Thursday, September 29, 2016

پڙھڻ جا جزا components of reading parhan ja Juza

پڙهڻ (Reading. 
بنيادي ٻار کي ٻولي سيکارڻ جون چار مهارتون مقرر ٿيل آهن: ٻڌڻ، ڳالهائڻ، پڙهڻ (Reading) ۽ لکڻ. انهن مهارتن ۾ پڙهڻ (Reading) کي وڌيڪ اهميت ڏني وئي آهي. يعني جيڪو ٻار گھڻو پڙهي ٿو ان جي ذهانت ۾ ڪشادگي پيدا ٿيندي آهي. 
انهن معاملن کي سمجهڻ لاءِ سڀ کان اڳ اهو جاچڻ ضروري هوندو آهي ته ٻار ڪهڙي سطح تي آهي. ان لاءِ ٻار جي ذهانت ۽ پڙهڻ واري عمل کي جاچڻ لاءِ جائزي (Assessment) جو عمل تمام ضروري آهي. توهان سڀ ڄاڻو ٿا ته تعليم کي سڌارڻ ۾ امتحان/ جائزو/ ٽيسٽ جو عمل تمام ضروري آهي. ٻار کي پڙهائڻ لاءِ هن جي سطح کي جاچڻ اهم ليکيو ويو آهي.
ٻوليءَ جي چئن مهارتن مان پڙهڻ (Reading)، ٻوليءَ کي سمجهڻ جو هڪ اهم پهلو آهي. خيالن جي اظهار واري لکت کي زباني اچارڻ جو عمل ’پڙهڻ‘(Reading) چيو وڃي ٿو. هن عمل ۾ آواز جي علامتن/ اکرن ۽ درست زيرن زبرن کي ڄاڻي وڏي آواز يا خاموشيءَ سان ’پڙهي سمجهڻ‘ کي پڙهڻ (Reading) مڃيو ويو آهي. جيڪڏهن ڪنهن عبارت کي بغير سمجهڻ جي پڙهيو وڃي ٿو ته ان کي پڙهڻ (Reading) نه چئبو؛ يعني ڪنهن عبارت کي سمجهڻ ئي پڙهڻ (Reading) واري عمل سان سلهاڙيل آهي.
ان عمل بابت ڀٽ ڌڻي سرڪار چوي ٿو ته:
پڙهيو تان پڙهن، پڙهن ڪين قلوب ۾
يعني ائين ته پڙهي وٺجي ٿو پر جيستائين ان کي دل سان پڙهي سمجهڻ واري عمل مان نه ٿو گذارجي ته اهو عمل بيڪار ٿي وڃي ٿو. ان سبب بزرگن توڻي جديد محققن پڙهڻ (Reading) جي مراد کي سمجهڻ سان پائبند ڪيو آهي.
ٻوليءَ جي مهارتن مان پڙهڻ (Reading) واري مهارت جي اهميت ان زاويي سان به ڏسي سگهجي ٿي ته ٻار، ٻڌڻ ۽ ڳالهائڻ پنهنجي گهر يا سماجي ماحول مان سکي ٿو اچي. جڏهن هو اسڪول ۾ داخل ٿو ٿئي ته سندس ٻڌڻ ۽ ڳالهائڻ واريون مهارتون جاچڻ بعد هن کي پڙهڻ (Reading) واري مهارت ڏانهن راغب ڪجي ٿو، جنهن بعد هو لکڻ ڄاڻندو. ان حوالي سان پڙهڻ (Reading) واري مهارت مڙني مهارتن ۾ مرڪزي حيثيت رکي ٿي.
ظاهري طور، پڙهڻ (Reading) وارو عمل لکيل يا ڇپيل مواد مان معنى حاصل ڪرڻ جو نالو آهي. هن مهارت ۾ لکيل يا ڇپيل ڪنهن لفظ يا بيان کي سڃاڻڻ ۽ سمجهڻ اهم ڄاتو ويو آهي. ڏٺو وڃي ته هيءَ مهارت ٻين مهارتن: ٻڌڻ، ڳالهائڻ ۽ لکڻ سان سلهاڙيل آهي، ان ڪري هن مهارت کي مرڪزي حيثيت حاصل آهي. 
تحقيق موجب پڙهڻ (Reading) جي مهارت کي پنجن اهم جزن ۾ رکيو ويو آهي ۽ وري انهن اهم جزن کي ٻين ننڍن جزن ۾ ورهايو ويو آهي، جنهن سان پڙهڻ (Reading) جي مهارت کي وڌائي سگهجي ٿو:
1.  صوتي سڃاڻپ (Phonemic awareness)
2.  آواز جي ڄاڻ                       (Phonic)
3.  پڙهڻ جي رواني               (Frequency)
4.  لفظن جو ذخيرو (Vocabulary)
5.  پڙهي سمجهڻ            (Comprehension)

1.  صوتي سڃاڻپ (Phonemic awareness)



