سرگرمي:
استاد آوازن جي سڃاڻپ ڪرائڻ لاءِ ٻارن جي اڳين معلومات جو سهارو وٺندي شاگردن کان چند تصويرن جا نالا معلوم ڪندو/ڪندي. استاد، ٻارن کي ’اَکِ‘ جي تصوير ڏيکاري پڇندو/پڇندي ته هيءَ ڇا جي تصوير آهي؟
جيڪڏهن ٻار ٻڌائي ته ٺيڪ، نه ته استاد پاڻ ٻڌائي ته ’هيءَ اَکِ آهي‘.
استاد ٻيهر معلوم ڪندو ته هن ۾ ڪهڙا پد آوازَ (syllabic sounds) آهن؟جيڪڏهن ٻار ٻڌائي ته ٺيڪ، نه ته ٽيچر پاڻ ٻڌائي ته: هن ۾ ’اَ‘ ۽ ’کِ‘ جا پد آوازَ (syllabic sounds) آهن.
ٽيچر وري ٻار کان پد آواز (syllabic sound) ۽ لفظ معلوم ڪرڻ لاءِ پڇندو/ پڇندي ته:
هن لفظ ۾ پهريون پد آواز (syllabic sound) ڪهڙو آهي؟ (اَ)
هن لفظ ۾ ٻيو پد آواز (syllabic sound) ڪهڙو آهي؟ (کِ)
جيڪڏهن ٻنهي پد آوازن (syllabic sounds) کي ملائبو ته ڪهڙو لفظ ٺهندو؟ (اَکِ)
ان کان پوءِ ٽيچر لفظ ’اَکِ‘ ۾ معلوم ڪندو/ ڪندي ته:
هن لفظ ۾ پهريون وينجن آواز (Consonant) ڪهڙو آهي؟ /ا/
آخري وينجن آواز (Consonant) ڪهڙو آهي؟ /ک/
هن لفظ ۾ پهريون سُر آواز (Vowel) ڪهڙو آهي؟ /اَ/
آخري سُر آواز (Vowel) ڪهڙو آهي؟ /اِ/
ٽيچر چوندو ته: ”اچو ته هاڻي هڪ ٻي شيءِ ٿا ڏسون“:
ٽيچر، ٻار کي ’ڪَن‘ جي تصوير ڏيکاري پڇندو/پڇندي ته هيءَ ڇا جي تصوير آهي؟
جيڪڏهن ٻار ٻڌائي ته ٺيڪ، نه ته استاد پاڻ ٻڌائي ته ’هي ڪَنُ آهي‘.
استاد ٻيهر معلوم ڪندو ته هن ۾ ڪهڙا پد آوازَ (syllabic sounds) آهن؟ جيڪڏهن ٻار ٻڌائي ته ٺيڪ، نه ته ٽيچر پاڻ ٻڌائي ته: هن ۾ ’ڪَ‘ ۽ ’نُ‘ جا پد آوازَ (syllabic sounds) آهن.
پد آوازَ (syllabic sounds)
ٽيچر وري ٻار کان پد آوازَ (syllabic sounds) ۽ لفظ معلوم ڪرڻ لاءِ پڇندو/ پڇندي ته:
هن لفظ ۾ پهريون پد آواز (syllabic sound) ڪهڙو آهي؟ /ڪَ/
هن لفظ ۾ ٻيو پد آواز (syllabic sound) ڪهڙو آهي؟ /نُ/
جيڪڏهن ٻنهي پد آوازن (syllabic sounds) کي ملائبو ته ڪهڙو لفظ ٺهندو؟ (ڪَنُ)
ان کان پوءِ ٽيچر لفظ ’ڪَنُ‘ ۾ معلوم ڪندو/ ڪندي ته:
وينجن آوازَ (Consonant sounds)
هن لفظ ۾ پهريون وينجن آواز (Consonant) ڪهڙو آهي؟ /ڪ/
آخري وينجن آواز (Consonant) ڪهڙو آهي؟ /ن/
سُر آوازَ (Vowel sounds)
هن لفظ ۾ پهريون سُر آواز (Vowel) ڪهڙو آهي؟ /اَ/
آخري سُر آواز (Vowel) ڪهڙو آهي؟ /اُ/
ٻارؤ، اچو ته هاڻي هنن لفظن ۾ موجود (پد) آوازن جي ڇيد ۽ جوڙ جي مشق ڪريون ۽ آواز ڄاڻون:
(نوٽ: استاد ٻارن کي عام رواجي لفظ الڳ الڳ زباني ٻڌائيندو/ ٻڌائيندي ۽ هرهڪ لفظ جي الڳ الڳ مشق ڪرائيندو/ ڪرائيندي.)
