Friday, January 30, 2026

استعارو. Metaphor

 استعارو(انگريزي: Metaphor ) ھڪ ادبي اصطلاح آهي.مختيار احمد ملاح لکي ٿو تہ”استعاري“ جي لفظي معنيٰ آھي اڌارو وٺڻ، اصطلاحي معنيٰ اھي. ”ڪنھن لفظ جي حقيقي معنيٰ بدران اڌاري معنيٰ آڻڻ“. تشبيه ۽ استعاري ۾ ھي فرق آھي ته تشبيھه ۾ ھڪڙي شيءِجي ٻيءَ شيءِ سان ڀيٽ ڪبي آهي. جيئن ’احمد شينھن جھڙو مڙس اھي‘، پر استعاري ۾ ’احمد شينھن اھي‘ جو فقرو ڪم ايندو آهي. هن ۾ احمد لاءِ شينهن واريون خوبيون اڌاريون ورتيون ويون آهن. استعاري ۾ حرف تشبيهه جهڙو، وانگر، جيان وغيره ڪم نه آڻبو آهي[1] انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا مطابق جي لغوي معنيٰ ’اشارو‘. حسن بيانيءَ جي هڪ شاعراڻي صنف، جنهن ۾ حقيقي ۽ مجازي معنيٰ جي وچ ۾ -تشبيهه- جو تعلق قائم ڪيو وڃي. مثال طور ”گُل“ چئي، ”سُهڻي شڪل“ جو مفهوم ادا ڪرڻ.[2]





No comments:

Post a Comment

سنڌي ادبي سنگت، شاخ گلشن اقبال، ڪراچي پاران عظيم سنڌي جي وڇوڙي تي تعزيتي گڏجاڻي ڏات ڌڻين

  2 آڪٽوبر 2025ع  پريس ريليز  سنڌي ادبي سنگت، شاخ گلشن اقبال، ڪراچي پاران عظيم سنڌي جي وڇوڙي تي تعزيتي گڏجاڻي ڏات ڌڻين پاران عظيم سنڌيءَ جو ...