اسان پنهنجي ماحول مان مختلف آواز ٻڌندا رهيا آهيون، جنهن ۾ مختلف پکين، جانورن، جيتن ۽ ڪائنات ۾ موجود مختلف جسمن جا آواز شامل آهن؛ مثلاً: ڪڪرن جا ڪڙڪاٽ، طوفاني هوائن ۽ مشينن جا آواز وغيره.
اهي مختلف قسمن جا آواز اسان ڪيئن ٻڌندا آهيون؟
اصل ۾، اهي آواز مختلف ذريعن سان سفر ڪندا آهن ۽ اسان جي ڪنن تائين اهم ذريعي (Median) يعني هوا جي ذريعي پهچندا آهن. اهو آواز اسان جي ڪنن جي دهلڙيءَ سان ٽڪرائجي لرزش پيدا ڪندا آهن جيڪي اعصابي نظام موجب دماغ ۾ پهچندا آهن ۽ اتي آواز decode ٿيندو آهي ۽ اسين ٻڌندا آهيون. 
ابتدا ۾ انسان آواز ٻڌي پوءِ پاڻ انهن آوازن کي ’ڳالهائڻ جي عضون‘ ذريعي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو. اهڙي نموني سان مختلف آوازن ذريعي هو اظهار ڪرڻ لڳو ۽ اهڙي انداز سان مختلف ٻوليون وجود ۾ آيون. هاڻي انسان جيڪي آواز ڪڍندو رهيو ، اهي ٻن طريقن جا آهن هڪڙا اهڙا آواز جيڪي گلي مان بغير رڪاوٽ جي نڪرندا آهن ۽ ٻيا اهڙا آواز جيڪي ڳالهائڻ جي عضون جي رڪاوٽ سان نڪرندا آهن. ٻوليءَ جي ماهرن اهڙن آوازن کي ٻن حصن ۾ ورهايو، هڪڙا: سُر (vowels) ۽ ٻيا وينجن (consonant).
ٻولي جيئن ته خيالن جي اظهار کي ٻين تائين پهچائڻ جو نالو آهي، ان لاءِ پنهنجي خيال کي ٻين تائين پهچائڻ لاءِ ٻوليءَ جي ضرورت محسوس ڪئي وئي ۽ آوازن کي محفوظ ڪرڻ شروع ڪيو ويو. ان بعد انسان کي پنهنجي خيالن کي ڪنڊ ڪڙڇ جي ماڻهن تائين پهچائڻ لاءِ لکت (writing) جي ضرورت پئي. پوءِ هن انهن آوازن کي مختلف علامتن ذريعي ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. اهڙي نموني سان رسم الخط (Script) ۽ الف-بي/ آئيويٽا (Alphabet) جو تصور اڀريو.
هاڻي درست ٻولي ۽ ان جي رسم الخط ۽ الف-بي سيکارڻ کان پهرين اهو تمام ضروري آهي ته اسين ٻارن کي سڀ کان پهريائين آوازن جي سڃاڻپ ڪرايون، ڇاڪاڻ ته، ٻار اسڪول اچڻ کان اڳ مختلف لفظن جي آوازن کان واقف هوندو آهي. 
ٻار پنهنجي شين جي نالن کان ڪيئن واقف ٿيو؟
ٻار پنهنجي اردگرد جي ماحول ۾ موجود شيون ڏسي ۽ پنهنجي گھر وارن جا آواز ٻڌي شين جي نالن کان واقف رهندو ۽ انهن لفظن جا آواز ڪڍندو رهيو آهي. ان لاءِ لازمي آهي ته انهن کي سڀ کان پهرين آوازن جي سڃاڻپ ڪرايون جيڪي هو پنهنجي عام زندگيءَ ۾ ڪڍندو رهيو آهي.
محترم ٽيچر، اوهان ڄاڻو ٿا ته ٻار جڏهن به ڪنهن لفظ جا آواز ڪڍندو آهي ته سڀ کان پهرين انهن کي پد آواز (syllabic sound) جي صورت ۾ اچاريندو آهي؛ جيئن: مَکِ. هن لفظ کي ٻن پدن جي صورت ۾ اچاريندو يعني [مَ] ۽ [کِ]. هاڻي اصولي طور ڏٺو وڃي ته [مَ] ۽ [کِ] ۾ ٻه- ٻه آواز آهن. هڪ وينجن (consonant)۽ ٻيو سُر (vowels).
[مَ] پد آواز (syllabic sound) کي هن طريقي سان ڇيد ڪري سگهجي ٿو: /م/ + /اَ/ = [مَ]، /ک/ + /اِ/ = [کِ]
اهڙي نموني لفظ ’پاڻي‘ ۾ به ٻه پد آهن جن جو ڇيد هيٺئين نموني ٿي سگهي ٿو: /پ/ + /آ/ = [پا] ۽ /ڻ/ + /اِي/ = [ڻِي].
جيئن ته لفظن ۾ موجود پدن (syllabic sound) جو اهڙو ڇيد (segmenting) ڪرڻ ۽ انهن پدن کي جوڙي (blending) لفظ جوڙڻ کان ٻار ته چڱيءَ طرح واقف نه هوندو آهي؛ ليڪن ٻولي پڙهائيندڙ ٽيچر کي ان جي واقفيت هجڻ لازمي آهي. ان لاءِ اها راءِ رکجي ٿي ته لفظ ’پاڻي‘ ۾ ٻن پدن جي هجڻ جو تصور ٻار تائين پهچائڻ انتهائي لازمي آهي.
آوازن جي اهڙي سڃاڻپ واري عمل کي ’صوتي سڃاڻپ‘ (Phonemic awareness) چئبو آهي. ياد رهي ته صوتي سڃاڻپ جو تعلق صرف آواز سان آهي؛ اکر يا علامت رڳو ان جي نمائندگي ڪندو آهي.
سرگرمي:
ٽيچر آوازن جي سڃاڻپ ڪرائڻ لاءِ ٻارن جي اڳين معلومات جو سهارو وٺندي کانئن چند تصويرن جا نالا معلوم ڪندو/ڪندي. ٽيچر، ٻار کي ’اَکِ‘ جي تصوير ڏيکاري پڇندو/پڇندي ته هيءَ ڇا جي تصوير آهي؟       

جيڪڏهن ٻار ٻڌائي ته ٺيڪ، نه ته استاد پاڻ ٻڌائي ته ’هيءَ اَکِ آهي‘.
استاد ٻيهر معلوم ڪندو ته هن ۾ ڪهڙا پد آوازَ (syllabic sounds) آهن؟جيڪڏهن ٻار ٻڌائي ته ٺيڪ، نه ته ٽيچر پاڻ ٻڌائي ته: هن ۾ ’اَ‘ ۽ ’کِ‘ جا پد آوازَ (syllabic sounds) آهن.
ٽيچر وري ٻار کان پد آواز (syllabic sound) ۽ لفظ معلوم ڪرڻ لاءِ پڇندو/ پڇندي ته:
هن لفظ ۾ پهريون پد آواز (syllabic sound) ڪهڙو آهي؟ (اَ)
هن لفظ ۾ ٻيو پد آواز (syllabic sound) ڪهڙو آهي؟  (کِ)
جيڪڏهن ٻنهي پد آوازن (syllabic sounds) کي ملائبو ته ڪهڙو لفظ ٺهندو؟  (اَکِ)
ان کان پوءِ ٽيچر لفظ ’اَکِ‘ ۾ معلوم ڪندو/ ڪندي ته:
هن لفظ ۾ پهريون وينجن آواز (Consonant) ڪهڙو آهي؟  /ا/
آخري وينجن آواز (Consonant) ڪهڙو آهي؟ /ک/