(بُکَ- پاڻي- حَوض- نانْگُ- تِکو- ٻيرُ- جهَنْگُ- ساههُ- مِينْهُن- ٻارُ)
ٽيچر ڄاڻايل لفظن مان زباني ٽي لفظ پدن جي صورت ۾ ڇيد ۽ جوڙ ڪري ٻڌائيندو/ ٻڌائيندي ۽ بقايا لفظن جو ڇيد ۽ جوڙ ڪرڻ لاءِ ٻارن کي هدايت ڏيندو/ ڏيندي ۽ آواز ڄاڻندو/ ڄاڻندي.
(…پا+ڻِي… حَو+ضُ…نانْـ+گُ…)
آخر ۾ ٽيچر ٻارن کي چوندو/ چوندي ته ڪي به لفظ چونڊيو ۽ انهن کي پدن جي صورت ۾ ڇيد ۽ جوڙ (Segmenting and Blending) ڪريو ۽ آواز جي سڃاڻپ ڪرايو.
2. آواز جو علم (Phonics)
آوازن جي ڄاڻ مان مراد، ’آوازن کي اکرن سان لاڳاپو‘ ڏيکارڻ آهي. هن ۾ ٻارن کي آوازن ذريعي اکرن جي علامتن جي ڄاڻ ڏني ويندي آهي ۽ اکرن ۽ ان جي مختلف صورتن کي ملائي سيکاريو ويندو آهي، جنهن سان هنن ۾ پڙهڻ (Reading) ۽ لکڻ جي عمل ۾ آساني ٿيندي آهي. ڪنهن لفظ جي صورتخطيءَ جي سڃاڻ اکرن سان ٿيندي آهي، ان لاءِ ’آوازن جي ڄاڻ‘ کي ٻوليءَ جي سمجهڻ جو بنيادي اصول سمجهيو ويو آهي.
هن علم وسيلي ٻارن کي اهو سيکاريو ويندو آهي ته الف-بي ۽ زيرن زبرن جي علامتن وسيلي نوان لفظ ۽ جملا ٺاهي سگھجن ٿا. اهڙي طريقي سان ٻار اهو سمجهي ويندا آهن ته [ب] جو آواز ڪيئن اچاربو آهي ۽ ان سان گڏ ٻين اعرابن جو استعمال ڪري ڪيئن لفظ جڙندو آهي. هن علم جا ٻه پهلو نهايت اهم آهن يعني پدن (Syllabic Sound) کي ٽوڙي (Segmenting) ۽ ملائي (Blending) لفظ جي صورت ڏيڻ ۽ ان کي لکت جي صورت ۾ ڄاڻڻ.
اڄڪلهه پهرين ڪلاس کان وٺي گڏيل درسي ڪتاب پڙهايا وڃن ٿا، جن ۾ دينيات، سماجي اڀياس ۽ جنرل ناليج جا مضمون اچي وڃن ٿا. ان لاءِ ضروري آهي ته ابتدائي ڪلاس کان ٻارن کي الف-بي ۽ ان جي آوازن جي ڄاڻ چڱيءَ طرح ڏني وڃي ۽ ان کان علاوه ڏهه صاف سُر (Vowels) ۽ نڪوان سُر (Nasal Vowels) سيکاريا وڃن جن جي مدد سان لفظن کي سمجهڻ ۽ پڙهڻ ۾ سولائي رهي ٿي. ابتدائي ڪلاس ۾ ٻارن کي اکرن جي چئن صورتن: سالم، شروعاتي، درمياني ۽ آخري صورتن کان به واقف ڪرائڻ انتهائي لازم آهي ته جيئن ٻار پڙهڻ ۾ ڪا ڏکيائي محسوس نه ڪري. هن طريقي سان اڻ- ڏٺل لفظ به آسانيءَ سان پڙهي سگھن ٿا.
