2 آڪٽوبر 2025ع
پريس ريليز
سنڌي ادبي سنگت، شاخ گلشن اقبال، ڪراچي پاران عظيم سنڌي جي وڇوڙي تي تعزيتي گڏجاڻي ڏات ڌڻين پاران عظيم سنڌيءَ جو وڇوڙو ادب، سماج ۽ ثقافتي روايتن جو نقصان قرار،
عظيم سنڌي سياسي، سماجي، ادبي ۽ ثقافتي کيتر ۾تعميري ڪردارادا ڪيو، سندس خال هڪ وڏي عرصي تائين ڀرجڻ ممڪن ڪونهي.
عظيم سنڌي ادب سان گڏ سنڌ جي قديم روايتن ۽ تمندن کي پڻ جياريو، هو نوجوانن لاءِ اتساهه هو. ۽ ٻين پاران ڀيٽا. ذوالفقار بيهڻ
سنڌ جي ڏات ڌڻين اديب ۽ دانشورعظيم سنڌيءَ جي وڇوڙي کي ادب، سماج ۽ ثقافتي روايتن جونقصان قرارڏنوآهي. عظيم سنڌي جهڙا جينئن اديب ورثي ۾ پيدا ٿيندا آهن. اهڙن خيالن جواظهارسنڌي ادبي سنگت، شاخ گلشن اقبال، ڪراچي پاران سنڌي ٻولي جي نامياري شاعر، اديب، دانشور، سماج سڌارڪ ۽ پبلشرعظيم سنڌي جي وڇوڙي تي شهيد بينظير ڀٽو لائبريري، سچل ڳوٺ،ڪراچيءَ ۾ منعقد ڪيل تعزيتي گڏجاڻي ۾اديبن، شاعرن، محققن ۽ سياسي ڪارڪنن خراج تحسين ۾ڪيو. ان موقعي تي گڏجاڻي جي صدارت ڪندي نالي واري اديب ۽ محقق ڊاڪٽرذوالفقار بهڻ چيوته عظيم سنڌي سنڌ جي ادب ۽ مزاحمتي تحريڪ ۾جاکوڙي ڪردارادا ڪيو. سندس علمي خدمتون ياد رکڻ جهڙيون آهن. ساهتي پرڳڻي سنڌي ٻولي ۽ ادب ۾لازوال ڪردارادا ڪيوآهي، عظيم سنڌي ساهتي پرڳڻي جواملهه ڪردارهو.
ان موقعي تي خطاب ڪندي نالي واري ڪالم نگار ۽ اديب سجاد ظهيرچيوته عظيم سنڌيءَ ادب، ثقافت، سماج ۽ تاريخ جي حوالي سان تعميري ڪردار ادا ڪيو. سندس اهم ڪرداراهو ته هن هن نالي واري قومپرست دانشور خاڪي جوئي سان گڏجي سنڌ جي سياست کي فڪري رُخ ڏيندڙ رسالي ”ساڃاهه“ جي شروعات ڪئي. ساڃاهه جو پبلشر پڻ عظيم سنڌي هو. هن موري شهر۾مختلف علمي ادارا قائم ڪيا. سنڌ هسٽاريڪل اينڊ ڪلچرل سوسائيٽي کان وٺي روشن تارا اسڪول تائين سندس خدمتون تعريف لائق آهن. هوهميشه جابلو سلسلن جيان ثابت قدم رهيو.
ان موقعي تي نالي واري اديب ڊاڪٽر شيرمهراڻي چيوته عظيم سنڌي جتي ادب جي مختلف پهلوئن تي ڪم ڪيو، اتي هن سنڌ ۾ قديم راند ”ملهه“ کي روايتي انداز مان ڪڍي ان جون ڪُنڊ ڪُڙڇ ۾تقريبون منعقد ڪرايون. هو هرماڻهو جو دوست هو، هميشه سندس اوطاق جا دروازا سنڌ جي اديبن، شاعرن ۽ سياسي ڪارڪنن لاءِ کليل رهيا. عظيم سنڌي جي خدمتن ۽ خاص ڪري موري شهر جو جيڪو علم ۽ ادب ۾ حصو آهي اهو عظيم سنڌي جي ذڪر کانسواءِ اڌورو سمجهڻ گهرجي، هو ساهتي پرڳڻي خاص ڪري موري شهر جي انسائيڪلوپيڊيا هو. عظيم سنڌي ڊگهي وقت کان وٺي ادب لاءِ پاڻ پتوڙيو. هُو نه رڳو هڪ شاعر هو، پر هڪ بهترين ڪالمنگارپڻ هو.
