Friday, July 17, 2020

سنڌي ٻارنھن مھينا

اڄ سنڌي مهيني سانوڻ جي پهرين تاريخ آهي. سنڌي ڪئلينڊر موجب سال جي شروعات "چيٽ" جي مهيني سان ٿيندي آه سنڌي ديسي سال چنڊ جي حساب سان ليکيو ويندو آهي، جڏنهن تہ برصغير ۾ سال چنڊ توڙي سج ٻنهي جي حساب ۾ مروج آهي ۽ هي بڪرمي ڪئلينڊر سڏبو آهي. برصغير جي ڪن علائقن ۾ سال جي شروعات "ويساڳ" يا "بيساک" جي مهيني کان ڪئي ويندي آهي ۽ اتي چيٽ جو مهينو سال جو آخري مهينو ليکيو ويندو آهي، مگر سنڌ سميت هندوستان جي ڪن علائقن ۾ وري سال جو پهريون مهينو "چيٽ" شمار ٿيندو آهي.
 سج جي حساب سان  مارچ جي 15 تاريخ  تي سنڌي مهيني چيٽ جي پهرين تاريخ بيهندي آهي ۽ چنڊ جي حساب سان وري هر مهيني جي پهرين تاريخ جو آغاز "پورن ماسي" يعني 14 جي چنڊ جي ٻي رات واري ڏينهن يعني پندرھين کان ٿيندو آهي.  چنڊ جي حساب سان تاريخ ڪڍڻ واري عمل کي سنڌ ۾" تٿ" ٻڌڻ چئبو آهي.
 سنڌي سال جا ٻارنهن مهينا هن ترتيب سان آهن.
1. چيٽ
2. ويساڳ
3. ڄيٺ
4. هاڙه
5. سانوڻ
6. بڍو
7. اَسُو
8. ڪَتِي
9. ناهري
10. پوھُ
11. مانگھ
12. ڦُڳَڻُ

ان ترتيب ۾ سانوڻ مهينو سنڌي سال جو پنجون مهينو آهي. سج جي حساب سان سانوڻ جو آغاز 16 جولاء کان ۽ چنڊ جي حساب سان هن سال سانوڻ مهيني جو آغاز اڄ 16 جولاء 2019، يا 15 ذي القعد کان ٿيو آهي.
مند جي حساب سان سانوڻ مهينو سنڌ ۾ مندائتن برساتن جو مهينو ليکبو آهي. سانوڻي جا مينهن سنڌ ۾ سُڪر ۽ ساوڪ آڻيندا آهن. پلر جي پالوٽ ٿيندي آهي، مارو ماڻهن جون اکيون اڀ ۾ اوڀر ۽ اتر کان ايندڙ بادلن ڏانهن واجهائينديون ته سندن ڪن تاڙي جي تنوار ٻڌڻ جا مشتاق هوندا آهن. جڏنهن پورب جي هوا پاڻ سان گڏ چيڪي مٽيء جي خوشبوء ۽ گجگوڙ ڪندڙ ڪارا بادل کڻي ايندي آهي ته ان کان اڳ تاڙي جون بيتاب ڪوڪون ۽ تنوارون ماروئڙن  کي سانوڻيء جي برساتن جو ڄڻ اڳواٽ اطلاع پهچائي ڇڏينديون آهن.

آگَمَ ڪَيا اَللهَ، لَڳَہَ پَسُ! لَطِيفُ چئي؛
پَلَرَ جي پالُوٽَ سين، پَٽَنِ جَھلِيا پاهَ؛
واحِد وَڏائِي ڪَيا، مَٿي گَسَن گاهَ؛
سانگِيُن وَرِيا ساهَ، اُٺُنِ آبُ آگُوندِرو.

اَڄُ پڻ اُتَرَ پارَ ڏي، تاڙي ڪِي تَنوارَ؛
ھارِيُنِ ھَرَ سَنباھِيا، سَرَھا ٿِيا سَنگھارَ؛
اَڄُ پڻ مُنھنجي يارَ، وَسَڻَ جا ويسَ ڪَيا.

