Friday, September 19, 2025

Dr. Zulfiqar Behan PhD Degree awarded in 33rd Annual Convocation University of Karachi on 19th July 2025.



Dr. Zulfiqar Behan PhD Degree awarded in 33rd Annual Convocation University of Karachi on 19th July 2025.

Dr. Imtiaz & Dr. Zulfiqar Behan
Dr. Zulfiqar Behan PhD Degree awarded in 33rd Annual Convocation University of Karachi on 19th July 2025.






























Alhumdulillah #PhDDegree awarded to me in 33rd Annual Convocation University of Karachi on 19th July 2025.
ننڍڙين ننڍڙين ڪاميابين کان علاوه سموري حياتي
جدوجهد ،ڏک ،تڪليفن ۽ پيڙائنِ سان ڀرپور.
Thank you so much

 

Wednesday, February 12, 2025

(Reading) پڙھڻ جي مهارت بابت

(Reading) واري مهارت بابت  
ڪافي دوستن جو اڪثر اهو پڇڻ ٿيندو آهي ته اهو ريڊنگ پروگرام ڇا هوندو آهي. ان بابت ڪجهه تفصيل ٻڌايو. هتي تمام مختصر پڙهڻ واري مهارت بابت چند اهم ڳالهيون شيئر ڪرڻ گهرندم.... 
بنيادي ٻار کي ٻولي سيکارڻ جون چار مهارتون مقرر ٿيل آهن: ٻڌڻ، ڳالهائڻ، پڙهڻ (Reading) ۽ لکڻ. انهن مهارتن ۾ پڙهڻ (Reading) کي وڌيڪ اهميت ڏني وئي آهي. يعني جيڪو ٻار گھڻو پڙهي ٿو ان جي ذهانت ۾ ڪشادگي پيدا ٿيندي آهي. 
انهن معاملن کي سمجهڻ لاءِ سڀ کان اڳ اهو جاچڻ ضروري هوندو آهي ته ٻار ڪهڙي سطح تي آهي. ان لاءِ ٻار جي ذهانت ۽ پڙهڻ واري عمل کي جاچڻ لاءِ جائزي (Assessment) جو عمل تمام ضروري آهي. توهان سڀ ڄاڻو ٿا ته تعليم کي سڌارڻ ۾ امتحان/ جائزو/ ٽيسٽ جو عمل تمام ضروري آهي. ٻار کي پڙهائڻ لاءِ هن جي سطح کي جاچڻ اهم ليکيو ويو آهي.
ٻوليءَ جي چئن مهارتن مان پڙهڻ (Reading)، ٻوليءَ کي سمجهڻ جو هڪ اهم پهلو آهي. خيالن جي اظهار واري لکت کي زباني اچارڻ جو عمل ’پڙهڻ‘(Reading) چيو وڃي ٿو. هن عمل ۾ آواز جي علامتن/ اکرن ۽ درست زيرن زبرن کي ڄاڻي وڏي آواز يا خاموشيءَ سان ’پڙهي سمجهڻ‘ کي پڙهڻ (Reading) مڃيو ويو آهي. جيڪڏهن ڪنهن عبارت کي بغير سمجهڻ جي پڙهيو وڃي ٿو ته ان کي پڙهڻ (Reading) نه چئبو؛ يعني ڪنهن عبارت کي سمجهڻ ئي پڙهڻ (Reading) واري عمل سان سلهاڙيل آهي.
ان عمل بابت ڀٽ ڌڻي سرڪار چوي ٿو ته:
پڙهيو تان پڙهن، پڙهن ڪين قلوب ۾
يعني ائين ته پڙهي وٺجي ٿو پر جيستائين ان کي دل سان پڙهي سمجهڻ واري عمل مان نه ٿو گذارجي ته اهو عمل بيڪار ٿي وڃي ٿو. ان سبب بزرگن توڻي جديد محققن پڙهڻ (Reading) جي مراد کي سمجهڻ سان پائبند ڪيو آهي.
