Saturday, January 23, 2016

Orientation of Course outline Subject Sindhi ADE 1, ADE 3, B.Ed (hon) 1, B.Ed (hon) 2,


University of Karachi cordially invites you to a in seminar on
Orientation of Course outline Subject Sindhi ADE 1, ADE 3, B.Ed (hon) 1, B.Ed (hon) 2, 
On Thursday 14th January
At Arts Auditorium university of Karachi
SCHEDULE
Start Time:11:00 am
Recitation Holy Quran11:15 am
Welcome Note11:30 am
Orientation 12:00 pm
Speaker 11:00 pm
Speaker 21:20 pm
Speaker 31:40 pm
Appreciation certificate
Presidential note 2:00 pm
Thanks of vote 2:30 pm
استاد پيغمبراڻو پيشو آھي ؛ سليم ميمڻ
استادن جي تربيت تي خاص توجه ڏني پئي وڃي ؛ غلام اصغر ميمڻ


ڪراچي  يونيورسٽي  ۾ ٽيچر ايجوڪيشن ڊپارتمنٽ طرفان ايسوسيئيٽ ڊگري ان ايجوڪيشن ، بي .ايد (آنرز) ۽ بي.ايڊ ھڪ سال جيتيار ڪرايل سنڌي  مضمون متعلق سيمينار ڪوٺايو ويو . پروفيسر ذوالفقار بھڻ بريفنگ ڏيندي  ٻڌايو ته اي .ڊي. .اي کان بي.ايڊ  تائين ڪراچي يونيورسٽي جو پنھنجو ڪورس  سنڌي ۽ ٽيچر ايجوڪيشن جي ماھر استادن کان تيار ڪرايو ويو آھي.
ڊين فيڪلٽي ايجوڪيشن ڊاڪٽرپروفيسر شگفته آيل مھمانن جي آجيان ڪندي ٻڌايو ته ڀلي ھڪ  شاگرد سنڌي مضمون پڙھڻ چاھيندو ته ڊپارٽمينت کيس ڪورس ۽ استاد مھيا ڪري ڏيندو .سمينار کي غلام اصغر ميمڻ ايڊيشنل ڊائريڪٽر بيورو آف ڪريڪيولم خطاب ڪندي ٻڌايو ته ھن وقت استادن جي تربيت تي خاص توجه ڏني پئي وڃي ڇوته استاد ئي قومن جي تقدير بدلائي سگھن ٿا . ھارون لغاري ڊائريڪٽر  سنڌ ٽيچر ايجوڪيشن ڊولپمينٽ اٿارٽي پنھنجي تقرير ۾ استادن تي زور ڀريو ته ھو ايمانداريءَ سان پڙھائن ته سٺا نتيجا نڪري سگھن ٿا .
پروفيسر سليم ميمڻ خاص طور اردو ميڊيم پڙھائيندڙ استادن کا شڪايت ڪندي  چيو ته شاگرد  ٽئين ڪلاس کان ميٽرڪ تائين آسان سنڌي پڙھن ٿا، امتحان ۾ پاس به ٿي وڃن ٿا پرکين نه سنڌي پڙھڻ  اچي نه لکڻ نه ئي ڳالھائڻ  اھڙي صورت حال تي استاد ن کي پنھنجي ڪوتاھين تي سوچڻ گھرجي. . سيمينار کي چيئرمين ٽيچر ايجوڪيشن ڊپارتمينٽ ڊاڪٽر سفيه عروج خطاب ڪيو ۽ سنڌي مضمون تيار ڪندڙ ماھر استادن کي مبارڪباد ڏني.
آخر ۾  اي.  ڊي.. اي ۽  بي .ايڊ جا (4) ڪورس تيار ڪندڙ جن ۾ ڊاڪٽر پروفيسرناھيد پروين ،پروفيسر ذوالفقار بھڻ،ڊاڪٽر پروفيسر سفيه عروج ،پروفيسر نذير بلوچ ،۽ سلمه راڄپر کي مڃتا سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا.


تصويري جھلڪيون








No comments:

Post a Comment

PROVINCIAL ACHIEVEMENT TEST RESULTS SHARED IN IDUS HOTEL HYDERABAD

PROVINCIAL ACHIEVEMENT TEST RESULTS SHARED IN IDUS HOTEL HYDERABAD ON 13 MAY 2017 AS A FOCAL PERSON DISTRICT SOUTH KARACHI I ALSO ATTAN...