3. پڙهڻ ۾ روانيءَ جي اهميت (Fluency)
جيئن ته اسين ڄاڻون ٿا ته پڙهڻ ۾ رواني جو لاڳاپو لفظن کي سڃاڻڻ واري مهارت سان آهي. هن مهارت موجب شاگرد لفظن کي سمجهڻ کان علاوه اهي لفظ به پڙهي ٿو وڃي جن جي معنى يا مراد کان واقف ناهي. ان جو مطلب اهو آهي ته لفظ جي معنى ۽ هِجي تي گھٽ ڌيان ڏئي ان جي سمجهڻ تي وڌيڪ زور ڏنو وڃي ته شاگرد ڇا پڙهيو آهي؟ جيڪڏهن شاگرد لفظن جي معنى ڳولهڻ ۾ منجهي پوندو ته هو پڙهڻ جي ٻين طريقن تي ڌيان نه ڏيندو جيڪي هن کي پڙهي سمجهڻ ۾ مدد ڪن.
تحقيق ۾ اها ڳالهه آئي آهي ته جيڪي ٻار روانيءَ سان پڙهي ٿا وڃن ته اهي ٻار پڙهڻ کي سمجهي ٿا به وڃن. مڻ مڻ ڪري پڙهڻ واري ٻار ۾ پڙهي- سمجهڻ واري سگهه پيدا نه ٿي ٿئي.
مشق ڪرڻ، زباني پڙهڻ ۽ دهرائڻ شاگردن کي پڙهڻ ۾ رواني پيدا ڪرڻ جو بهترين ذريعو آهي. ان لاءِ ڪتاب شاگردن جي سطح کان مٿي نه هجڻ گھرجي.
4. لفظن جو ذخيرو (Vocabulary)
لفظن جي معنى هجڻ جو ذخيرو، شاگردن ۾ رواني سان پڙهڻ جي مهارت پيدا ڪندو آهي ان کي لفظن جو ذخيرو چئبو آهي. لفظن جو ذخيرو پڙهڻ واري عمل کي سکڻ ۾ ڪهڙو ڪردار ادا ڪندو آهي؟
جڏهن ٻار پڙهڻ سکندا آهن ته اهي اهو سمجھڻ شروع ڪندا آهن ته ڇا ڪتاب جي صفحي تي اهي لفظ ڄاڻايل آهن جيڪي هو پنهنجي عام زندگيءَ ۾ ڳالهائيندا ۽ ٻڌندا رهيا آهن؟ ان لاءِ اهو آسان ٿي ويندو آهي ته هو لکيل مواد مان ڪجهه مطلب حاصل ڪري سگهن، جيڪو ان جي ٻوليءَ جو اهم حصو آهي. جڏهن ٻار صفحي تي لکيل هڪ به لفظ نه ٿو پڙهي سگهي ته سمجھڻ جو عمل ممڪن ئي ڪونهي.
جيڪڏهن ٻار خود ۽ واسطي سان نوان لفظ سکندو آهي ته اهي هن کي پڙهڻ ۾ ڪافي مددگار ثابت ٿيندا آهن ان لاءِ عام زندگيءَ جي سٺي ماحول ۾ اٿڻ ويهڻ کي اهميت حاصل آهي.
شاگردن کي نوان لفظ وضاحت سان ٻڌائڻ گھرجن خاص طور تي ان وقت جڏهن هو ڪهاڻي يا ڪنهن تصور ۾ دقت محسوس ڪندو هجي.
اصل ۾ ٻار پنهنجي ماحول مان ڪافي لفظ کڻي ايندو آهي جن بابت هو ڪنهن حد تي واقف به آهي ليڪن پوءِ به انهن بابت نئين سري سان واضح ڪرڻ انتهائي ضروري آهي.
هن يونٽ مان مراد اها به آهي ته ٻارن ۾ لفظن جي معنى حاصل ڪرڻ جي اهڙي عادت پيدا ڪئي وڃي جو هنن ۾ پنهنجي عام زندگيءَ مان به حاصل ٿيندڙ لفظن تي به غور ڪرڻ جي صلاحيت پيدا ٿي سگهي.