ٻوليءَ جي مهارتن مان پڙهڻ (Reading) واري مهارت جي اهميت ان زاويي سان به ڏسي سگهجي ٿي ته ٻار، ٻڌڻ ۽ ڳالهائڻ پنهنجي گهر يا سماجي ماحول مان سکي ٿو اچي. جڏهن هو اسڪول ۾ داخل ٿو ٿئي ته سندس ٻڌڻ ۽ ڳالهائڻ واريون مهارتون جاچڻ بعد هن کي پڙهڻ (Reading) واري مهارت ڏانهن راغب ڪجي ٿو، جنهن بعد هو لکڻ ڄاڻندو. ان حوالي سان پڙهڻ (Reading) واري مهارت مڙني مهارتن ۾ مرڪزي حيثيت رکي ٿي.
ظاهري طور، پڙهڻ (Reading) وارو عمل لکيل يا ڇپيل مواد مان معنى حاصل ڪرڻ جو نالو آهي. هن مهارت ۾ لکيل يا ڇپيل ڪنهن لفظ يا بيان کي سڃاڻڻ ۽ سمجهڻ اهم ڄاتو ويو آهي. ڏٺو وڃي ته هيءَ مهارت ٻين مهارتن: ٻڌڻ، ڳالهائڻ ۽ لکڻ سان سلهاڙيل آهي، ان ڪري هن مهارت کي مرڪزي حيثيت حاصل آهي. 
تحقيق موجب پڙهڻ (Reading) جي مهارت کي پنجن اهم جزن ۾ رکيو ويو آهي ۽ وري انهن اهم جزن کي ٻين ننڍن جزن ۾ ورهايو ويو آهي، جنهن سان پڙهڻ (Reading) جي مهارت کي وڌائي سگهجي ٿو:
1.  صوتي سڃاڻپ (Phonemic awareness)
2.  آواز جي ڄاڻ                       (Phonic)
3.  پڙهڻ جي رواني               (Frequency)
4.  لفظن جو ذخيرو (Vocabulary)
5.  پڙهي سمجهڻ            (Comprehension)
1.  صوتي سڃاڻپ (Phonemic awareness)
اسان پنهنجي ماحول مان مختلف آواز ٻڌندا رهيا آهيون، جنهن ۾ مختلف پکين، جانورن، جيتن ۽ ڪائنات ۾ موجود مختلف جسمن جا آواز شامل آهن؛ مثلاً: ڪڪرن جا ڪڙڪاٽ، طوفاني هوائن ۽ مشينن جا آواز وغيره.
اهي مختلف قسمن جا آواز اسان ڪيئن ٻڌندا آهيون؟
اصل ۾، اهي آواز مختلف ذريعن سان سفر ڪندا آهن ۽ اسان جي ڪنن تائين اهم ذريعي (Median) يعني هوا جي ذريعي پهچندا آهن. اهو آواز اسان جي ڪنن جي دهلڙيءَ سان ٽڪرائجي لرزش پيدا ڪندا آهن جيڪي اعصابي نظام موجب دماغ ۾ پهچندا آهن ۽ اتي آواز decode ٿيندو آهي ۽ اسين ٻڌندا آهيون. 
ابتدا ۾ انسان آواز ٻڌي پوءِ پاڻ انهن آوازن کي ’ڳالهائڻ جي عضون‘ ذريعي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو. اهڙي نموني سان مختلف آوازن ذريعي هو اظهار ڪرڻ لڳو ۽ اهڙي انداز سان مختلف ٻوليون وجود ۾ آيون. هاڻي انسان جيڪي آواز ڪڍندو رهيو ، اهي ٻن طريقن جا آهن هڪڙا اهڙا آواز جيڪي گلي مان بغير رڪاوٽ جي نڪرندا آهن ۽ ٻيا اهڙا آواز جيڪي ڳالهائڻ جي عضون جي رڪاوٽ سان نڪرندا آهن. ٻوليءَ جي ماهرن اهڙن آوازن کي ٻن حصن ۾ ورهايو، هڪڙا: سُر (vowels) ۽ ٻيا وينجن (consonant).
ٻولي جيئن ته خيالن جي اظهار کي ٻين تائين پهچائڻ جو نالو آهي، ان لاءِ پنهنجي خيال کي ٻين تائين پهچائڻ لاءِ ٻوليءَ جي ضرورت محسوس ڪئي وئي ۽ آوازن کي محفوظ ڪرڻ شروع ڪيو ويو. ان بعد انسان کي پنهنجي خيالن کي ڪنڊ ڪڙڇ جي ماڻهن تائين پهچائڻ لاءِ لکت (writing) جي ضرورت پئي. پوءِ هن انهن آوازن کي مختلف علامتن ذريعي ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. اهڙي نموني سان رسم الخط (Script) ۽ الف-بي/ آئيويٽا (Alphabet) جو تصور اڀريو.