هن لفظ ۾ پهريون سُر آواز (Vowel) ڪهڙو آهي؟ /اَ/
آخري سُر آواز (Vowel) ڪهڙو آهي؟  /اِ/

ٽيچر چوندو ته: ”اچو ته هاڻي هڪ ٻي شيءِ ٿا ڏسون“:
ٽيچر، ٻار کي ’ڪَن‘ جي تصوير ڏيکاري پڇندو/پڇندي ته هيءَ ڇا جي تصوير آهي؟  
جيڪڏهن ٻار ٻڌائي ته ٺيڪ، نه ته استاد پاڻ ٻڌائي ته ’هي ڪَنُ آهي‘.
استاد ٻيهر معلوم ڪندو ته هن ۾ ڪهڙا پد آوازَ (syllabic sounds) آهن؟ جيڪڏهن ٻار ٻڌائي ته ٺيڪ، نه ته ٽيچر پاڻ ٻڌائي ته: هن ۾ ’ڪَ‘ ۽ ’نُ‘ جا پد آوازَ (syllabic sounds) آهن. 
پد آوازَ (syllabic sounds)
ٽيچر وري ٻار کان پد آوازَ (syllabic sounds) ۽ لفظ معلوم ڪرڻ لاءِ پڇندو/ پڇندي ته:
هن لفظ ۾ پهريون پد آواز (syllabic sound) ڪهڙو آهي؟ /ڪَ/
هن لفظ ۾ ٻيو پد آواز (syllabic sound) ڪهڙو آهي؟  /نُ/ 
جيڪڏهن ٻنهي پد آوازن (syllabic sounds) کي ملائبو ته ڪهڙو لفظ ٺهندو؟ (ڪَنُ)
ان کان پوءِ ٽيچر لفظ ’ڪَنُ‘ ۾ معلوم ڪندو/ ڪندي ته:
وينجن آوازَ (Consonant sounds)
هن لفظ ۾ پهريون وينجن آواز (Consonant) ڪهڙو آهي؟ /ڪ/
آخري وينجن آواز (Consonant) ڪهڙو آهي؟ /ن/
سُر آوازَ (Vowel sounds)
هن لفظ ۾ پهريون سُر آواز (Vowel) ڪهڙو آهي؟ /اَ/
آخري سُر آواز (Vowel) ڪهڙو آهي؟ /اُ/




ٻارؤ، اچو ته هاڻي هنن لفظن ۾ موجود (پد) آوازن جي ڇيد ۽ جوڙ جي مشق ڪريون ۽ آواز ڄاڻون:
(نوٽ: استاد ٻارن کي عام رواجي لفظ الڳ الڳ زباني ٻڌائيندو/ ٻڌائيندي ۽ هرهڪ لفظ جي الڳ الڳ مشق ڪرائيندو/ ڪرائيندي.)
(بُکَ- پاڻي- حَوض- نانْگُ- تِکو- ٻيرُ- جهَنْگُ- ساههُ- مِينْهُن- ٻارُ)
ٽيچر ڄاڻايل لفظن مان زباني ٽي لفظ پدن جي صورت ۾ ڇيد ۽ جوڙ ڪري ٻڌائيندو/ ٻڌائيندي ۽ بقايا لفظن جو ڇيد ۽ جوڙ ڪرڻ لاءِ ٻارن کي هدايت ڏيندو/ ڏيندي ۽ آواز ڄاڻندو/ ڄاڻندي.
(…پا+ڻِي… حَو+ضُ…نانْـ+گُ…)
آخر ۾ ٽيچر ٻارن کي چوندو/ چوندي ته ڪي به لفظ چونڊيو ۽ انهن کي پدن جي صورت ۾ ڇيد ۽ جوڙ (Segmenting and Blending) ڪريو ۽ آواز جي سڃاڻپ ڪرايو.

2.  آواز جو علم (Phonics)
آوازن جي ڄاڻ مان مراد، ’آوازن کي اکرن سان لاڳاپو‘ ڏيکارڻ آهي. هن ۾ ٻارن کي آوازن ذريعي اکرن جي علامتن جي ڄاڻ ڏني ويندي آهي ۽ اکرن ۽ ان جي مختلف صورتن کي ملائي سيکاريو ويندو آهي، جنهن سان هنن ۾ پڙهڻ (Reading) ۽ لکڻ جي عمل ۾ آساني ٿيندي آهي. ڪنهن لفظ جي صورتخطيءَ جي سڃاڻ اکرن سان ٿيندي آهي، ان لاءِ ’آوازن جي ڄاڻ‘ کي ٻوليءَ جي سمجهڻ جو بنيادي اصول سمجهيو ويو آهي.
هن علم وسيلي ٻارن کي اهو سيکاريو ويندو آهي ته الف-بي ۽ زيرن زبرن جي علامتن وسيلي نوان لفظ ۽ جملا ٺاهي سگھجن ٿا. اهڙي طريقي سان ٻار اهو سمجهي ويندا آهن ته [ب] جو آواز ڪيئن اچاربو آهي ۽ ان سان گڏ ٻين اعرابن جو استعمال ڪري ڪيئن لفظ جڙندو آهي. هن علم جا ٻه پهلو نهايت اهم آهن يعني پدن (Syllabic Sound) کي ٽوڙي (Segmenting) ۽ ملائي (Blending) لفظ جي صورت ڏيڻ ۽ ان کي لکت جي صورت ۾ ڄاڻڻ.
اڄڪلهه پهرين ڪلاس کان وٺي گڏيل درسي ڪتاب پڙهايا وڃن ٿا، جن ۾ دينيات، سماجي اڀياس ۽ جنرل ناليج جا مضمون اچي وڃن ٿا. ان لاءِ ضروري آهي ته ابتدائي ڪلاس کان ٻارن کي الف-بي ۽ ان جي آوازن جي ڄاڻ چڱيءَ طرح ڏني وڃي ۽ ان کان علاوه ڏهه صاف سُر (Vowels) ۽ نڪوان سُر (Nasal Vowels) سيکاريا وڃن جن جي مدد سان لفظن کي سمجهڻ ۽ پڙهڻ ۾ سولائي رهي ٿي. ابتدائي ڪلاس ۾ ٻارن کي اکرن جي چئن صورتن: سالم، شروعاتي، درمياني ۽ آخري صورتن کان به واقف ڪرائڻ انتهائي لازم آهي ته جيئن ٻار پڙهڻ ۾ ڪا ڏکيائي محسوس نه ڪري. هن طريقي سان اڻ- ڏٺل لفظ به آسانيءَ سان پڙهي سگھن ٿا.