Wednesday, July 8, 2020

تبديلي _ آن لائين تعليم ۽ آخر ڇا ڪجي؟ ذوالفقار بھڻ



تبديلي   _ آن لائين تعليم ۽ آخر ڇا ڪجي؟

ذوالفقاربھڻ

ڪووڊ 19 کان پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي انقلابي  تبديليون رونما ٿيڻ لڳيون. اڄ سموري دنيا ۾ اھڙيون تبديليون اچي ويون آھن جن جوڪڏھن ڪنھن سوچيو   به نه ھو. اھڙين تديلين مذھبي عبادتن کان،ثقافتي رسمن،راندين کان تعليمي سرگرمين ، صحت کان معاشي،معاشرتي،سياحتي ،مطلب ت ھر شعبي تي پنھنجا اثر ڇڏيا آھن.ڪو اھڙو شعبو ناھي جيڪوانھن تبديلين جي اثرن کان آجو ھجي.بقولHerakleitos

 The only thing that does not change is change itself.

حقيقت اھا آھي ته  فرد، گھر ،پاڙو، ڳوٺ ،شھر،ملڪ ۽ سموري دنيا اھرين تبديلين جي اثرن مان گذري رھي آھي. ڪووڊ 19 کان پاڻ کي بچائڻ جو واحد حل عالمي ادارن ۽ ڊاڪٽرن اھو ٻڌايو  آھي ته جيترو ٿي سگھي غير ضروري ميل جول کان پاسو ڪيو،گھرن ۾ رھو نتيجي ۾ ٻارن جا ۽ وڏن جا اسڪول بند ٿي ويا.

اھڙي طرح سموري دنيا ۾ آن لائين تعليم لاءِ ماحول سازگار ٿيڻ لڳو.پاڪستان ۾ پرائيويٽ تعليمي ادارا ھڪ انڊسٽري آھي. ان انڊسٽري جا سيڙپڪار سرمائيڪار حڪومتي فيصلن ۾ ھر دور ۾ اثر رکندڙ رھيا آھن.اھي ڪيئن چاھيندا ته اھا انڊسٽري بند ٿي وڃي ۽ سندن ڪاروبار ٺپ ٿي وڃي.

اھڙي طرح ان انڊسٽري جا سرمائيدار پنھنجو ڪاروبار جاري رکيو پيا اچن. بظاھر ۽ حقيقت ۾ به  شاگرد جيڪي بلڪل نه سکي رھيا ھئا، تن کي سکڻ جو ڪجھ موقعو مليو آھي  ۽ اھڙي طرح پاڪستان ۾ والدين جي انڪار ۽ احتجاج باوجود وڏن کان ننڊڙن ادارن تائين آن لائين تعليم کي جاري رکڻ جوھڪ سلسلو شروع ٿي چڪو آھي.     

( Kurt Lewin 1950)

Change Management Model by     پيش ڪيو ھو جنھن ۾ ھن ٽي ڏاڪا بيان ڪيا ھئا.

جن ۾

 Unfreeze:

Change:

Refreeze:

جھن تحت پھريئن مرحلي ۾ ماڻھن کي تبديلي لاءِ تيار ڪرڻ آھي ۽ کين اھو ٻڌائڻ ، سمجھائن ته تبديلي نھايت ضروري آھي ان کان سواءِ ڪو چارو ناھي. ۽ سموري دنيا ۾ تبديلي کي قبول مشڪل سان ڪيو ويندوآھي ان جي مخالف ۽ حمايت ۾ عملي طور ماڻھو ميدان ۾ اچي ويندا آھن. ڪڏھن ڪڏھن ته ان جي ڀرپور نموني مزاحمت يا حمايت پڻ ٿيڻ لڳندي آھي. پاڪستاني سماج انھي پھرين ڏاڪي مان گذري رھيو آھي. جتي ھر مرحلي تي تبديلي کي ته قبول ڪرڻ لا اواز اٿاريو پيو وڃي. يعني احتجاج ۽ سماجي رابطن وارين يعني فيسبڪ ٽويٽر وغيرھ تي  ٽريندز ھلائڻ به  شامل آھي. جڏھن ته ڪجھ ڌريون ان جي حمايت ۾ پڻ سرگردان آھن.