هاڻي درست ٻولي ۽ ان جي رسم الخط ۽ الف-بي سيکارڻ کان پهرين اهو تمام ضروري آهي ته اسين ٻارن کي سڀ کان پهريائين آوازن جي سڃاڻپ ڪرايون، ڇاڪاڻ ته، ٻار اسڪول اچڻ کان اڳ مختلف لفظن جي آوازن کان واقف هوندو آهي. 
ٻار پنهنجي شين جي نالن کان ڪيئن واقف ٿيو؟
ٻار پنهنجي اردگرد جي ماحول ۾ موجود شيون ڏسي ۽ پنهنجي گھر وارن جا آواز ٻڌي شين جي نالن کان واقف رهندو ۽ انهن لفظن جا آواز ڪڍندو رهيو آهي. ان لاءِ لازمي آهي ته انهن کي سڀ کان پهرين آوازن جي سڃاڻپ ڪرايون جيڪي هو پنهنجي عام زندگيءَ ۾ ڪڍندو رهيو آهي.
محترم ٽيچر، اوهان ڄاڻو ٿا ته ٻار جڏهن به ڪنهن لفظ جا آواز ڪڍندو آهي ته سڀ کان پهرين انهن کي پد آواز (syllabic sound) جي صورت ۾ اچاريندو آهي؛ جيئن: مَکِ. هن لفظ کي ٻن پدن جي صورت ۾ اچاريندو يعني [مَ] ۽ [کِ]. هاڻي اصولي طور ڏٺو وڃي ته [مَ] ۽ [کِ] ۾ ٻه- ٻه آواز آهن. هڪ وينجن (consonant)۽ ٻيو سُر (vowels).
[مَ] پد آواز (syllabic sound) کي هن طريقي سان ڇيد ڪري سگهجي ٿو: /م/ + /اَ/ = [مَ]، /ک/ + /اِ/ = [کِ]
اهڙي نموني لفظ ’پاڻي‘ ۾ به ٻه پد آهن جن جو ڇيد هيٺئين نموني ٿي سگهي ٿو: /پ/ + /آ/ = [پا] ۽ /ڻ/ + /اِي/ = [ڻِي].
جيئن ته لفظن ۾ موجود پدن (syllabic sound) جو اهڙو ڇيد (segmenting) ڪرڻ ۽ انهن پدن کي جوڙي (blending) لفظ جوڙڻ کان ٻار ته چڱيءَ طرح واقف نه هوندو آهي؛ ليڪن ٻولي پڙهائيندڙ ٽيچر کي ان جي واقفيت هجڻ لازمي آهي. ان لاءِ اها راءِ رکجي ٿي ته لفظ ’پاڻي‘ ۾ ٻن پدن جي هجڻ جو تصور ٻار تائين پهچائڻ انتهائي لازمي آهي.
آوازن جي اهڙي سڃاڻپ واري عمل کي ’صوتي سڃاڻپ‘ (Phonemic awareness) چئبو آهي. ياد رهي ته صوتي سڃاڻپ جو تعلق صرف آواز سان آهي؛ اکر يا علامت رڳو ان جي نمائندگي ڪندو آهي.
سرگرمي:
ٽيچر آوازن جي سڃاڻپ ڪرائڻ لاءِ ٻارن جي اڳين معلومات جو سهارو وٺندي کانئن چند تصويرن جا نالا معلوم ڪندو/ڪندي. ٽيچر، ٻار کي ’اَکِ‘ جي تصوير ڏيکاري پڇندو/پڇندي ته هيءَ ڇا جي تصوير آهي؟       
جيڪڏهن ٻار ٻڌائي ته ٺيڪ، نه ته استاد پاڻ ٻڌائي ته ’هيءَ اَکِ آهي‘.
استاد ٻيهر معلوم ڪندو ته هن ۾ ڪهڙا پد آوازَ (syllabic sounds) آهن؟جيڪڏهن ٻار ٻڌائي ته ٺيڪ، نه ته ٽيچر پاڻ ٻڌائي ته: هن ۾ ’اَ‘ ۽ ’کِ‘ جا پد آوازَ (syllabic sounds) آهن.
ٽيچر وري ٻار کان پد آواز (syllabic sound) ۽ لفظ معلوم ڪرڻ لاءِ پڇندو/ پڇندي ته:
هن لفظ ۾ پهريون پد آواز (syllabic sound) ڪهڙو آهي؟ (اَ)
هن لفظ ۾ ٻيو پد آواز (syllabic sound) ڪهڙو آهي؟  (کِ)
جيڪڏهن ٻنهي پد آوازن (syllabic sounds) کي ملائبو ته ڪهڙو لفظ ٺهندو؟  (اَکِ)
ان کان پوءِ ٽيچر لفظ ’اَکِ‘ ۾ معلوم ڪندو/ ڪندي ته:
هن لفظ ۾ پهريون وينجن آواز (Consonant) ڪهڙو آهي؟  /ا/
آخري وينجن آواز (Consonant) ڪهڙو آهي؟ /ک/
هن لفظ ۾ پهريون سُر آواز (Vowel) ڪهڙو آهي؟ /اَ/
آخري سُر آواز (Vowel) ڪهڙو آهي؟  /اِ/
ٽيچر چوندو ته: ”اچو ته هاڻي هڪ ٻي شيءِ ٿا ڏسون“:
ٽيچر، ٻار کي ’ڪَن‘ جي تصوير ڏيکاري پڇندو/پڇندي ته هيءَ ڇا جي تصوير آهي؟  
جيڪڏهن ٻار ٻڌائي ته ٺيڪ، نه ته استاد پاڻ ٻڌائي ته ’هي ڪَنُ آهي‘.
استاد ٻيهر معلوم ڪندو ته هن ۾ ڪهڙا پد آوازَ (syllabic sounds) آهن؟ جيڪڏهن ٻار ٻڌائي ته ٺيڪ، نه ته ٽيچر پاڻ ٻڌائي ته: هن ۾ ’ڪَ‘ ۽ ’نُ‘ جا پد آوازَ (syllabic sounds) آهن. 
پد آوازَ (syllabic sounds)
ٽيچر وري ٻار کان پد آوازَ (syllabic sounds) ۽ لفظ معلوم ڪرڻ لاءِ پڇندو/ پڇندي ته:
هن لفظ ۾ پهريون پد آواز (syllabic sound) ڪهڙو آهي؟ /ڪَ/
هن لفظ ۾ ٻيو پد آواز (syllabic sound) ڪهڙو آهي؟  /نُ/ 
جيڪڏهن ٻنهي پد آوازن (syllabic sounds) کي ملائبو ته ڪهڙو لفظ ٺهندو؟ (ڪَنُ)
ان کان پوءِ ٽيچر لفظ ’ڪَنُ‘ ۾ معلوم ڪندو/ ڪندي ته:
وينجن آوازَ (Consonant sounds)
هن لفظ ۾ پهريون وينجن آواز (Consonant) ڪهڙو آهي؟ /ڪ/
آخري وينجن آواز (Consonant) ڪهڙو آهي؟ /ن/
سُر آوازَ (Vowel sounds)
هن لفظ ۾ پهريون سُر آواز (Vowel) ڪهڙو آهي؟ /اَ/
آخري سُر آواز (Vowel) ڪهڙو آهي؟ /اُ/
ٻارؤ، اچو ته هاڻي هنن لفظن ۾ موجود (پد) آوازن جي ڇيد ۽ جوڙ جي مشق ڪريون ۽ آواز ڄاڻون:
(نوٽ: استاد ٻارن کي عام رواجي لفظ الڳ الڳ زباني ٻڌائيندو/ ٻڌائيندي ۽ هرهڪ لفظ جي الڳ الڳ مشق ڪرائيندو/ ڪرائيندي.)
(بُکَ- پاڻي- حَوض- نانْگُ- تِکو- ٻيرُ- جهَنْگُ- ساههُ- مِينْهُن- ٻارُ)
ٽيچر ڄاڻايل لفظن مان زباني ٽي لفظ پدن جي صورت ۾ ڇيد ۽ جوڙ ڪري ٻڌائيندو/ ٻڌائيندي ۽ بقايا لفظن جو ڇيد ۽ جوڙ ڪرڻ لاءِ ٻارن کي هدايت ڏيندو/ ڏيندي ۽ آواز ڄاڻندو/ ڄاڻندي.
(…پا+ڻِي… حَو+ضُ…نانْـ+گُ…)
آخر ۾ ٽيچر ٻارن کي چوندو/ چوندي ته ڪي به لفظ چونڊيو ۽ انهن کي پدن جي صورت ۾ ڇيد ۽ جوڙ (Segmenting and Blending) ڪريو ۽ آواز جي سڃاڻپ ڪرايو.
2.  آواز جو علم (Phonics)
آوازن جي ڄاڻ مان مراد، ’آوازن کي اکرن سان لاڳاپو‘ ڏيکارڻ آهي. هن ۾ ٻارن کي آوازن ذريعي اکرن جي علامتن جي ڄاڻ ڏني ويندي آهي ۽ اکرن ۽ ان جي مختلف صورتن کي ملائي سيکاريو ويندو آهي، جنهن سان هنن ۾ پڙهڻ (Reading) ۽ لکڻ جي عمل ۾ آساني ٿيندي آهي. ڪنهن لفظ جي صورتخطيءَ جي سڃاڻ اکرن سان ٿيندي آهي، ان لاءِ ’آوازن جي ڄاڻ‘ کي ٻوليءَ جي سمجهڻ جو بنيادي اصول سمجهيو ويو آهي.