3.  پڙهڻ ۾ روانيءَ جي اهميت (Fluency)
جيئن ته اسين ڄاڻون ٿا ته پڙهڻ ۾ رواني جو لاڳاپو لفظن کي سڃاڻڻ واري مهارت سان آهي. هن مهارت موجب شاگرد لفظن کي سمجهڻ کان علاوه اهي لفظ به پڙهي ٿو وڃي جن جي معنى يا مراد کان واقف ناهي. ان جو مطلب اهو آهي ته لفظ جي معنى ۽ هِجي تي گھٽ ڌيان ڏئي ان جي سمجهڻ تي وڌيڪ زور ڏنو وڃي ته شاگرد ڇا پڙهيو آهي؟ جيڪڏهن شاگرد لفظن جي معنى ڳولهڻ ۾ منجهي پوندو ته هو پڙهڻ جي ٻين طريقن تي ڌيان نه ڏيندو جيڪي هن کي پڙهي سمجهڻ ۾ مدد ڪن. 
تحقيق ۾ اها ڳالهه آئي آهي ته جيڪي ٻار روانيءَ سان پڙهي ٿا وڃن ته اهي ٻار پڙهڻ کي سمجهي ٿا به وڃن. مڻ مڻ ڪري پڙهڻ واري ٻار ۾ پڙهي- سمجهڻ واري سگهه پيدا نه ٿي ٿئي.
مشق ڪرڻ، زباني پڙهڻ ۽ دهرائڻ شاگردن کي پڙهڻ ۾ رواني پيدا ڪرڻ جو بهترين ذريعو آهي. ان لاءِ ڪتاب شاگردن جي سطح کان مٿي نه هجڻ گھرجي.

4.  لفظن جو ذخيرو (Vocabulary)
لفظن جي معنى هجڻ جو ذخيرو، شاگردن ۾ رواني سان پڙهڻ جي مهارت پيدا ڪندو آهي ان کي لفظن جو ذخيرو چئبو آهي. لفظن جو ذخيرو پڙهڻ واري عمل کي سکڻ ۾ ڪهڙو ڪردار ادا ڪندو آهي؟ 
جڏهن ٻار پڙهڻ سکندا آهن ته اهي اهو سمجھڻ شروع ڪندا آهن ته ڇا ڪتاب جي صفحي تي اهي لفظ ڄاڻايل آهن جيڪي هو پنهنجي عام زندگيءَ ۾ ڳالهائيندا ۽ ٻڌندا رهيا آهن؟ ان لاءِ اهو آسان ٿي ويندو آهي ته هو لکيل مواد مان ڪجهه مطلب حاصل ڪري سگهن، جيڪو ان جي ٻوليءَ جو اهم حصو آهي. جڏهن ٻار صفحي تي لکيل هڪ به لفظ نه ٿو پڙهي سگهي ته سمجھڻ جو عمل ممڪن ئي ڪونهي.
جيڪڏهن ٻار خود ۽ واسطي سان نوان لفظ سکندو آهي ته اهي هن کي پڙهڻ ۾ ڪافي مددگار ثابت ٿيندا آهن ان لاءِ عام زندگيءَ جي سٺي ماحول ۾ اٿڻ ويهڻ کي اهميت حاصل آهي.
شاگردن کي نوان لفظ وضاحت سان ٻڌائڻ گھرجن خاص طور تي ان وقت جڏهن هو ڪهاڻي يا ڪنهن تصور ۾ دقت محسوس ڪندو هجي.
اصل ۾ ٻار پنهنجي ماحول مان ڪافي لفظ کڻي ايندو آهي جن بابت هو ڪنهن حد تي واقف به آهي ليڪن پوءِ به انهن بابت نئين سري سان واضح ڪرڻ انتهائي ضروري آهي. 
هن يونٽ مان مراد اها به آهي ته ٻارن ۾ لفظن جي معنى حاصل ڪرڻ جي اهڙي عادت پيدا ڪئي وڃي جو هنن ۾ پنهنجي عام زندگيءَ مان به حاصل ٿيندڙ لفظن تي به غور ڪرڻ جي صلاحيت پيدا ٿي سگهي.