4. پڙهي سمجھڻ (Comprehension)
ريڊنگ جو اهم مقصد ’سمجهه‘ سان سلهاڙيل آهي، بغير سمجهڻ، واري پڙهڻ کي ريڊنگ نه چئبو. عام طور تي اسان قرآن پاڪ پڙهندا/ دور ڪندا آهيون، دراصل ان کي پڙهڻ نه چئبو آهي. قرآن پاڪ جي لفظن کي ڏسي اکر جي آوازن کي ملائي لفظ ڊيڪوڊ ته ڪري ويندا آهن پر سمجهي نه سگهندا آهيون، اهڙي عمل کي ڊيڪوڊنگ چئبو آهي، پڙهڻ نه!
پڙهي سمجهڻ اهو گڏيل عمل آهي جيڪو پڙهندڙ ۽ مواد جي وچ ۾ ٿيندو آهي. صفحي تي لفظن کي ڄاڻڻ کان وڌيڪ پڙهي سمجهڻ واري عمل ۾ سوچڻ جو عمل دخل آهي. هڪ سٺي پڙهندڙ جو هڪ مقصد هوندو آهي. ان لاءِ هو ان کي سمجھڻ لاءِ مختلف طريقا ڪم آڻيندو آهي، جيڪي هڪ ئي وقت مواد مان معنى يا مراد وٺي سگھندو هجي. ان لاءِ اهو خيال اڀري ٿو ته ڪهڙا جزا پڙهي سمجھڻ ۾ مدد ڪن ٿا، مثلاً:
پڙهي سمجهڻ جي نگراني
هڪ ڪامياب پڙهندڙ اهو ڄاڻندو آهي ته هو پيراگراف کي سمجهندو ويندو آهي ۽ جڏهن هو رڪجي ويندو آهي ته سمجهڻ کي بهتر بڻائڻ لاءِ طريقا سوچيندو آهي.
اڳين معلومات ڪم آڻڻ
پڙهندڙ ڪهاڻي يا مواد کي پنهنجي اڳين معلومات سان لاڳاپو جوڙي وٺندو آهي، جنهن سان هن ۾ سمجهڻ جي قوت سگھاري ٿيندي آهي.
اڳڪٿي ڪرڻ
هڪ سٺو پڙهندڙ اڳواٽ ئي هڪڙو خيال جوڙي وٺندو آهي ته هن ڪهاڻيءَ ۾ ڪهڙا واقعا پيش اچي سگهن ٿا ۽ ان جا ڪهڙا امڪاني نتيجا نڪري سگهن ٿا.
سوال ڪرڻ
ٻار پڙهڻ وقت ڪي سوال ڪندو آهي ۽ ان جي جوابن کي ڳولهڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ته جيئن ان جي معنى سمجهي سگھن. سٺا سوال ٻارن جي ذهانت تي مبني هوندا آهن جيڪي هن جي تجسّس ۽ معلومات کي وڌائيندا آهن.
ڪهاڻيِءَ کي ٻيهر ترتيب ڏيڻ:
ٻار مواد کي ان وقت وڌيڪ سمجهندو آهي جڏهن هو ڪن به بي ترتيب جملن کي ترتيب ڏئي ڪو مواد بيهاري سگھندا آهن.
خلاصو بيان ڪرڻ:
جڏهن ٻار ڪنهن ڪهاڻيءَ جو تت/ خلاصو بيان ڪندو آهي ته سمجهو ته هو خاص مقصد حاصل ڪرڻ جي تمام ويجهو آهي. هو ڪهاڻي/ مواد جي معلومات کي چڱيءَ ريت سمجهندو آهي ۽ پنهنجي لفظن ۾ ان جو خلاصو بيان ڪندي اهو ثابت ڪندو آهي ته هنن مواد کي ڪافي سمجهيو آهي.
انتهائي مختصر ڪوشش وٺي دوستن اڳيان پنهنجو حال پيش ڪيو آهي. ظاهر آهي ان جي هرهڪ جزي ته ڇا، پر هر هڪ سوال تي ريسرچ ورڪ ٿين ٿا. بس هي هڪ بنيادي ڄاڻ خاطر هي مضمون شيئر ڪجي ٿو.
Courtesy
Social media