سان مون ساڻس سندس ھڪ شاگرد طور سنڌي جي نصاب جي جوڙجڪ ڪميٽي ۾ ڪم ڪيو


https://youtu.be/NsIaKAK3NdM

https://youtu.be/NsIaKAK3NdM



سنڌ جي نوجوانن لاءِ جديد دور جون گهرجون، موقعا ۽ رستا. ڊاڪٽر ذوالفقار بھڻ

سنڌ جي نوجوانن لاءِ جديد دور جون گهرجون، موقعا ۽ رستا   ڊاڪٽر ذوالفقار بھڻ   انساني تاريخ جي هر دور ۾ نوجوانن کي قومن جي ترقيءَ جو مرڪزي ح...