4.  پڙهي سمجھڻ (Comprehension)
ريڊنگ جو اهم مقصد ’سمجهه‘ سان سلهاڙيل آهي، بغير سمجهڻ، واري پڙهڻ کي ريڊنگ نه چئبو. عام طور تي اسان قرآن پاڪ پڙهندا/ دور ڪندا آهيون، دراصل ان کي پڙهڻ نه چئبو آهي. قرآن پاڪ جي لفظن کي ڏسي اکر جي آوازن کي ملائي لفظ ڊيڪوڊ ته ڪري ويندا آهن پر سمجهي نه سگهندا آهيون، اهڙي عمل کي ڊيڪوڊنگ چئبو آهي، پڙهڻ نه!
پڙهي سمجهڻ اهو گڏيل عمل آهي جيڪو پڙهندڙ ۽ مواد جي وچ ۾ ٿيندو آهي. صفحي تي لفظن کي ڄاڻڻ کان وڌيڪ پڙهي سمجهڻ واري عمل ۾ سوچڻ جو عمل دخل آهي. هڪ سٺي پڙهندڙ جو هڪ مقصد هوندو آهي. ان لاءِ هو ان کي سمجھڻ لاءِ مختلف طريقا ڪم آڻيندو آهي، جيڪي هڪ ئي وقت مواد مان معنى يا مراد وٺي سگھندو هجي. ان لاءِ اهو خيال اڀري ٿو ته ڪهڙا جزا پڙهي سمجھڻ ۾ مدد ڪن ٿا، مثلاً:
پڙهي سمجهڻ جي نگراني
هڪ ڪامياب پڙهندڙ اهو ڄاڻندو آهي ته هو پيراگراف کي سمجهندو ويندو آهي ۽ جڏهن هو رڪجي ويندو آهي ته سمجهڻ کي بهتر بڻائڻ لاءِ طريقا سوچيندو آهي.
اڳين معلومات ڪم آڻڻ
پڙهندڙ ڪهاڻي يا مواد کي پنهنجي اڳين معلومات سان لاڳاپو جوڙي وٺندو آهي، جنهن سان هن ۾ سمجهڻ جي قوت سگھاري ٿيندي آهي.
اڳڪٿي ڪرڻ
هڪ سٺو پڙهندڙ اڳواٽ ئي هڪڙو خيال جوڙي وٺندو آهي ته هن ڪهاڻيءَ ۾ ڪهڙا واقعا پيش اچي سگهن ٿا ۽ ان جا ڪهڙا امڪاني نتيجا نڪري سگهن ٿا.
سوال ڪرڻ
ٻار پڙهڻ وقت ڪي سوال ڪندو آهي ۽ ان جي جوابن کي ڳولهڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ته جيئن ان جي معنى سمجهي سگھن. سٺا سوال ٻارن جي ذهانت تي مبني هوندا آهن جيڪي هن جي تجسّس ۽ معلومات کي وڌائيندا آهن.
ڪهاڻيِءَ کي ٻيهر ترتيب ڏيڻ:
ٻار مواد کي ان وقت وڌيڪ سمجهندو آهي جڏهن هو ڪن به بي ترتيب جملن کي ترتيب ڏئي ڪو مواد بيهاري سگھندا آهن.
خلاصو بيان ڪرڻ:
جڏهن ٻار ڪنهن ڪهاڻيءَ جو تت/ خلاصو بيان ڪندو آهي ته سمجهو ته هو خاص مقصد حاصل ڪرڻ جي تمام ويجهو آهي. هو ڪهاڻي/ مواد جي معلومات کي چڱيءَ ريت سمجهندو آهي ۽ پنهنجي لفظن ۾ ان جو خلاصو بيان ڪندي اهو ثابت ڪندو آهي ته هنن مواد کي ڪافي سمجهيو آهي.

انتهائي مختصر ڪوشش وٺي دوستن اڳيان پنهنجو حال پيش ڪيو آهي. ظاهر آهي ان جي هرهڪ جزي ته ڇا، پر هر هڪ سوال تي ريسرچ ورڪ ٿين ٿا. بس هي هڪ بنيادي ڄاڻ خاطر هي مضمون شيئر ڪجي ٿو.

پڙهڻ ڇا آهي؟ پڙهڻ ٻولي سکڻ جو اهم پهلو ۽ مهارت آهي. اظهار خيال جي لکت واري شڪل کي سڃاڻي پڙھيو ويندو آهي. ان عمل ۾ آوازن ۽ انهن جي عالمتن ۽ صحيح اعرابن کي سڃاڻي وڏي آواز يا خاموشيَء سان پڙهي ان جو مفهوم سمجهڻ کي پڙهڻ چيو ويندو آهي. پڙهڻ واري مهارت جي ڪري انسان پڙهيل لکيل سڏيو ويندو آهي ۽ معاشري ۾ عزت ۽ وقار قائم ڪندو آهي. پڙهڻ تعليم ۽ تربيت جو پهريون قدم آهي. جنهن جي ذريعي انسان علم ۽ هنر جي خزانن تائين رسندو آهي. دنيا داري جو ڪاروبار هالئڻ ان الِء آسان ٿي ويندو آهي. ذهن ۽ عقل ۾ پختگي ايندي آهي ۽ روزمره جي معاملن کان باخبر رهندو آهي. پڙهڻ ذهني تفريح جو ذريعو پڻ آهي. تهذيب ۽ تمدن جون رونقون پڙھڻ جي ڪري آهن ڇو ته پڙهڻ سان ئي انسان سکندو آهي. انسان جيترو پڙهندو اوترو ان جي معلومات ۾ واڌارو ايندو. پڙهڻ ئي روزگار جا موقعا فراهم ڪندو آهي ۽ دفتري ۽ ڪاروباري معاملن ۾ مدد ڏيندو آهي. پڙهڻ جي عمل ۾ ذهن، ڏسڻ ، ٻڌڻ ۽ ڳالهائڻ جا حواس نهايت اهم ڪردار ادا ڪندا آهن ان سان گڏ و گڏ ُ جسماني حرڪتون به پڙهڻ جي عمل کي نکارينديون آهن تحقيق مطابق پڙهڻ جي مهارت کي پنجن جزن ۾ ورهايو ويو آهي .
1 )صوتي ڄاڻ  Phonemic awareness  
 2 )آواز جو علم  Phonics
 3 )رواني Fluency
 4 )لفظن جو ذخيروvocabulary
 5 )سمجهي پڙهڻComprehension
 پڙھڻ  جو پهريون مرحلو:

 پڙهڻ کان پهريون پڙهندڙ ڪتاب پڪڙيندو آهي ۽ صفحا صحيح طرح اٿالئيندو آهي ڪتاب جي شروع ۽ آخر کي سڃاڻيندو آهي آکاڻي ٻڌندو ۽ جواب ڏيندو آهي تصويرن جي معنى ڪڍندو ۽ انهن تي توجھ ڏيندو آهي ڪجھ اکرن کي سڃاڻيندو آهي. پڙهڻ جي آرزو ڪندو ۽ ان ۾ دلچسپيَء جو اظهار ڪندو آهي


Wednesday, September 14, 2016

”پير پير جو پنهنجو پنڌ“ شاعريءَ جي سڳنڌ ڀريو گلدستو محمد سليمان وساڻ Rakhial Morai

پير پير جو پنهنجو پنڌ“ شاعريءَ جي سڳنڌ ڀريو گلدستو

محمد سليمان وساڻ

سنڌ ي ٻوليءَ جي 12 شاعرن ۽ شاعرائن جي شاعريءَ جو گڏيل مجموعو ”پير پير جو پنهنجو پنڌ“ منهنجي هٿن ۾ آهي. هن 12 تخليقڪارن مان ڪجهه سينئر آهن ته ڪجهه کي شاعريءَ جي ميدان ۾ ايندي ٿورو عرصو ٿيو آ. وفا گل محمد جمالي اڄڪلهه شاعري ڪرڻ سان گڏ شاعريءَ کي ڇپائڻ لاءِ چڱيون ڪوششون پيو ڪري.
شاعري پنهنجي اندر جي آواز ۽ احساس کي ٻين تائين پهچائڻ جو سگهارو ذريعو آهي. شاعري ذريعي ٿورين سٽن ۾ وڏا پيغام پر سگهاري انداز ۾ منتقل ڪيا وڃن ٿا. ڪتاب ۾ موجود ڪجهه شاعر دوستن سان تمام گهڻي ويجهڙائي رهي آهي. جيئن ذوالفقار بهڻ منهنجي انهن دوستن مان آهي جن مونکي ادبي دنيا ۾ آڻي رهنمائي ڪئي. ذوالفقار سان ڪراچيءَ ۾ رهندي سنڌي ادبي ايسوسيئيشن فيسبوڪ جي پليٽفارم تان ڪم شروع ڪيوسين. اڄڪلهه ذوالفقار سوشل ميڊيا کان پاسيرو آهي پر ساڻس دوستي پڪي ۽ پختي آهي. سندس شاعريءَ ۾ اميد جو پيغام سمايل هوندو آهي، سندس شاعري ۾ حالتن ۽ مشڪلاتن جو ذڪر هوندو آهي.
سائنڻ اندرا پوناوالا هند ۽ سنڌ جي مشهور شاعره آهي. سندس کوڙ ڪتاب ڇپيا آهن. هو شاعره هجڻ سان گڏ بهترين ڪهاڻيڪاره به آهي. 2013ع ۾ اندرا صاحبه جڏهن سنڌ آئي هئي ته ساڻس مختلف پروگرامن، سمنڊ ڪناري، ڪراچي جي مندرن يا اخباري آفيسن ۾ ساڻس گڏ هيس. هو ڏاڍي حساس شخصيت جي مالڪه آهي. ظلم ۽ اڻ برابري واري حالتن کي ڏسندي روئي پوندي آهي ۽ درد سندس لفظ بڻجي ويندا آهن. هوءَ سنڌ ڌرتي ۽ ڪائنات جي فطرتي حسناڪين سان اڻ ميو پيار ڪندي آهي. سندس غزل جون هي سٽون ته پڙهو:
دنيا سان پيار منهنجو، اکرين بيان ڪونهي
ڌرتيءَ مثال سندر، ٻيو ڪو جهان ڪونهي.
عبد الواحد سومرو عرف مجروح ڀٽشاهي منهنجي ويجهن دوستن مان هڪ آهي. هن سان هجتون به هلنديون آهن ته مذاق ۽ مستي به هلندي آهي. هو سنڌ سلامت سٿ جو سرگرم رڪن آهي. سندس شاعري روح جي پاتال ۾ ديرو ٺاهي ٿي وٺي.
عشق جي هن کيل کان هئي مونکي هر ڪنهن ڪئي منع،
پوءِ به اي مجروح، آخرڪار مون هي ڇا ڪيو.

امداد سهتي جي شاعري سدائين سوشل ميڊيا تي پڙهندو رهندو آهيان. امداد اسان جو رهنما آهي. هو سدائين حوصلو بڻجي اسان جي سگهه وڌائيندو رهيو آهي. سندس شاعري ڊزائن جي انداز ۾ ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن جي صورت ۾ به سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ٿيندي رهي آهي. هو بهترين شاعر آهي جيڪو زماني جي ڏکن سورن کي لفظن جا ويس پارائي شاعري بڻائي ٿو ڇڏي.
ماهين هيسباڻي جي شاعري ٿوري ئي سهي پر پاڻ ڏانهن توجهه ڪرائي وجهي ٿي. هوءَ حساس شاعره آهي جنهن جي لفظن ۾ اثر آهي. هوءَ شاعري کي سهڻي انداز ۾ ادا ڪرڻ به ڄاڻي، ڇو ته پاڻ بهترين ڪمپيئر آهي. سندس شاعري ۾ مجاز جا رنگ موجود آهن.
مان ته ڏسنديس پئي تون ڏس نه ڀلي،
منهنجي اکڙين کي تون نه روڪ سڄڻ.