ان موقعي تي نالي واري اديب ضيا ابڙي چيو ته اديب حساس هوندو آهي، عظيم سنڌي به هڪ معصوم ۽ حساس اديب هو، سنڌ جي ثقافتي راند ملهه جي سرواڻي ڪرڻ هڪ شاعر لاءِ ڪيڏو وڏو امتحان هوندو، جڏهن جتي هار ۽ جيت جو منظر هجي، ان جو اندازو عظيم سنڌي جهڙي حساس شاعر کي هوندو. ان موقعي نالي واري محقق ڊاڪٽر احمد سومري چيو ته هن هميشه ادب لاءِ پتوڙيو. موري جي شهر۾سندس سماجي خدمتون واکاڻ جهڙيون آهن. اڄ جديد دور ۾ اوترو ڪم ڪونه پيو ٿئي، جيترو 70 واري ڏهاڪي ۾ عظيم سنڌي جهڙن اديبن ڪيو. ان موقعي تي عوامي ورڪرز پارٽي جي اڳواڻ يونس راهو چيو ته عظيم سنڌي سائين جي سيد جي اسڪول آف ٿاٽ جي انهن شروعاتي ماڻهن منجهان هو، جن سائين کي ويجهي کان ڏٺو. عظيم سنڌي اهڙو ڪردار هو، جنهن جي جدوجهد هميشه نئين سماج لاءِ همٿايو، هوموري شهرسان گڏ سنڌ جي ڪيترن ئي سياسي ۽ سماجي ڪارڪنن جو اتساهه هو.
ان موقعي تي نالي واري شاعر وحيد محسن چيو ته عظيم سنڌي وٽان هميشه سموري سنڌ جي اديبن ۽ شاعرن کي محبتون مليون ، موري شهر سان گڏ هن سنڌ جي علمي، ادبي ۽ قومي کيتر ۾ به تعميري ڪردار ادا ڪيو آهي. ان موقعي تي ڊاڪٽر قدير ڪانڌڙي چيو ته عظيم سنڌي جو ساڃاهه رسالي جي حوالي سان ادا ڪيل ڪردار متاثر ڪندڙ هو. ان موقعي تي نوجوان ليکڪ سعيد راشد مورائي چيو ته عظيم سنڌي منهنجي بابا راشد مورائي جو دوست هو، هو مون لاءِ چاچو عظيم سنڌي هو، اسان سندس وٽان علم ۽ ادب جا سبق پرايا. کيس پنهنجن محسنن ۾ شمار ڪيون ٿا.
ان موقعي تي خطاب ڪندي سنڌي ادبي سنگت گلشن اقبال، ڪراچي شاخ جي سيڪريٽري ڏاتر شر چيو ته عظيم سنڌي جي شاعري عام ماڻهن جي نمائندگي ڪندڙشاعري آهي. هُو هڪڙي ئي وقت مختلف خوبين جو مالڪ سمجهو ويندڙ اديب هو.
ان موقعي تي خطاب ڪندي نوجوان سماج سڌارڪ عبدالرحمان ڪهيري چيو ته جيستائين تحريڪون موجود هيون ته تخليقي ادب پيدا ٿيو، چاچي چاچي عظيم سنڌي ان سان پاڻ ملهايو، اسان چاچي عظيم سنڌي سان سچل ڳوٺ ۾ شام ملهائي هئي، سندس تقرير ٻڌي تمام گهڻو اتساهه مليو هو. هو واقعي ئي نوجوانن کي پاڻ سان جوڙي هلڻ وارو اديب هو. نوجوان اديب محمد بخش جمالي چيو ته عظيم سنڌي جهڙا اديب ورلي پيدا ٿيندا آهن، هو دادو ۽ موري جي محفلن جو مرڪز رهيو۽ پنهنجي آدرشن ۽ اصولن تي قائم رهيو.
جاري ڪندڙ
ڏاتر شر
سيڪريٽري
سنڌي ادبي سنگت
شاخ گلشن اقبال،ڪراچي

No comments:
Post a Comment