پوءِ  به  تبديلي پنھنجي جڳھ ٺاھي چڪي آھي.

Lewin’s three step model      تحت

ٻئي مرحلي تي  حقيقي منتقلي يا تديلي واقع عمل ۾ اچي ويندي آھي. اھڙي طرح ٽئين مرحلي تي جڏحن ماڻھو تبديلي کي قبول ڪري عمل ڪندا آھن ته اھڙي تبديلي کي وڌيڪ جامع ۽ پائدار ڪيو ويندو آھي،

ھن وقت  Virtual and Distance education آن لائين تعليم جي لاءِ   مختلف  apps and software جو استعمال ٿي رھيو آھي. جن ۾خاص طور

Microsoft Teams

Skype

Google Meet

Google Classroom

Zoom Cloud Chat

Facebook

۽ ٻيا ڪيترائي سافٽويئر ۽ ايپ استعمال ٿي رھيا آھن  پاڪستان ۾ ٽيلي ايجوڪيشن کان وٺي ريڊيو ۽ ٻين زريعن جي ذريعي تعليم جو عمل جاري آھي. ھن ڏس ۾ جيڪي ڏکيائون پيش اچي رھيون آھن . اھي ؛

1.    غربت

2.    بجلي جو تعطل

3.    انٽرنيٽ جي سھولت

4.    نيٽورڪنگ جو مسئلو

5.    والدين جو سھڪار نھ ھجڻ

6.    ٻارن جي عملي ۽ يقيني دلچسپي

7.    امتحان

وغيرھ وغيرھ

ان سموري صورتحال ۾ استاد پڻ  تمام گھڻو متاثر ٿيو آھي. جيڪو بادشاھ طور ٻارن تي حڪمراني ڪندو ھو سو گھر تائين محدود ۽ محصور ٿي ويو آھي جيڪو پاڻ بچائڻ ۾ ڪوشان آھي.

آخر ڇا ڪجي؟

1.حڪومت ماڻھن جي مالي مدد ڪري.

2. ٻارن کي مفت ليپ ٽاپ، ٽيب يا موبائيل مھيا ڪري.

3. تعليم جي نطام کي قومي تحويل ۾ وٺي سرڪاري استادن کان ٻارن کي تعليم ڏياري،

4.بجلي جي بندش ۽ انٽرنيٽ جي نيٽورڪنگ کي بھٽر بنائڻ تي ڌيان ڏئي.

5. سماجي آگاھي لاءِ مھم ھلائي.