فرزانه شاهين سينيئر شاعره ۽ ڪهاڻيڪاره آهي. هو بهادر ليکڪه آهي جيڪا زماني جي حالتن ۽ عورتن سان ٿيندڙ منفي رويي کي بنا ججهڪ پنهنجي قلم ذريعي لکي ٿي.
صنم نجيب سٺي شاعره آهي جنهن اردو ۽ سنڌي ۾ شاعري ڪئي آهي. شبانه عالماڻي شاعري جي دنيا ۾ جلد پنهنجو نالو روشن ڪيو آهي. 
ارشاد سومرو، وفا گل محمد جمالي، فرهاد جروار سميت هن ڪتاب ۾ موجود سڀني شاعرن جي شاعريءَ خوبصورت رنگن ذريعي شاعريءَ جو گلدستو ٺاهي ورتو آهي.
جي ايم لاڙڪ مونتي مهربان رهندو آهي. سندس ڪتابن جا تحفا سندس ياد ڏياريندا رهن ٿا. هو حساس شاعر آهي. هر ڪيفيت ۽ هر ڏکاري احساس کي شاعري جا رنگ ڏئي اسان سان شيئر ڪندو آهي.
مجموعي طور ايئن چئجي ته هي ڪتاب ”پير پير جو پنهنجو پنڌ“ شاعريء جو گلدستو آهي ته ان ۾ ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو.

___



'پير پير جو پنھنجو پنڌ' ............ مٺل جسڪاڻي نوجوان شاعر جي ايم لاڙڪ (GM Larik) جي مھرباني، جنھن "وفا" پبليڪيشن شھداد ڪوٽ جو ڇپرايل پھريون ڪتاب "پير پير جو پنھنجو پنڌ" ڏياري موڪليو. ھي ڪتاب گڏيل شاعري جو مجموعو، وفا گل محمد جمالي مرتب ڪيو آھي. ھن ڪتاب ۾ ڇھہ شاعر ۽ ڇھہ شاعرائون شامل آھن. ڪتاب جا صفحا اٿلائيندي مرتب طرفان "ڪوشش" عنوان سان "پنھنجي پاران" واريون سٽون پڙھي، سٽاءُ ۾ سندس نالو ڳولي، صفحي 99 جي نشاندھي نوٽ ڪري، ڄاڻايل صفحي تي پھتس، تہ ان صفحي تي ڇپيل غزل تي نظر پئي! آئون اھو غزل پڙھڻ لاءِ ان صفحي تي نہ پھتو ھئس، پر بي خيالي ۾ غزل جي پھرين سٽ پڙھجي وئي! اوھان بہ پڙھو: ھو سبب جيڪو مون لاءِ اتساھہ جو اھو غزل ٽنڊو الھہ يار جي نوجوان، سھڻي، سريلي شاعر فرھاد جروار (Farhad Jarwar) جو آھي. جڏھن تہ آئون مرتب بابت ڄاڻڻ لاء ان صفحي تي پھتو ھئس! بھرحال، پنو اٿلايم تہ صفحي 101 تي "خوبصورت خيالن جو سھڻو شاعر: وفا گل محمد جمالي" جي عنوان سان "ثمينہ بلوچ، حيدراباد" جي تحرير پڙھڻ لاءِ ملي. 160 صفحن تي مشتمل ھن ڪتاب جي قيمت 300 روپيا آھي، جنھن جي عيوض ترتيبوار اندرا شبنم پونا والا (Indira Poonawala)، ماھين ھيسباڻي، امداد سھتو (Imdad Sahito)، عبدالواحد سومرو مجروح ڀٽشاھي (Abdul Wahid Soomro)، فرزانہ شاھين، شبانہ عالماڻي، فرھاد جروار، ھي ڪتاب آڻيندڙ نوجوان وفا گل محمد جمالي، صنم نجيب، ارشاد سومرو، ذوالفقار بھڻ (Zulfiqar Behan) ۽ جي ايم لاڙڪ جو تعارف ۽ سندن شاعري تي راءِ کان پوءِ انھن جي چونڊ شاعري شامل آھي. گڏيل شاعري جي ھن مجموعي تي بشير منگي، درد ھوش محمد ابڙو، وسيم آڪاش سيتائي (Wasim Aakash Sitai) ۽ نسرين الطاف جا ويچار بہ آھن. گڏيل شاعري جي ڪنھن بہ مجموعي تي آئون راءِ ڏيڻ چاھيندي بہ، ھنن سٽن کان اڳ ۾ نہ لکي سگھيو آھيان! اڄ بہ، آئون پنھنجي راءِ پاڻ تائين محدود رکڻ بھتر ٿو سمجھان. مون کي اميد آھي تہ جي ايم لاڙڪ سميت آپا اندرا، امداد سھتو، واحد سومرو، فرھاد جروار، ذوالفقار بھڻ سميت شامل ڪو بہ شاعر، ڪا بہ شاعرہ ناراض نہ ٿيندو / ٿيندي.