هن علم وسيلي ٻارن کي اهو سيکاريو ويندو آهي ته الف-بي ۽ زيرن زبرن جي علامتن وسيلي نوان لفظ ۽ جملا ٺاهي سگھجن ٿا. اهڙي طريقي سان ٻار اهو سمجهي ويندا آهن ته [ب] جو آواز ڪيئن اچاربو آهي ۽ ان سان گڏ ٻين اعرابن جو استعمال ڪري ڪيئن لفظ جڙندو آهي. هن علم جا ٻه پهلو نهايت اهم آهن يعني پدن (Syllabic Sound) کي ٽوڙي (Segmenting) ۽ ملائي (Blending) لفظ جي صورت ڏيڻ ۽ ان کي لکت جي صورت ۾ ڄاڻڻ.
اڄڪلهه پهرين ڪلاس کان وٺي گڏيل درسي ڪتاب پڙهايا وڃن ٿا، جن ۾ دينيات، سماجي اڀياس ۽ جنرل ناليج جا مضمون اچي وڃن ٿا. ان لاءِ ضروري آهي ته ابتدائي ڪلاس کان ٻارن کي الف-بي ۽ ان جي آوازن جي ڄاڻ چڱيءَ طرح ڏني وڃي ۽ ان کان علاوه ڏهه صاف سُر (Vowels) ۽ نڪوان سُر (Nasal Vowels) سيکاريا وڃن جن جي مدد سان لفظن کي سمجهڻ ۽ پڙهڻ ۾ سولائي رهي ٿي. ابتدائي ڪلاس ۾ ٻارن کي اکرن جي چئن صورتن: سالم، شروعاتي، درمياني ۽ آخري صورتن کان به واقف ڪرائڻ انتهائي لازم آهي ته جيئن ٻار پڙهڻ ۾ ڪا ڏکيائي محسوس نه ڪري. هن طريقي سان اڻ- ڏٺل لفظ به آسانيءَ سان پڙهي سگھن ٿا.
3.  پڙهڻ ۾ روانيءَ جي اهميت (Fluency)
جيئن ته اسين ڄاڻون ٿا ته پڙهڻ ۾ رواني جو لاڳاپو لفظن کي سڃاڻڻ واري مهارت سان آهي. هن مهارت موجب شاگرد لفظن کي سمجهڻ کان علاوه اهي لفظ به پڙهي ٿو وڃي جن جي معنى يا مراد کان واقف ناهي. ان جو مطلب اهو آهي ته لفظ جي معنى ۽ هِجي تي گھٽ ڌيان ڏئي ان جي سمجهڻ تي وڌيڪ زور ڏنو وڃي ته شاگرد ڇا پڙهيو آهي؟ جيڪڏهن شاگرد لفظن جي معنى ڳولهڻ ۾ منجهي پوندو ته هو پڙهڻ جي ٻين طريقن تي ڌيان نه ڏيندو جيڪي هن کي پڙهي سمجهڻ ۾ مدد ڪن. 
تحقيق ۾ اها ڳالهه آئي آهي ته جيڪي ٻار روانيءَ سان پڙهي ٿا وڃن ته اهي ٻار پڙهڻ کي سمجهي ٿا به وڃن. مڻ مڻ ڪري پڙهڻ واري ٻار ۾ پڙهي- سمجهڻ واري سگهه پيدا نه ٿي ٿئي.
مشق ڪرڻ، زباني پڙهڻ ۽ دهرائڻ شاگردن کي پڙهڻ ۾ رواني پيدا ڪرڻ جو بهترين ذريعو آهي. ان لاءِ ڪتاب شاگردن جي سطح کان مٿي نه هجڻ گھرجي.
4.  لفظن جو ذخيرو (Vocabulary)
لفظن جي معنى هجڻ جو ذخيرو، شاگردن ۾ رواني سان پڙهڻ جي مهارت پيدا ڪندو آهي ان کي لفظن جو ذخيرو چئبو آهي. لفظن جو ذخيرو پڙهڻ واري عمل کي سکڻ ۾ ڪهڙو ڪردار ادا ڪندو آهي؟ 
جڏهن ٻار پڙهڻ سکندا آهن ته اهي اهو سمجھڻ شروع ڪندا آهن ته ڇا ڪتاب جي صفحي تي اهي لفظ ڄاڻايل آهن جيڪي هو پنهنجي عام زندگيءَ ۾ ڳالهائيندا ۽ ٻڌندا رهيا آهن؟ ان لاءِ اهو آسان ٿي ويندو آهي ته هو لکيل مواد مان ڪجهه مطلب حاصل ڪري سگهن، جيڪو ان جي ٻوليءَ جو اهم حصو آهي. جڏهن ٻار صفحي تي لکيل هڪ به لفظ نه ٿو پڙهي سگهي ته سمجھڻ جو عمل ممڪن ئي ڪونهي.
جيڪڏهن ٻار خود ۽ واسطي سان نوان لفظ سکندو آهي ته اهي هن کي پڙهڻ ۾ ڪافي مددگار ثابت ٿيندا آهن ان لاءِ عام زندگيءَ جي سٺي ماحول ۾ اٿڻ ويهڻ کي اهميت حاصل آهي.
شاگردن کي نوان لفظ وضاحت سان ٻڌائڻ گھرجن خاص طور تي ان وقت جڏهن هو ڪهاڻي يا ڪنهن تصور ۾ دقت محسوس ڪندو هجي.