Image may contain: 1 person, indoor

Tuesday, June 23, 2020

نثار صديقي ھڪ رول ماڊل تعليمي انقلابي اڳوڻ



مُون سي ڏِٺا ماءَ، جَنهِين ڏِٺو پِرِينِ کي،.
اُنهين سَندي ڪاءَ، ڪَري نَه سَگهان ڳالهڙي.
ڌرتي تان نثار ٿيڻ جا دعويدار ته گھڻا ٻڌا ۽ ڏٺا آھن پر ڌرتي واسين جي سينڌ سنوارڻ ، ماڻھن جا ڳوڙھا اگھڻ ۽ نوجوانن کي بين الاقوامي ڇيلينجن جي قابل بنائڻ لاءِ اپاءَ وٺڻ ۽ پاڻ کي قوم جي خدمت لاءِ وقف ڪرڻ وارا اڻ لڀ آھن.
اھڙو وقت به اچي ويو آھي جو روزانو صبح جوجيئن ئي موبائيل کولجي ٿي ته ھڪ نئين دردناڪ خبر ملي رھي آھي .
اڄ 22 جون 2020 جيڪر ائين کڻي چئجي ته سنڌ ھڪ سچي محسن، خدمتگار تعليمي اصلاحات جي انقلابي اڳوڻ سائين نثار صديقي کان محروم ٿي وئي.سندس وفات ھڪ قومي نقصان آھي..
2014 ۾ آءُ ذوالفقار بھڻ ۽ سموري سنڌ جا ڪيئي تعليم کاتي جا آفيسر مينيجمينٽ جي ٽريننگ لاءِ 15 ڏينھن لاءِ IBA
سکر پھتا سين ته نثار صديقي جي محنت کي ڏسي حيران ٿي وياسين. ھڪ رول ماڊل تعليمي انقلابي اڳوڻ طور پنھنجي پاڻ کي مڄائيندڙ نثار صديقي کي سنڌ جي جھرجھنگ ۾ رھندڙن مسڪينن ھارين ۽ مزدورن جون به دعائون آھن. جن جي اولاد کي ھڪ سٺي تعليم فراھم ڪرڻ لاءِ عملي قدم کنيا.
اَڄُ نه اوطاقُنِ ۾، طالِبَ تَنوارِينِ؛
آديسِي اُٿِي وِيا، مَڙهِيُون مُون مارِينِ؛
جي جِيَّ کي جِيارِينِ، سي لاهُوتِي لَڏي وِيا.
شاھ 
ذوالفقار بھڻ
ڪراچي.




Zulfiqarbehan at IBA sukkur

Tuesday, February 27, 2018

Zulfiqar Behan Promotion in BPS 19

گريڊ 19 ۾ پروموٽ ٿيندڙ ھيٺين ميل ۽ فيميل سائيڊ ، پرنسپال، ايسوسيئيٽ پروفيسرز، ڊپٽي ڊائريڪٽر / چيف انسٽرڪٽر ، بيورو آف ڪيورڪيولم اينڊ ايڪسٽينشن ونگ، اسڪول ايجوڪيشن تعليم کاتي جي ٽرانسفر ۽ پوسٽنگز جو نوٽيفڪيشن جاري ...

Notification issued  of Promotions of BPS-19 Males & Females principles, Associate Professors / Deputy Directors / Chief Instructors (BPS-19), Bureau of Curriculum & Extension Wing, School Education Department Government of Sindh...





Wednesday, February 7, 2018

Directorate curriculum Assessment & Research/ Curriculum review committee Directorate Bureau of curriculum Sindh conducted subject Sindhi/ Urdu for class 1-5 meeting/workshop held on 28 Jan to 02 Feb 2018 @ Indus hotel Hyderabad with collaboration of Pakistan reading Project


Directorate curriculum Assessment & Research Curriculum review committee Directorate Bureau of curriculum Sindh conducted subject Sindhi/ Urdu for class 1-5 meeting/workshop held on 28 Jan to 02 Feb 2018 @ Indus hotel Hyderabad with collaboration of Pakistan reading Project

5 days workshop  conducted by Directorate curriculum Assessment & Research/ Directorate Bureau of curriculum Sindh  for Curriculum review   subject Sindhi/ Urdu for class for  1-5  on 28 Jan to 02 Feb 2018 @ Indus hotel Hyderabad  with collaboration of Pakistan reading Project

Blew committee worked on subject Sindhi curriculum and reviewed the proposed curriculum alhamdulillah achieved given targets. Thanks BOC /DCAR.

Chairman review committee Dr.G.Allana 
Members
Dr.Ghaffor Memon
Dr.Mohd Ali Manjhi
Prof.Zulfiqar Behan
Dr.Altaf Jokhio
Akbar Shah Rashdi
Naheed Shah
Dilshad Detho
Idress jatoi