'پير پير جو پنھنجو پنڌ'
............ مٺل جسڪاڻي
نوجوان شاعر جي ايم لاڙڪ (GM Larik) جي مھرباني، جنھن "وفا" پبليڪيشن شھداد ڪوٽ جو ڇپرايل پھريون ڪتاب "پير پير جو پنھنجو پنڌ" ڏياري موڪليو. ھي ڪتاب گڏيل شاعري جو مجموعو، وفا گل محمد جمالي مرتب ڪيو آھي. ھن ڪتاب ۾ ڇھہ شاعر ۽ ڇھہ شاعرائون شامل آھن.
ڪتاب جا صفحا اٿلائيندي مرتب طرفان "ڪوشش" عنوان سان "پنھنجي پاران" واريون سٽون پڙھي، سٽاءُ ۾ سندس نالو ڳولي، صفحي 99 جي نشاندھي نوٽ ڪري، ڄاڻايل صفحي تي پھتس، تہ ان صفحي تي ڇپيل غزل تي نظر پئي!
آئون اھو غزل پڙھڻ لاءِ ان صفحي تي نہ پھتو ھئس، پر بي خيالي ۾ غزل جي پھرين سٽ پڙھجي وئي! اوھان بہ پڙھو:
ھو سبب جيڪو مون لاءِ اتساھہ جو
اھو غزل ٽنڊو الھہ يار جي نوجوان، سھڻي، سريلي شاعر فرھاد جروار (Farhad Jarwar) جو آھي. جڏھن تہ آئون مرتب بابت ڄاڻڻ لاء ان صفحي تي پھتو ھئس!
بھرحال، پنو اٿلايم تہ صفحي 101 تي "خوبصورت خيالن جو سھڻو شاعر: وفا گل محمد جمالي" جي عنوان سان "ثمينہ بلوچ، حيدراباد" جي تحرير پڙھڻ لاءِ ملي.
160 صفحن تي مشتمل ھن ڪتاب جي قيمت 300 روپيا آھي، جنھن جي عيوض ترتيبوار اندرا شبنم پونا والا (Indira Poonawala)، ماھين ھيسباڻي، امداد سھتو (Imdad Sahito)، عبدالواحد سومرو مجروح ڀٽشاھي (Abdul Wahid Soomro)، فرزانہ شاھين، شبانہ عالماڻي، فرھاد جروار، ھي ڪتاب آڻيندڙ نوجوان وفا گل محمد جمالي، صنم نجيب، ارشاد سومرو، ذوالفقار بھڻ (Zulfiqar Behan) ۽ جي ايم لاڙڪ جو تعارف ۽ سندن شاعري تي راءِ کان پوءِ انھن جي چونڊ شاعري شامل آھي.
گڏيل شاعري جي ھن مجموعي تي بشير منگي، درد ھوش محمد ابڙو، وسيم آڪاش سيتائي (Wasim Aakash Sitai) ۽ نسرين الطاف جا ويچار بہ آھن.

گڏيل شاعري جي ڪنھن بہ مجموعي تي آئون راءِ ڏيڻ چاھيندي بہ، ھنن سٽن کان اڳ ۾ نہ لکي سگھيو آھيان! اڄ بہ، آئون پنھنجي راءِ پاڻ تائين محدود رکڻ بھتر ٿو سمجھان. مون کي اميد آھي تہ جي ايم لاڙڪ سميت آپا اندرا، امداد سھتو، واحد سومرو، فرھاد جروار، ذوالفقار بھڻ سميت شامل ڪو بہ شاعر، ڪا بہ شاعرہ ناراض نہ ٿيندو / ٿيندي.

Gm Jamali with Indira Poonawala and 36 others. July 18 • وفا پبليڪيشن، شهدادڪوٽ پاران گڏيل شاعريءَ جو مجموعو ’’پير پير جو پنهنجو پنڌ‘‘ اشاعتي مرحلي ۾ آهي. هن گڏيل ڪتاب ۾ ناميارا شاعر ۽ شاعرائون موجود آهن. جن ۾ اندرا شبنم پوناوالا ، ماهين هيسباڻي، امداد سهتو، عبدالواحد سومرو ''مجروح ڀٽ شاهي'' ، فرزانه شاهين ، شبانه عالماڻي، فرهاد جروار ، وفا گل محمد جمالي، صنم نجيب، ارشاد سومرو، ذوالفقار بهڻ ۽ جي ايم لاڙڪ شامل آهن. وفا گل محمد جمالي پاران مرتب ڪيل هي مجموعو انڊونيشين پيپر تي، پڪي جلد ۾ 160 پيجز تي مشتمل آهي. جنهن جو ملهه: -/300 روپيه آهي. گهرائڻ لاءِ لکو: 03337504137

July 18 · 
https://static.xx.fbcdn.net/rsrc.php/v3/yB/r/-pz5JhcNQ9P.png

وفا پبليڪيشن، شهدادڪوٽ پاران گڏيل شاعريءَ جو مجموعو ’’پير پير جو پنهنجو پنڌ‘‘ اشاعتي مرحلي ۾ آهي. هن گڏيل ڪتاب ۾ ناميارا شاعر ۽ شاعرائون موجود آهن. جن ۾ اندرا شبنم پوناوالا ، ماهين هيسباڻي، امداد سهتو، عبدالواحد سومرو ''مجروح ڀٽ شاهي'' ، فرزانه شاهين ، شبانه عالماڻي، فرهاد جروار ، وفا گل محمد جمالي، صنم نجيب، ارشاد سومرو، ذوالفقار بهڻ ۽ جي ايم لاڙڪ شامل آهن. وفا گل محمد جمالي پاران مرتب ڪيل هي مجموعو انڊونيشين پيپر تي، پڪي جلد ۾ 160 پيجز تي مشتمل آهي. جنهن جو ملهه: -/300 روپيه آهي. گهرائڻ لاءِ لکو: 03337504137

selection of content and organization of learning experiences Date:06-09-2016 5:30 to 6:30 Facilitator: Zulfiqar Behan @AIOU Karachi.

it was nice experience i conducted a seminar title as  selection of content and organization of learning experiences
Date:06-09-2016
5:30 to 6:30
Facilitator: Zulfiqar Behan
@AIOU Karachi.

Principles and significance (need) of curriculum design Course: Curriculum development C.C.838 Date :06-09-2016 4:30 to 5:30 Course facilitator : Zulfiqar Behan @AIOU Karachi.


conducted seminor on Principles and significance (need) of curriculum design
Course: Curriculum development
C.C.838
Date :06-09-2016
4:30 to 5:30
Course facilitator : Zulfiqar Behan
@AIOU Karachi.

Topic: Modes of education Course Name: Foundation of Education Course Code:831 dated:5th Sept 2016 @AIOU Karachi.

Topic: Modes of education
Course Name: Foundation of Education
Course Code:831
dated:5th Sept 2016
@AIOU Karachi.

آؤ سندھی زبان بولیں! #30daysSindhiSpeakingCourse Let's Speak Sindhi language A Worldwide Sindhi Speaking course Book

  Let's Speak Sindhi language A Worldwide Sindhi Speaking course Book *************************************** This 30-day easy course #B...