اصل ۾ ٻار پنهنجي ماحول مان ڪافي لفظ کڻي ايندو آهي جن بابت هو ڪنهن حد تي واقف به آهي ليڪن پوءِ به انهن بابت نئين سري سان واضح ڪرڻ انتهائي ضروري آهي. 
هن يونٽ مان مراد اها به آهي ته ٻارن ۾ لفظن جي معنى حاصل ڪرڻ جي اهڙي عادت پيدا ڪئي وڃي جو هنن ۾ پنهنجي عام زندگيءَ مان به حاصل ٿيندڙ لفظن تي به غور ڪرڻ جي صلاحيت پيدا ٿي سگهي.
4.  پڙهي سمجھڻ (Comprehension)
ريڊنگ جو اهم مقصد ’سمجهه‘ سان سلهاڙيل آهي، بغير سمجهڻ، واري پڙهڻ کي ريڊنگ نه چئبو. عام طور تي اسان قرآن پاڪ پڙهندا/ دور ڪندا آهيون، دراصل ان کي پڙهڻ نه چئبو آهي. قرآن پاڪ جي لفظن کي ڏسي اکر جي آوازن کي ملائي لفظ ڊيڪوڊ ته ڪري ويندا آهن پر سمجهي نه سگهندا آهيون، اهڙي عمل کي ڊيڪوڊنگ چئبو آهي، پڙهڻ نه!
پڙهي سمجهڻ اهو گڏيل عمل آهي جيڪو پڙهندڙ ۽ مواد جي وچ ۾ ٿيندو آهي. صفحي تي لفظن کي ڄاڻڻ کان وڌيڪ پڙهي سمجهڻ واري عمل ۾ سوچڻ جو عمل دخل آهي. هڪ سٺي پڙهندڙ جو هڪ مقصد هوندو آهي. ان لاءِ هو ان کي سمجھڻ لاءِ مختلف طريقا ڪم آڻيندو آهي، جيڪي هڪ ئي وقت مواد مان معنى يا مراد وٺي سگھندو هجي. ان لاءِ اهو خيال اڀري ٿو ته ڪهڙا جزا پڙهي سمجھڻ ۾ مدد ڪن ٿا، مثلاً:
پڙهي سمجهڻ جي نگراني
هڪ ڪامياب پڙهندڙ اهو ڄاڻندو آهي ته هو پيراگراف کي سمجهندو ويندو آهي ۽ جڏهن هو رڪجي ويندو آهي ته سمجهڻ کي بهتر بڻائڻ لاءِ طريقا سوچيندو آهي.
اڳين معلومات ڪم آڻڻ
پڙهندڙ ڪهاڻي يا مواد کي پنهنجي اڳين معلومات سان لاڳاپو جوڙي وٺندو آهي، جنهن سان هن ۾ سمجهڻ جي قوت سگھاري ٿيندي آهي.
اڳڪٿي ڪرڻ
هڪ سٺو پڙهندڙ اڳواٽ ئي هڪڙو خيال جوڙي وٺندو آهي ته هن ڪهاڻيءَ ۾ ڪهڙا واقعا پيش اچي سگهن ٿا ۽ ان جا ڪهڙا امڪاني نتيجا نڪري سگهن ٿا.
سوال ڪرڻ
ٻار پڙهڻ وقت ڪي سوال ڪندو آهي ۽ ان جي جوابن کي ڳولهڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ته جيئن ان جي معنى سمجهي سگھن. سٺا سوال ٻارن جي ذهانت تي مبني هوندا آهن جيڪي هن جي تجسّس ۽ معلومات کي وڌائيندا آهن.
ڪهاڻيِءَ کي ٻيهر ترتيب ڏيڻ:
ٻار مواد کي ان وقت وڌيڪ سمجهندو آهي جڏهن هو ڪن به بي ترتيب جملن کي ترتيب ڏئي ڪو مواد بيهاري سگھندا آهن.
خلاصو بيان ڪرڻ:
جڏهن ٻار ڪنهن ڪهاڻيءَ جو تت/ خلاصو بيان ڪندو آهي ته سمجهو ته هو خاص مقصد حاصل ڪرڻ جي تمام ويجهو آهي. هو ڪهاڻي/ مواد جي معلومات کي چڱيءَ ريت سمجهندو آهي ۽ پنهنجي لفظن ۾ ان جو خلاصو بيان ڪندي اهو ثابت ڪندو آهي ته هنن مواد کي ڪافي سمجهيو آهي.
انتهائي مختصر ڪوشش وٺي دوستن اڳيان پنهنجو حال پيش ڪيو آهي. ظاهر آهي ان جي هرهڪ جزي ته ڇا، پر هر هڪ سوال تي ريسرچ ورڪ ٿين ٿا. بس هي هڪ بنيادي ڄاڻ خاطر هي مضمون شيئر ڪجي ٿو.