Thursday, February 1, 2018

Methods of teaching ADE notes

Teaching Methods for ADE class
1:Lecture Method :-
It is generally followed in colleges & schools ,students are passive in lecture method, this method ignores the individual difference.
2: Recitation Method
It is best method for mentally retard students Most powerful technique of imprinting material on mind
3: Discussion Method
In this method a small group assembles to communicate with each other using listening speaking and nonverbal process in order to achieve instructional objectives
Activities that can be performed in discussion method: holding a debate, holding a seminar , holding a symposium ( in this type 3 or more persons present their view on several side question or topic?
4: Demonstration method in this method teachers performs himself for elaborating his topic
This method is based upon principle 'truth is that which works '
This is psychological & economic method of teaching
5: Heuristic method
Means to investigate, to discover, Arm Strong is the great exponent of this method .. it is based upon the assumption that as little as possible & he should be encouraged to learn as much as possible
6: Project Method
Based on Dewey's philosophy suitable in teaching of science
Syllabus of advanced classes cannot be covered with this method
as it acquires great timing ..this method is used to achieve cognitive & affective objectives
7: Discovery Method
Students find & explore the information themselves
8: Cooperative Learning
An alternative to competitive models
Essential characteristics of cooperative learning is positive interdependence 9: Activity based method: in Pakistan used for elementary level..involves mental & physical action
10: Group Differentiated Method :
Based of assumption no student is particularly different from any group or class of student..emphasis on equality
11: Question answer/ Socratic Method
In this method of teaching teacher established a chain of questions by linking previous knowledge with new knowledge
Main types of Question answer method :
a) Introductory: questions asked to check previous knowledge
b) Developing questions :
The questions which are asked after introductory questions
c) Evaluation questions
Asked at the end of learning
12 : Drill method
Method which is related to discussion & heuristic method ..practice is made in drill method
13 : Problem solving method :
Deals with the concept that is problematic
Its types are :
a) Inductive
b) deductive
In inductive we more from particular to general for example : teacher gives an example & then discuss his topic in view of that example
Deductive : we move from general to particular first discuss the topic then give an example .

Wednesday, January 3, 2018

ADE/B.Ed (hon)Entry test @ GECE/PDC Darsano channo Malir Karachi.







External  examiner Mr.Zulfiqar Behan and internal examiner  Mr.Dilawar Khan discussing about entry test of ADE/B.Ed (hon)@ GECE/PDC Darsano channo Malir Karachi..

External  examiner Mr.Zulfiqar Behan and internal examiner  Mr.Dilawar Khan discussing about entry test of ADE/B.Ed (hon)@ GECE/PDC Darsano channo Malir Karachi.

External  examiner Mr.Zulfiqar Behan and internal examiner  Mr.Dilawar Khan discussing about entry test of ADE/B.Ed (hon)@ GECE/PDC Darsano channo Malir Karachi.

External  examiner Mr.Zulfiqar Behan and internal examiner  Mr.Dilawar Khan discussing about entry test of ADE/B.Ed (hon)@ GECE/PDC Darsano channo Malir Karachi.

External  examiner Mr.Zulfiqar Behan and internal examiner  Mr.Dilawar Khan discussing about entry test of ADE/B.Ed (hon)@ GECE/PDC Darsano channo Malir Karachi.

External  examiner Mr.Zulfiqar Behan and internal examiner  Mr.Dilawar Khan discussing about entry test of ADE/B.Ed (hon)@ GECE/PDC Darsano channo Malir Karachi.

Entry test about  B.Ed (hon) being conducted @ GECE/ PDC Darsano Channo Malir Karachi.

Entry test about  B.Ed (hon) being conducted @ GECE/ PDC Darsano Channo Malir Karachi.

Entry test about  B.Ed (hon) being conducted @ GECE/ PDC Darsano Channo Malir Karachi.

Entry test about  B.Ed (hon) being conducted @ GECE/ PDC Darsano Channo Malir Karachi.


Assessment processes

step 4 Assessment processes

step 4 Assessment processes

step 4 Assessment processes

step 4 Assessment processes

Entry test about  B.Ed (hon) being conducted @ GECE/ PDC Darsano Channo Malir Karachi.
Assessment processes

Visit of the classmates at my office

Dated: 20 May 2026 I am sincerely thankful to my #classmates and friends from #iqraUniversity for visiting my office at the #Directorate ...