Wednesday, December 20, 2023

The book “Sindh Ja Samoondi” by Gul Hassan Kalmatti



 The book “Sindh Ja Samoondi” by Gul Hassan Kalmatti

From the pages of history:-

Some people believe that Karachi’s development took place after 1947. Here are some facts about Karachi & it’s history!


Karachi Port Trust      1857

Karachi Chamber of Commerce                  1860

Karachi Airport           1924

Karachi Railway St.    1898

NED Eng College        1923

Dow Med College       1945

Sindh Madrisat ul Islam 1885

DJ Science College    1887

NGV High School       1855

St. Patrick High Sch   1861

St Joseph's Convent School, Karachi          1861

Karachi Grammar      1847

St. Paul's High Sch.  1940

SM Law Collage          1947

SM Science College  1943

Civil Hospital              1888

Jinnah Hospital           1930

Karachi Municipal  

Corporation                 1927

Karachi Municipal Commission                1852

KElSC                           1913

Sindh high court.        1923

Sindh assembly bldg 1940

Sindh Club                   1871

S. Governor House     1843

Civil Hospital Karachi 1898

Karachi Zoo                 1878

Victoria Museum 

(Supreme Court)        1887

Karachi Gymkhana     1886

Hindu gymkhana        1925

Star Cinema                 1917

Empress Market         1884

Lea Market                   1927

Karachi Boat Club      1881 

Mereweather Tower   1884

Karachi Race Course  1913

Fisherman's Coop S. 1945


Sharing the details of his research, Kalmatti said that Bath Island was an island, which was 30 feet above sea level and up to 1935, sea water used to touch its western side. “People of Karachi used to visit this place for swimming. There were remains of an ancient city on this island” he said. About Boat Basin, he said, “It was established in 1912 and the area was originally spread over 21 acres. It used to be a pond for sailing and motor boats, and had four piers.”


About Clifton, the writer said that people in earlier days used to call Clifton by its old name ‘Mahadev’ because of the Mahadev Rataneshwar Temple. Another name in common use was ‘Hawa Bunder’. “It was an island connected to the city through a wooden bridge,” he said adding that it was named Clifton in British Era.


In his book Kalmatti has referred to two different theories about this name. He quoted a book ‘Kurrachee: Past, Present and Future’, written by Alexander F Baillie and said, “The place was named after birth place of English General Charles Napier who belonged to Clifton that is in UK.”  Referring to his research he said, “I believe it was named after Mr Clifton who was an assistant collector in the colonial period.”


The book said that Gizri was once famous owing to evidence of fish. Its original name is derived from ‘Gishri’, a kind of fish found in salty waters.  The name was changed to Gisri then Gizri.  The book talked about how original names of places and areas of Karachi have been changed. It said that in 1967 Mauripur Airport was renamed to Masroor Base after a pilot who had died in a plane crash.


Similarly, Lalu Khet was renamed to Liaquatabad, Banghoria Goth to Azizabad, Molri to Safari Park, and Pipri Bander to Port Qasim.


Regarding Baba Island and Bhit Island, Kalmatti said that there have been settlements on these islands for more than 400 years. “The Katchi community, who are Sindhi speaking and fishermen, and call themselves Morrio Pota, live here. Many of them later moved to Shams Pir and other coastal areas of Karachi, “He said adding that head of Katchi is called Patel and chief of Sindhi fishermen is called Jamote.”


In his book, Kalmatti, referring to Sindh Gazette, mentioned the hurricane cyclone that devastated Karachi in 1902. “Before 1902, the residents of Karachi used to boast that their city is out of the way of tornadoes and hurricanes. But that came to an end in 1902 with two consecutive storms that year. The first storm was on May 13 at 8am that had devastated entire Karachi and killed 225 people. The second hurricane occurred on June 13 with winds and high tides that had become more intense,” the book said while quoting AH Atkin’s report published in 1907.

Tuesday, December 19, 2023

سنڌي جا ڪجھ ٻٽا لفظ

سنڌي جا ڪجھ ٻٽا لفظ

  لفظسنڌي جا ڪجھ ٻٽا (Double) :


اوڌر سوڌر

ڀاڄي ڀتي 

مرچ مصالحو

مڙھ مقام

ھيٺ مٿي

چڱو ڀلو

ميٺ محبت

ھلت چلت

دور دراز

ناز نخرو

اوکي سوکي

ھاري ناري

ڌڪا ٿاٻا

نياز نوڙت

اوھي واھي

ھوندي سوندي

ڌڻي سائين

مٽ مائٽ

اوڙو پاڙو

آيو ويو

ڌن دولت

نالو نشان

اوسي پاسي

آمھون سامھون

تڙ تڪڙ

وڻج واپار

ڪم ڪار

چٽا ڀيٽي

ٿڌي ڪوسي

وڻ ٽڻ

ڦير گھير

ڇنڊ ڇاڻ

ٽڪو پئسو

نوڪر چاڪر

کنڊ کير

ڳالھ ٻولھ

ٺڪا ٺوڪي

وٺ وٺان

کاڌو پيتو

گپ چڪ

ٿڪي ٽٽي

ٻھاري سھاري

کيل تماشو

گڙ ٻڙ

ٻني ٻارو

ڇڊو پاڊو

طور طريقا

گلا غيبت

خرچ پکو

اويل سويل

ڪپڙو لٽو

سار سنڀال

خوار خراب

اڳ پٺ

ٺھ پھ

سڳو ڌاڳو

ٻار ٻچو

انعام اڪرام

ٺھي جڙي

سس پس

ٻوڙ پلائ

لڳ ڀڳ

رڌ پچاءُ

ستي ڦڪي

ٻڪر ٻوساٽ

زير زبر

صاف سٿرو

رات ڏينھن

چپ چاپ

زور ظلم

صبح شام

شادي مرادي

ڇڙو ڇانڊ

سچ پچ

صلح سانت

شان شوڪت

ڇيڙ ڇاڙ

سڌو سنئون

رنگ روپ

ايندي ويندي

ڇڪ تاڻ

تپ تاء

رلي ملي

ابتا سبتا

جواڻ جماڻ

ٿلھو متارو

روڄ راڙو

بيماري سيماري

جڳ جھان

لڏ پلاڻ

اٿ ويھ

راند روند

جيڪو تيڪو

گھر گھاٽ

اجايو سجايو

ڊپ ڊاءِ

ڄاڻي واڻي

گھمڻ ڦرڻ

اچ وڃ

ڊڪ ڊوڙ

جند جان

مٽ سٽ

انڌو منڊو

ذات پات

جھڙو تھڙو

لڪڪوٽي

اگھو سگھو

داڻو پاڻي

ڄاڻ سڃاڻ

لچ لفنگو

ٽڪر ٽانبو

ٺڪر ڀتر

رکي سکي 

دانھن ڪوڪ

پلي نپني

لھ وچڙ

اڳ پوءِ

دوا دارون

چرچو کريو

ماڻھو ڇيڻو 

پئسو ڏوڪڙ

ڈیٹرک کراچی کا سفر ٽھي جهعرنيٿ

ڈیٹرک کراچی کا سفرabout DETRC 



1972

 کی پالیسی کے تحت ان اداروں کا قیام عمل میں ایا۔  پہلااے وی ایڈ سینٹر کراچی یونیورسٹی کے کمپاؤنڈ میں قائم کیا گیا تھا۔  

 سمی و بصری معاونت کے نام سے قائم اس ادارے کو  پھر  ڈائریکٹر اسکول کراچی  کے ماتحت کر دیا گیا ۔

ڈیٹرک کراچی کا سفر

ڈائریکٹر اسکول موجودہ این جی وی اسکول میں قائم کیا گیا تھا کچھ عرصہ بعد  1974   میں لیاقت اباد قاسم اباد میں منتقل کیا گیا۔1992 میں اس ادارے کا نام ایوی ایڈ سینٹر سے ڈی ای ٹی ار سی کر دیا گیا اور ادارے کو اب گریڈ کر کے ڈویژنل کی حیثیت دی گئی۔

جس کے ماتحت ڈیٹک ٹھٹھہ بھی دیا گیا تھا،  پھر اس سینٹر کی کنسٹرکشن و توسیع کی وجہ سے ادارے کو گورنمنٹ ایلیمنٹری کالج اف ایجوکیشن لیاری میں 1997 تک منتقل کیا گیا تھا۔ اسطرح 1997 سے تحال سینٹر لیاقت اباد قاسم اباد کراچی میں واقع ہے۔

نصاب: قوم جي تعمير، تعليم جي معيار ۽ روشن مستقبل جو بنياد ڊاڪٽر ذوالفقار بهڻ

نصاب: قوم جي تعمير، تعليم جي معيار ۽ روشن مستقبل جو بنياد ڊاڪٽر ذوالفقار به ڻ ڪنهن به قوم جي ترقي، خوشحالي ۽ پائيدار مستقبل جو دارومدا...